مختصر خبرون
-
پڪاچانگ: ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ،فائرنگ، ھڪ زخمي
پڪاچانگ جي شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ، گولين لڳڻ سبب ھڪ شخص علي محمد سخت زخمي ٿي پيو، اسپتال داخل، حالت خطري کان ٻاھر
وڌيڪ پڙھو -
گڏيجي: انڪروچمنٽ ختم ڪرائي وئي وڃي، آصف رضا شاهه
گڏيجي جي رهواسي سيد آصف رضا شاهه پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته با اثر گڏيجي ۾ محلي جي گهٽي ۾ انڪروچمنٽ ڪري گهٽي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري شهرين ۽ محلي واسين جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
جوهي: پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري، مظاھرو
جوهي ۾ ليکڪ عزيز ڪنگراڻي جي ڀاء نصرالله جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي پاران غلام قادر لغاري، سلطان کچي،غلا نبي باهوٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
جوھي ۾ نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
ايس يو پي اڳواڻ ۽ عزيز ڪنگراڻي جي ڀاءُ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سياسي، سماجي ڌڙن پاران غلام قادر لغاري، پير بخش ٻٻر، غلام نبي باھوٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو، ٻي طرف تاريخي قبرستان تي قبضو ڪري قبرون مسمار ڪرڻ خلاف شھرين، مذھبي تنظيمن جي اڳواڻ سيد نور محمد شاھ جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
عام اليڪشن ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي،اختر راڄپر
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل تعلقه فيض گنج جي صدر ۽ پي ايس 31 جي اميدوار اختر راڄپر چيو آھي ته ھن ڀيري عوام پي پي کي ر ڪري ڇڏيندو ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي
وڌيڪ پڙھو -
جوهي جي قديمي (ميرن) جي قبرستان تي قبضا مافيا پاران هڪ دفعو ٻيهراڏواتي ڪم
جوهي جي قديمي (ميرن) جي قبرستان تي قبضا مافيا پاران هڪ دفعو ٻيهر قبرن کي مسمار ڪري اڏواتي ڪم شروع ڪري ڏنو، اهڙي خبر پوڻ تي جوهي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن سيد نور محمد شاهه، غلام نبي باهوٽو، يونس سولنگي، محبوب ٻٻر، عبدالله کوسو ۽ ٻيا شهري جوهي ٿاڻي تي پهچي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سان ملي ڪم بند ڪرايو
وڌيڪ پڙھو -
مورو: ڪڻڪ جي گودام کي باھ
مورو: باءِ پاس روڊ تي بجلي جي شارٽ ڪرنٽ سان عاقب جتوئي جي گودام ۾ باھ لڳي ويئي، 40 مڻ ڪڻڪ سڙي ڪري رک ٿي ويئي. فائربرگيڊ جي عملي باھ وسائي ڪري وڏي نقصان کان بچائي ورتو.
وڌيڪ پڙھو -
جوھي: تاريخي قبرستان تي قبضو، انتظاميه خاموش
سرڪاري پلاٽن اريگيشن، واٽر سپلاءِ جي پلاٽن کان پوءِ قبضا مافيا پاران دادو جوھي مين روڊ سان تاريخي قبرستان جي پلاٽ تي قبضو ڪري اڏاوتي ڪم شروع ڪري ڏنو
وڌيڪ پڙھو -
سيٺارجا: روهڙي ڪئنال ۾ زال مڙس ٽپو ڏئي ڇڏيو
هنڱورجا ٿاڻي جي حد روهڙي ڪئنال ۾ سيٺارجا جي ڳوٺ محمد صادق ڪٻر جي رهواسي زال مڙس ٽپو ڏئي ڇڏيو مڙس کي زندهه حالت ۾ ڪئنال ۾ ڪڍيو ويو، زال جو اڃان تائين لاش هٿ نه اچي سگهيو گهر ۾ ڪهرام متل لاش جي ڳولها ۾ پوليس انتظاميه ڪي به قدم نه کنيا
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: قومي شاهراهه تي تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ پيڊل سائيڪل جي وچ ۾ زوردار ٽڪر
هنڱورجا لڳ قومي شاهراهه تي پير پريل اسٽاپ جي سامهون تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ پيڊل سائيڪل جي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه سالا معصون نينگر پپو لاشاري، مسمات عجيبان لاشاري، نوجوان مشتاق لاشاري ۽ سائيڪل سوار درويش ڪوري شديد زخمي ٿي پيا جن کي هنڱورجا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو حادثي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو