مختصر خبرون
-
دادو: نصرالله ڪنگراڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو
جوهي ۾ هٿيار بندن هٿان قتل ٿي ويل اديب،دانشور عزيز ڪنگراڻي جي ڀاءُ نصرالله ڪنگراڻي جي قتل خلاف عزيز ڪنگراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي عزيز ڪنگراڻي چيو ته منهجي ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار سري عام گھمي رهيا آهن پوليس هنن سان ٻڌل آهي هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي مان سپريم ڪورٽ ۾ ويندس
وڌيڪ پڙھو -
دادو: ديهه ڀنڊ جي رهواسين پاران زمين تي قبضي خلاف مظاھرو
ديهه ڀنڊ جي رهواسين بااثر ماڻهن پاران زمين تي قبضي خلاف پنهل خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ خاصخيلي اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ دادو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو اڳواڻن چيو ته پير مظهر جي ڀاءُ پير منور پنهل خاصخيلي جي 19ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي. هو با اثر آهي اسان غريب آهيون زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
جسمم دادو پاران مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي خلاف مظاهرو
جسمم دادو پاران مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي خلاف اسحاق ڀرڳڙي ،سرمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ دادو پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن چيو ته مذهبي انتهاپسندي وڌي وئي آهي سڄي دنيا لپيٽ ۾ آهي.حڪومت پاڪستان ملڪ مان دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي هنن چيو ته مذهبي انتهاپسندي ختم ڪرائي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
جوھي: پوليس قاتلن جي پٺ ڀرائي ڪري رھي آھي، عزيز ڪنگراڻي
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال، ٻئي پاسي ڊراما نويس عزيز ڪنگراڻي انڊس نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ڀاءُ کي قتل ڪندڙ شھر ۾ سرعام گھمي رھيا آھن پر پوليس گرفتار ڪرڻ بجاءِ ڪيس کي ڪمزوري ڏانھن ڌڪي رھي آھ
وڌيڪ پڙھو -
جوھي: مذھبي انتھاپسندي خلاف جسمم پاران مظاھرو
جوھي: جسمم جي مرڪزي سڏ تي جسمم پاران مذھب جي آڙ ۾ معصوم انسانن جي قتل عام خلاف مخدوم بلاول پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي.
وڌيڪ پڙھو -
جوھي: نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 7 ڏينھن به مظاھرو
سنڌيونائيٽيڊ پارٽي اڳوڻ نصرالله ڪنگراڻي ۽ پروفيسر عزيز ڪنگراڻي جي ڀاءُ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 7 ڏينھن به سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جسقم، ۽ شھرين پاران پريس ڪلب اڳيان مظاھرو، اڳواڻن انڊس نيوز سان ڳالھائيندي چيوته نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل سرعام شھر ۾ گھمندا وتن ٿا ۽ پوليس ھٿ ھٿ تي رکي ويھي رھي آھي، اسان اعلٰي اختيارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته قاتلن کي گرفتار ڪري، نصرالله ڪنگراڻي سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: شھري لٽجڻ لڳا، پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ناڪام
هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني جو راڪاس پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ناڪام، هڪ ئي رات ۾ ڦر جون ٻه وارداتون ڦورو صحت کاتي جي آفيسرن کي به ڦري ويا ڪيس داخل نه ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
صالح پٽ: جنوجي ۾ ٽن ڏينھن واري ڪيمپ سومر کان شروع ٿيندي
صالح پٽ: صالح پٽ پي پي ايڇ آءِ طرفان جنوجي ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳائڻ لاءِ ايندڙ سومر کان ٽن ڏينھن واري ڪئمپ هڻڻ جو اعلان ڪندي انچارج سکر نسيم ميراڻي ۽ سيد حيدر علي شاهه صحافن سان ڳالهائيندي چيو ته مليريا پيٽ جون بيماريون چمڙي جون بيماريون عام شڪايتون اچڻ بعد ماهر داڪٽرن جي ٽيم سان جنوجي شفا خاني تي ڪئمپ لڳائي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
صالح پٽ: اسڪول بند هجڻ خلاف معصوم ٻارڙن جو احتجاجي مظاهرو
ديهه ٽورين ۾ ڳوٺ نبن ڀنڀرو پرائمري اسڪول بند هجڻ خلاف ڄام خان شنباڻي جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڪيترن ئي سالن کان سندن اسڪول بند آهي جڏهن ته استاد گهر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي هنن چيو ته تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کي دانهڻ باوجود ڪوبه عمل نٿو ٿئي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته اسڪول کولي معصوم ٻارڙن جو مستقبل روشن ڪيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
صالح پٽ :سورهيه بادشاه ورسي پروگرام جي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻيون
حر جماعت طرفان جيو فقير درگاهه تي سورهيه بادشاه ورسي پروگرام هر سال جيان ملهائڻ جو اعلان ڪندي مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون وين جنهن ۾ خان محمد چنه ، عطا محمد مهر نياز ڀنڀرو مير دين شنباڻي ۽ بين چيو ته سنڌي جي عظيم هستي سورهيه بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هر سال جيان هن سال به پروگرام فيصلا ڪاميٽي جي چيئرمين فقير غلام قادر پنهنيار جي سرپرستي ۾ ملهايو ويندو
وڌيڪ پڙھو