مختصر خبرون
-
صالح پٽ شهر ۽ پس گردائي ۾ عطائي ماروئڙن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ لڳا
صالح پٽ : صالح پٽ شهر ۽ پس گردائي ۾ 300 کان وڌيڪ عطائي ڊاڪٽرن اٻوجهه غريب ماروئڙن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ لڳا 100 کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽور بنا لائيسنس جي هلڻ لڳا لائيسنس واري ميڊيڪل اسٽورن تي انڊيا جون سستيون دوائون ۽ سيمپل مدي خارج دوائون کلي عام هلڻ لڳيون
وڌيڪ پڙھو -
صالح پٽ : وفاقي وزير 17 مارچ کان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه پاران صالح پٽ ۾ مليريا جي بخار ۽ مريضن جي وڌي وڃڻ جو نوٽيس وٺندي بلڊ بينڪ اسپتال سکر طرفان صالح پٽ جي علائقي ڳوٺ کبڙي ڀٽ ۾ 17 مارچ کان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائڻ جو حڪم ڏنو آهي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا ۾ ٽن ڏينهن جي عورتن جي بيمارين واري ڪئمپ لڳائي وئي
لڪياري ويلفيئر ٽرسٽ پاران سيد ارشاد احمد شاهه ميموريل اسپتال ۾ ٽن ڏينهن جي عورتن جي بيمارين واري ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ملڪ جي نالي وارن ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين شير شاهه سيد ، ڊاڪٽر افتخار احمد، ڊاڪٽر زويا خان ۽ ٻين پنجاهه کان وڌيڪ داخل عورتن جا مختلف بيمارين جا آپريشن ڪري کين کي مفت دوائون پڻ فراهم ڪيو ويون
وڌيڪ پڙھو -
سکر: مڊل ڪلاسن جا پيپر اڳواٽ آئوٽ
سکر ۾ امتحانن کان اڳ ئي ۾مڊل ڪلاسن جا پيپر اڳواٽ آئوٽ ٿيندي 100 کان 500 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳا ،تعليم کاتي جي ڪارڪردگي بدترين ٿي وئي خبر موجب 16 مارچ کان شروع ٿيندڙ مڊل ڪلاسن ڇهين کان اٺين ڪلاس جا امتحان شروع ٿيندا جنهن کان اڳ ئي گذريل ڏينهن سکر ۾ اسلاميات جو پيپر آئوٽ ٿي 100 کان 500 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي اهاصورتحال تعليم کاتي جي پت وائکي ڪري ٿي .
وڌيڪ پڙھو -
ڄامشورو: سنڌالاجي وٽ انڊس ھاءِ وي تي حادثو، ھڪ فوت
سنڌالاجي وٽ انڊس ھاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جو رڪشا ۽ موٽر سائيڪل کي ٽڪر، رڪشا ڊرائيور ٿڏي تي فوت، رڪشا۾ سوار 4 لمھس ايم بي بي ايس سيڪنڊ ييئر جون شاگردياڻيون سخت زخمي، موٽرسائيڪل، ڇوڪريون، لاش ۽ موٽرسائيڪل سوار لمھس ڄامشورو اسپتال منتقل، آپريشن جاري، ياد رھي تي ڇوڪريون ھاسٽل کان رڪشا ۾ سوار ٿي ڪراچي لاءِ وڃي رھيون ھيون ته سنڌالاجي وٽ حادثو ٿيو.
وڌيڪ پڙھو -
پٽ جي علاج لاءِ پيءَ جي چيف آف آرمي اسٽاف کي اپيل
سکر جي علائقي صالح پٽ جو رهواسي بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا پاڪستان آرمي جي مجاهد فورس جي جوان جو والد ان جي علاج جي لاءِ ٻارن سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي ويو. مجاهد فورس جي جوان امام بخش سومرو جي والد الهداد سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ امام بخش آگسٽ 2012 ۾ بيمار ٿيو ته اسان ان جو علاج ڪرايو
وڌيڪ پڙھو -
سکر: بي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو باندي بڻايل 10 سالن جو ٻارڙو بازياب
سکر۾ بي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، 5 ڏينهن کان باندي بڻايل 10 سالن جو ٻارڙو بازياب خبرموجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر جي عدالت ۾شهر جي علائقي گڏاڻي ڦاٽڪ جي رهندڙ شمس الدين کوسو ايڊوڪيٽ قربان علي شر معرفت داخل ڪرايل درخواست ڄاڻايو ته سکر بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ان جي 10 سالن جي پٽ امتياز کي بنا ڪنهن جواز جي گهرمان گرفتار ڪري گذريل 5 ڏينهن کان لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آه
وڌيڪ پڙھو -
شيعا ايڪشن ڪميٽي ضلع سکر پاران مسيحي برادري تي حملي جي مذمت
شيعا ايڪشن ڪميٽي ضلع سکر پاران چيئرمين سيد فدا حسين موسوي ، جنرل سيڪريٽري مولانا علي بخش سجادي چيو آهي ته هڪ شخص جي گستاخي ڪرڻ ۽ بلاجواز سڄي آبادي ۽ مسيحي عقيدي کي پيروڪارن کي سزا ڏيڻ ۽ جذباتي ٿي ڪري اسلام جي نالي تي ڪاروائي ڪري بي گناهه ماڻهن جي گهرن کي ساڙڻ اسلام جي تعليم جي خلاف آهي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: پاڻي جي تلاء ۾ پير ترڪڻ سبب معصوم نينگر ٻڏي فوت
هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ بچل ڀنڀرو ڀرسان پاڻي جي تلاء ۾ پير ترڪڻ سبب 6 ورهين جو معصوم نينگر عيدل ولد شهبازي راهو ٻڏي فوت ٿي ويو هڪ ڪلاڪ کان پوءِ مال چاريندڙن ڌنارن سندس جو لاش پاڻي جي تلاء مان ڪڍي ورتو . معصوم جو لاش جڏهن گهر پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو سندس جي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا کيس کي اباڻي قبرستان پير دلارشاهه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه ويجهو راڌڻ موٽر سائيڪل ۽ گڏهه گاڏي جي وچ ۾ ٽڪر
باڊهه ويجهو راڌڻ روڊ تي گهانگرڪي ٻيلي وٽ موٽر سائيڪل ۽ گڏهه گاڏي جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ باڊهه واسي موٽر سائيڪل سوار 20 سالا نوجوان وحيد موريو سخت زخمي ٿتي پيو، جنهن کي باڊهه هيلٿ سينٽر ۾ آڻڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو.
وڌيڪ پڙھو