مختصر خبرون
-
ھنڱورجا: سانحي عباس ٽائون ۾ شھيد ٿيل عبيدالله سومرو جو چاليھو ٿي گذريو
ڪراچي عباس ٽائون بم ڌماڪي ۾ شهيد جسقم اڳواڻ جو ٽيجهو سوين ماڻهن جي شرڪت ، جسقم جي سڏ تي هنڱورجا ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي قومي شاهراهه تي ڌرڻو
وڌيڪ پڙھو -
سکر: تعليم ڄاڻ لاءِ سيمينار منعقد ٿيو
بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي سوشل ويلفيئر اسوسيئيشن ۽ ٻين تنظيمن پاران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال سکر ۾ تعليم ڄاڻ لاءِ سيمينار ٿيو، جنهن جو خاص مهمان پراونشنل ڊائريڪٽر بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي غلام نبي سيال هو، سيمينار ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد معروف ٻانڀڻ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اختر حسين ميمڻ، ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلبر ميراڻي ۽ نواب علي سمون سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا، جن سيمينار ۾ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي استادن سکر سان تعلق رکندڙ سوين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران احتجاجي جلسو
آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران يوم مطالبات جو احتجاجي جلسو محمد بن قاسم پارڪ ۾ منعقد ڪيو ويو، ۽ ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي يونين جي زونل چيئرمين سيد زاهد حسين شاهه، عبدالحليم آخوند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته واپڊا ملازمن جي اپ گريڊيشن ڪئي وڃي، واپڊا ۾ ڀرتي ملازمن جي ٻارن جي 3 3 فيصد ڪوٽه مقرر ڪئي وڃي، واپڊا کاتي ۾ سي بي اي يونين جو تعين ڪرڻ جي لاءِ ريفرينڊم جو اعلان ڪيو وڃي، ۽ ٻيا مطالبا پيش ڪندي حڪومت کي چيو ويو ته واپڊا ملازمن جا مطالبا جلد تسليم ڪيا وڃن.
وڌيڪ پڙھو -
صالح پٽ مليريا وگهي وڌيڪ ڪيترائي ٻار اسپتال ڀيڙا
صالح پٽ مليريا وگهي وڌيڪ ڪيترائي ٻار استپال ڀيڙا پي پي ايڇ آءِ سکر جي انچارج نسيم ميراڻي بي ايڇ يو صالح پٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي ايڇ او طرفان مکڻ پاڻ کائن ٿا ۽ لسي پي پي ايڇ آءِ جي حصي ۾ اچي ٿي سنڌ حڪومت طرفان ڊي ايڇ او کي 88 سيڪڙو ۽ پي پي ايڇ آءِ کي 12 سيڪڙو ملي ٿي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: ڪمشنر گلن جي نمائش جو افتتاح ڪيو
ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ موسم بهار جي آمد جي مناسبت سان غوري ڊپارٽمينٽل اسٽور سکر جي شاخ آئي ڪون طرفان لڳايل گلن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. انهي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سڀني کي گهرجي ته گلڪاري ۽ وڻڪاريءَ کي فروغ ڏيون، جنهن سان ماحول خوبصورت ۽ دلڪش بڻجي پوي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
سکر ۾ لاڳيتو پوندڙ برسات سبب جيالي جو گهر زبون
سکر ۾ لاڳيتو پوندڙ برسات سبب جيالي جو گهر زبون،پ پ ايم اين اي ، اڳواڻن ۽ ضلعي انتظاميا جي دلاسن باوجود ڪو عملي ڪم نه ٿيڻ تي پارٽي اعليٰ پارٽي قيادت ۽ اختيارين کي مدد جي اپيل خبر موجب سکر جي اسٽيشن روڊ تي منور مسجد پويان پيپلز پارٽي يوسي 7 جي اڳواڻ نفيس مغل جو ريلوي ڪوارٽر پيل برساتن جي ڪري انتهائي زبون حالي جو شڪار ٿي ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي اسڪولن جو اوچتو معائنو
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي سيشن جج سکر جي 30 کان وڌيڪ اسڪولن جو اوچتو معائنو، غير حاضر رهڻ وارن استادن کي باقاعده حاضر رهڻ، اسڪول ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ کان علاوه صفائي سٿرائيءَ جون به هدايتون ڪيو ويون
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا:شهيد جسقم عبيد الله سومرو جو ٽيجهو اربع تي ٿيندو
ڪراچي عباس ٽائون سانحي ۾ شهيد جسقم اڳواڻ عبيد الله سومرو جو ٽيجهو سڀاڻي هنڱورجا جي سومرا محلا ۾ ٿيندو جڏهن ته وارثن سان تعزيت جي سلسلو پڻ جاري آهي
وڌيڪ پڙھو -
پنوعاقل: عورت سان ڏاڍائي جي ڪوشش، وارثن پاران احتجاج
پنوعاقل جي علائقي بشيرآباد ۾ عورت سان جوابدارن جي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش واري عمل خلاف عورت جي مڙس ۽ ٻين وارثن سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪيو
وڌيڪ پڙھو -
سکر: گڏاڻي برادري پاران چونڊن ۾ صوبائي تڪ تي اميدوار بيهارڻ جو اعلان
سکر جي گڏاڻي برادري طرفان ايندڙ چونڊن ۾ صوبائي تڪ تي پنهنجو اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سکر جي گڏاڻي برادري طرفان حضوربخش گڏاڻي اڳواڻو ڪونسلر حاجي خان گڏاڻي، محمد مراد گڏاڻي سميت گڏاڻي برادري جي ٻين ماڻهن جو هڪ اجلاس ٿي گذريو
وڌيڪ پڙھو