مختصر خبرون
-
جوھي: ڪاپي الزام ھيٺ 7 شاگرد گرفتار
ڊي ايس پي جوھي گل حسن گجر، حاجي خان امتحاني مرڪزن تان ڪاپي جي الزام ھيٺ 7 شاگردن جاويد جمالي، پريل لغاري، فاروق لغاري، سروس لغاري، عبيد ڪوريجو، قدير لغاري کي گرفتاري ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
پيپلز پارٽي عوام کي ڪرپشن مهانگائي بدامني کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو، ايم بي عباسي
اڳوڻي سفير ايران عراق ايم بي عباسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاران پنج سالن ۾ عوام کي ڪرپشن مهانگائي بدامني کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي
وڌيڪ پڙھو -
نصيرآباد: پي ايس 41 تي اميدوارن جا فارم بحال
نصير آباد: پي ايس 41 تي پ پ پ جي عزيز جتوئي، اسلامي تحريڪ جي علي گوھر شاھ، آزاد اميدوار جبران علي ڪلھوڙي ۽ ٻين جا فارم بحال ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
وومين پوليس اسٽيشن تي پهتل ناري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش
سکر عورت ٿاڻي تي پهتل ناري کي سي سيڪشن پوليس فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي مسمات راڻي سولنگي عدالت کي ٻڌايو ته 5 سال اڳ علي حسن سولنگي سان شادي ٿي جنهن مان کيس هڪ پٽ جي اولاد آهي
وڌيڪ پڙھو -
2 ڏينهن اڳ بازياب ڪرايل ناري بلقيس عدالت ۾ پيش
16 مارچ تي سکر نيوپنڊ جي آغا بدرالدين ڪالوني مان اغوا بعد سکر پوليس پاران 2 ڏينهن اڳ بازياب ڪرايل ناري بلقيس کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي هن جي مرضي بعد ناري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ کان پوءِ ان کي والدين حوالي ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: ڳوٺاڻي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش
رسول آباد لنڪ روڊ تي ٽي نامعلوم هٿياربندن ڳوٺاڻي محمود ڀٽو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڳوٺاڻن جي رڙين تي ڳوٺ ڀٽا ۽ ڏاهرين جي رهواسين پهچي هڪ ڦورو معشوق احمد کي پسٽل سميت پڪڙي پوليس حوالي ڪيو جڏهن ته ٻه ڦورو فرار ٿي ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
اڳوڻو ڪائونسلر وزير حسين ڦلپوٽو 70 ورهين جي ڄماري ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
باڊهه: باڊهه شهر جي سياسي ۽ سماجي شخصيت اڳوڻو ڪائونسلر ۽ ڦلپوٽا برادري جو چڱو مڙس وزير حسين ڦلپوٽو ڪجهه وقت کان وٺي فالج ۽ دل جي بيمارين ۾ مبتلا رهڻ بعد 70 ورهين جي ڄماري ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: بوائز هاءِ اسڪول جو استاد غلام رضا سرگاڻي لاڏاڻو ڪري ويو
باڊهه ويجهو ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ بوائز هاءِ اسڪول جو استاد غلام رضا سرگاڻي ڪجهه وقت ڪاري ڪامڻ جي موذي مرض ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ ڪالهه 40 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا:سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، ڪاظم علي شاهه لڪياري
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري هنڱورجا ۾ ڪارڪنن جي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي دعوا ڪئي آهي ته 11 مئي تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ مخالف اميدوار کي شڪست ڏيندس.
وڌيڪ پڙھو -
گسٽا يونٽ هنڱورجا. رسول آباد، بچل ڀنڀرو جا عهديدار چونڊجي ويا
گسٽا يونٽ هنڱورجا، رسول آباد، بچل ڀنڀرو جا عهديدار چونڊجي ويا، تفصيل موجب گسٽا يونٽ هائيرسيڪنڊري اسڪول هنڱورجا جي اليڪشن ۾ مشتاق سهتو صدر، مير خان مڱڻيجو جنرل سيڪريٽري، رسول آباد هاءِ اسڪول يونٽ جي چونڊ ۾ محمد امين ميمڻ صدر، منظور حسين ميمڻ جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا
وڌيڪ پڙھو