مختصر خبرون
-
جوھي: صحافي سنگت پاران اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو
جوھي: واھي ٻانڌي، سنڌ صحافي سنگت تعلقه جوھي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ يعقوب رستماڻي طرفان پي ايس 75 تي آزاد اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو، اليڪشن مھم جاري
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: ڄامشورو جي سينيئر صحافي کي ملندڙ ڌمڪين خلاف صحافين پاران سخت احتجاج
ڄامشورو جي سينيئر صحافي علي مراد چانڊيي کي ملندڙ ڌمڪين خلاف باڊهه جي صحافين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن ۾ عبدالمجيد جهتيال، عزيز بروهي، خادم سومرو، مهراڻ چانڊيو، نظام ڪولاچي، فقير فياض ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو پوليس ڪينٽين تي ويٺل صحافي کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي پنهنجي ڪڌي ذهنيت جو اظهار ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: ايس ايڇ او جي گاڏي روڪي ڦرڻ جي ڪوشش
هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ڪورائي ٿاڻي جو ايس ايڇ او جي گاڏي روڪي ڦرڻ جي ڪوشش هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ايس ايڇ او ۽ گارڊ زخمي هٿياربند فرار، پوليس کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻائي ڀر واري ڳوٺ ۾ هڻي ٻن ڄڻ کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا:ڪراچي واسي مغوي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ بازياب
ڪراچي جي ڪاٺوڙ مان اغوا ٿي ويل مغوي کي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوا ايس ايس پي خيرپور سيد اصغر علي شاهه ٻڌايو ته ڪراچي جي ڪاٺوڙ گڏاپ مان ٻه مهينا اڳ اغوا ٿي ويل محمد جوکيو کي هٿياربند ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ کان ٻي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا:رسول آباد يوسي جي صفائي واري عملي کي چار مهينن کان پگھارون نه مليون
رسول آباد يوسي جي صفائي وارن ملازمن جو چار مهينن کان پگارون نه ملڻ جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال شروع ڪري ڏني
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: روهڙي ڪئنال ۾ٽپو ڏئي آپگھات ڪندڙ عورت جو لاش هٿ
هنڱورجا لڳ روهڙي ڪئنال ۾ چار ڏينهن اڳ ٽپو ڏئي آپگھات ڪندڙ عورت جو لاش هٿ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي تفصيل موجب هنڱورجا لڳ روهڙي ڪئنال ۾ چار ڏينهن اڳ شادي شده عورت مسمات عظيمان ڪٻر ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو هيو
وڌيڪ پڙھو -
جوهي: پنهور برادري پاران پي ايس 75 تي آزاد اميدوار بيهارڻ جو فيصلو
جوهي تعلقي جي پنهور برادري جي معززين جي گڏجاڻي گهرائي وئي جنهن ۾ پنهور برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي برادري پاران پي ايس 75 تي علي انور پنهور کي آزاد اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
اين اي 216 ۽ پي ايس 31 تي مختلف اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول
اين اي 216 ۽ پي ايس 31 تي مختلف اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا ذريعن موجب اين اي 216 ۽ پي ايس 31 تي مختلف اميدوارن جنهن ۾ مسلم ليگ ف طرفان اڳوڻي ايم پي اي رفيق ٻانڀڻ ، شاهد شر ، اختر راڄپر ، ن ليگ طرفان اصغر اعواڻ ،عنايت هيسباڻي ، سردار کوسو ، فيروز چانگ، پ پ پ طرفان ساجد ٻانڀڻ ، زاهد ، ڪاشف ٻانڀڻ ، نزير هيسباڻي ، بخت هيسباڻي، شوڪت راڄپر ، شيراز شوڪت، سيد جيئل شاه طرفان وصول ڪيا ويا
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: آل سنڌ ڪنڀر اتحاد پاران مشروط طور ووٽ ڏيڻ جو فيصلو
باڊهه: آل سنڌ ڪنڀر اتحاد بادهه جي سڏايل هنگامي اجلاس ۾ عام چونڊن ۾ اميدوارن کي مشروط طور ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، آل سنڌ ڪنڀر اتحاد ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر رجب علي ڪنڀر جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
تعلقه اسپتال مورو انيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويئي
تعلقه اسپتال مورو انيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويئي، چار سال اڳ قائم ڪيل دل جو وارڊ آپريشنل نه ٿي سگھيو، غريب ماڻھن کي سخت مشڪلات جو منھن ڏسڻو پوي ٿو
وڌيڪ پڙھو