مختصر خبرون
-
دادو: درگاهه جڙيل شاهه گھٽي ۾ دوڪان جي مالڪيءَ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو
دو شهر ۾ درگاهه جڙيل شاهه گھٽي ۾ دوڪان جي مالڪيءَ تان مــــلاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو تڪرار تيز ٿي ويو. هڪ ڌر پاران دوڪان ڊاهـــڻ جي ڪوشش اڌ دوڪـان ڊاهـــي ڇـــڏيو.
وڌيڪ پڙھو -
نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ علامتي بک ھڙتال
ڊراما نويس ۽ ليکڪ عزير ڪنگراڻي جي ڀاءُ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جا قتل کي 5 ڏينھن گذري وڃڻ باوجود قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سپ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسقم ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن پاران غلام نبي باھوٽو، يونس سولنگي، خادم باھوٽو، پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪري مطالبو ڪيو ته قاتل گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
سکر:ڪار پارڪ ڪرڻ تان وڪيل ۽ميڊيڪل ريپ وڙهي پيا
سکر ۾ ڪار پارڪ ڪرڻ تان وڪيل ۽ميڊيڪل ريپ وڙهي پيا، ٽي ڄڻا زخمي هڪ ڄڻو گرفتار ،خبر موجب ڪالهه سکر بئراج ڀرسان انٽرپاڪ هوٽل ۾ سکرغلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين ڪاليجن پاران سمپوزيم جو پروگرام ٿيو جنهن ۾ شرڪت لاءِ هڪ وڪيل احمد يحيٰ ميمڻ جڏهن گاڏي پارڪ ڪئي ته گاڏي جو سائيڊ وارو شيشو ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي ويو
وڌيڪ پڙھو -
نگران وزيراعظم جي نالي تي ڪو به ڊيڊ لاڪ نه ٿيندو : قمر زمان ڪائره
پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي نالي تي ڪو به ڊيڊ لاڪ نه ٿيندو، اڄ پاڪستان جي حڪومت پرويز مشرف جي ساٿين جي سهاري بيٺل آهي
وڌيڪ پڙھو -
9 ڄڻا گرفتاري کان پوءِ گم، عدالت پوليس کي طلب ڪري ورتو
صالح پٽ پوليس پاران 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي 20 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، خبر موجب سکر جي تعلقي صالح پٽ جي 71 پل ٿرڙي واري علائقي جي رهواسي پينو فقير محمد حيات حاجاڻو وڪيل عبدالحڪيم سانگي وسيلي داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته صالح پٽ پوليس بغير ڪنهن جواز جي ان جي گهر تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد عبدالوحيد ، سعيد، غلام نبي سندس زال اُڀائي سندس 5 سالن جي پٽ دچرو، معصوم ڌيءَ ثمينه، راڻو، لال خاتون، سندس ڌيءَ فرزانه، فوزيا، کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي هينئر پوليس مون ۽ منهنجي ڀائرن کي اڳواڻي تعلقه ناظم روهڙي جي فارم هائوس تان ٽرانسفارمر چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهي .
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو
هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي هڪ ئي رات ۾ قومي شاهراهه تي ٻن هنڌن تان مسافر گاڏين کان ڦر لٽ ، لنڪ روڊ تان هٿياربند هوٽل مالڪ کان موٽر سائيڪل فري فرار ڪيس داخل نه ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: جسقم پاران ڪارڪن تي تشدد خلاف 20 مارچ صوڀوديرو شهر ۾ شٽربند هڙتال
جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري علي عثمان ميمڻ ، نظير احمد لنڊ، ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار هنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جسقم صوڀوديرو جي صدر حاڪم منگي تي پوليس تشدد خلاف 20 مارچ تي صوڀوديرو شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ا
وڌيڪ پڙھو -
سنڌي قديمي ٻيٽن جو وڪرو بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي،جيئي سنڌ تحريڪ
سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي وڪري ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف باڊهه ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران ٽائون هال اڳيان آصف عباسي، مسلم ، ارمان مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
جسمم دادو پاران سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ احتجاجي مظاھرو
جسمم دادو پاران سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ ذوالفقار آباد رٿا ڪرڻ خلاف ڊاڪٽر هارون ڀرڳڙي، انور ٻرڙو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو۽ پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن سپريم ڪورٽ يورپي يونين کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان سرڪار تي دٻاءُ وجھي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن.هنن کي وڪرو نه ڪري، حڪومت پنهنجو فيصلو وپس وٺي، نه ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
پي پي حڪومت پنج سال جي دور حڪومت ۾ ڪرپشن ڏني، الطاف حسين مشوري
مسلم ليگ هم خيال گروپ سنڌ جي نائب صدر سردار الطاف حسين مشوري هنڱورجا لڳ نهال ڳڙه ۾ جشن نجات واري جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پي پي حڪومت پنج سال جي دور حڪومت ۾ ڪرپشن، بيروزگاري م بدحالي کان سواءِ عوام کي ڪجهه به نہ ڏنو
وڌيڪ پڙھو