مختصر خبرون
-
دادو: جوهي ۾ معصوم شاگرد نظام ٻٻر سان زيادتي خلاف مظاهرو
دادو جوهي ۾ معصوم شاگرد نظام ٻٻر سان زيادتي خلاف دادو ۾ سي آر سي پاران نياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو اڳواڻن چ يو ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا ۾ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ نوجوانن پاران ڪوڙن آرڊرن ڏيندڙ خلاف احتجاجي مظاهرو
هنڱورجا ۾ لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ بيروزگار نوجوانن نوڪرين جا ڪوڙا آرڊر ڏيندڙ خلاف خير محمد کهڙو، عنايت ابڙو، عبدالوحيد چانڊيو، ڪرم حسين، زبير، صادق علي ، غلام قادر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو پهچي سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
اليڪشني ڀوتار رنگين نعرن ذريعي عوام کي بيوقوف بڻائي رھيا آھن، مقصود خان قريشي
جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ مقصود خان قريشي چيو آهي ته اليڪشني ڀوتار وري ٻيهر سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي مختلف رنگين نعرن زريعي بيوقوف بڻائي پنهنجا پيٽ ڀرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪتل آهن
وڌيڪ پڙھو -
جوهي: مڇر دانيون ( مهارا) صحت کاتي پاران من پسند ماڻهن ۾ تقسيم
جوهي شهر ۾ ڪيترن سالن کان مڇر مار ڦونهارو نه ٿيو ، مڇرن کان بچاء لاءِ مڇر دانيون ( مهارا) پڻ صحت کاتي پاران من پسند ماڻهن ۽ روشوت عيوض وڪرو غريب شهري پريشان ڪيترا ماڻهو مليرا ۽ خارش ۾ مبتلا
وڌيڪ پڙھو -
مورو: ٽرڪ ٻورين سميت ڦر، پوليس تماشائي بڻيل
مورو ڀرسان دادو مورو پُل وٽ دادو پوليس جي حد ۾ نا معلوم هٿيار بند ڪڻڪ جي ٻورين سان ڀريل ٽرڪ کي روڪي ٽرڪ مالڪ جاويد سولنگي، نواب سولنگي ۽ ڊرائيور عبدالجبار سولنگي کي يرغمال بڻائي انهن جا هٿ پير ٻڌي ڪڻڪ جي ٻورين سان ڀريل ٽرڪ کي ڪاهي فرار ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين پراجيڪٽ شروع ڪيو
ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو پڌرو ڪيو آهي ته هن اسپتال جي سڀني مريضن ۽ عام ماڻهن جي فائدي لاءِ سي ٽي اسڪين پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي جيڪو 1352 بيڊن تي مشتمل آهي
وڌيڪ پڙھو -
پنوعاقل: سينئر صحافي اڪبر علي شاھ دل جي تڪليف سبب سکر اسپتال داخل
پنوعاقل جي سينئر صحافي اڪبر علي شاھ دل جي تڪليف سبب سکر جي ديوان مشتاق اسپتال ۾ داخل دعائن جي اپيل،پنوعاقل جو جهونو ۽ جاکوڙي صحافي سيد اڪبر علي شاھ گذريل رات دير سان اچانڪ دل جي تڪليف ٿيڻ ڪري پنوعاقل اسپتال آندو ويو
وڌيڪ پڙھو -
معشوق علي شاھ جون مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون
سيٺارجا: پي ايس 33 پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل اميدوار پير معشوق علي شاھ جون مختلف ڳوٺڻ، ڳوٺ نوح پوٽه، ڏيپارجا ۽ سيٺارجا ۾ ڪارنر گڏجاڻيون.
وڌيڪ پڙھو -
پڪا چانگ: ساجد ٻانڀڻ کي پ پ پ طرفان ٽڪيٽ ملڻ خلاف مظاهرا
پڪا چانگ ساجد ٻانڀڻ کي اين اي 216 ۽ پي ايس 31 تي پ پ پ طرفان ٽڪيٽ ملڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڌرڻا سخت نعريبازي مختلف شهرن ۾ پ پ پ جي مختلف اڳواڻن جي حمايت ۾ ڌرڻا هنيا ويا.
وڌيڪ پڙھو -
اترئين سنڌ م پوليس آفيسرن جو بدليون
اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي آءِ جي سنڌ پوليس ايس ايس پي سکر پير محمد شاهه کي بدلي ڪري لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪري سندس جاءِ تي ايس ايس پي گهوٽڪي عرفان بلوچ کي ايس ايس پي سکر مقرر ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو