مختصر خبرون
-
اين اين 217 تي فنڪشنل ليگ ۽ پي پي جي اميدوارن پنهجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون
اين اين 217 تي فنڪشنل ليگ ۽ پي پي جي اميدوارن پنهجيون سرگرميون تيز ڪندي شهرين جا ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پيري پنڌ ورڪ شروع ڪري ڏني ڪيترين ئي برادرين فنڪشنل ليگ جي اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن ڏس ۾ فنڪشنل ليگ جي اين اي 217 جي اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري پنهنجي پارٽي ورڪرن سان گڏ هنڱورجا شهر جي بازار ۽ محلن ۾ پيري پنڌ شهرين وٽ پهچي کين کي 11 مئي تي گل جي نشان تي ٺپو هڻڻ جي اپيل ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ ٻڏي ويل ٻارڙن جا لاش ملي ويا
شهر جي پٺاڻ محله جي رهواسين پورهيت منظور علي چنو ۽ رجب علي چنا جا معصوم ٻارڙا 6 سالن جو شاهنواز ۽ 5 سالن معراج چنو پاڙي جي ٻارڙن سان گڏجي باڊهه شهر وچان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ لاءِ ويا جيڪي وهنجندي گهري پاڻي ۾ هليا ويا ۽ ٻڏي فوت ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
جوهي شهر تباهي جي ڪناري تي ، شهر پنهجي سونهن وڃائي ويٺو
جوهي شهر تباهي جي ڪناري تي ،جوهي شهر پنهجي سونهن وڃائي ويٺو محترمه بي نظير ڀٽو جي شها دت دوران 27 ڊسمبر 2007 ۾ سڙيل آفيسون ۽ رڪارڊ پڻ مڪمل نه ٿي سگهيو 5 ورهين دوران جوهي کي پيئڻ جو پاڻي ،زرعي پاڻي ملي نه سگهيو ٻوڏ دوران تباه ٿيل روڊ رستا مڪمل نه ٿيا
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا لڳ ٽن گھرن کي باھ
رسول آباد ڀرسان ڳوٺ غلام اڪبر لاشاري ۾ اوچتو باهه لڳڻ ڪري سولنگي برادري جا 3 گهر سڙي رک تفصيل موجب رسول آباد ڀرسان ڳوٺ غلام اڪبر لاشاري ۾ اوچتو سولنگي برادري جي گهرن کي باهه لڳي وڃڻ ڪري غلام نبي سولنگي، مور سولنگي ۽ گلزار سولنگي جا گهر سڙي رک ٿي ويا. گهرن ۾ پيل اناج ، هنڌ بسترا ۽ هزارين روپيه روڪ رقم ۽ هڪ مينهن سڙي فوت ٿي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
پي پي مان مايوس ماڻهن فنڪشنل ليگ ڏانهن رخ ڪيو آهي، ڪاظم علي شاھ لڪياري
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير ڪاظم علي شاهه لڪياري جا صوڀوديرو تعلقي جي مختلف يوسيز جي ڳوٺن ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ طوفاني دورا نواز ليگ اڳواڻن ڪامريڊ ضمير حسين سهتو، ذوالفقار سومرو ، نعمت الله ملاح، زاهد ملاح سميت 30 ڪارڪنن ۽ ڪنگري تعلقي جي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن علي بخش چانڊيو، ميرل چانڊيو، حاجي خادم چانڊيو، عرس چانڊيو، بشير احمد چانڊيو فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا ڏھر برادري جو احتجاج ختم
هنڱورجا جي ڏهر برادري جي ماڻهن جو بااثر پاران زرعي زمين تي قبضو ڪري پوکيل فصل کڻي وڃڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي ٽئين ڏهاڙي به قومي شاهراهه تي ڌرڻو ، منڱڻيجا برادري جي سردار جي يقين ڏيارڻ تي احتجاج ختم
وڌيڪ پڙھو -
لکي غلام شاهه ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زخمي ٿيل نوجوان سکر سول اسپتال ۾ فوت
لکي غلام شاهه ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زخمي ٿيل نوجوان سکر سول اسپتال ۾ فوت، خبر موجب لکي غلام شاهه جي علائقي وزير آباد ۾ 2 ڏينهن اڳ عبدالطيف مهر پنهنجي ڀيڻ گڏي مهر کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو ۽ سندس فائرنگ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان اورنگزيب مهر زخمي ٿيو جنهن کي سکر سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي هو زخمين جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو .
وڌيڪ پڙھو -
حيدرآباد: يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا ساليانه امتحان 16 مئي 2013 کان 31 مئي 2013 تائين جاري رهندا
تعليمي بورڊ حيدرآباد پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته هائيرسيڪنڊري سرٽيفڪيٽ پارٽ ون ۽ ٽو ( يارهين ۽ ٻارهين ) ڪلاس جي سمورن گروپن جا ساليانه امتحان 16 مئي 2013 کان 31 مئي 2013 تائين جاري رهندا.
وڌيڪ پڙھو -
صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه 20 اپريل ٽن ضلعن ۾ صحت جي مختلف اسڪيمن جو افتتاح ڪندو
صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه سڀاڻي 20 اپريل 2013 تي ڄامشوري ، حيدرآباد ۽ مٽياري ضلعن ۾ صحت جي مختلف اسڪيمن جو افتتاح ڪندو _ تفصيل موجب صحت کاتي وارو وزير سڀاڻي صبح جو 8 وڳي نوري آباد ضلعي ڄامشوري ۾ 30 بسترن تي مشتمل اسپتال جو افتتاح ڪندو جنهن کانپوءِ ساڍي 9 وڳي لمس اسپتال ڄامشوري جو دورو پڻ ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
نوان جتوئي سنڌ جي نوجوان، قومي، عوامي، مزاحمتي ۽ جمالياتي شاعر نماڻو سنڌي جي ڏهين ورسي ملهائي وئي.
نوان جتوئي ۾ سنڌ جي نوجوان، قومي، عوامي، مزاحمتي ۽ جمالياتي شاعر نماڻو سنڌي جي ڏهين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ نوان جتوئي ۾ ملهائي وئي. ان موقعي تي مختلف سياسي، سماجي ۽ قومي اڳواڻن خطاب ڪيو. صوفي فنڪارن راڳ جي ڀيٽا پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو.
وڌيڪ پڙھو