مختصر خبرون
-
پڪا چانگ ۾ فنڪشنل ليگ جي سڏ تي پر امن هڙتال روڊ بلاڪ
پڪا چانگ ۾ فنڪشنل ليگ جي سڏ تي پر امن هڙتال روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو ،ڪنب ۾ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙي ۾ فنڪشنل ڪارڪن فيروز گوپانگ قتل ٿي ويو علائقي ۾ ڇڪتاڻ جاري.
وڌيڪ پڙھو -
دادو جي ايس.ايس.پي نورالحق رند جي بدلي ڪئي وئي
آءِ.جي سنڌ جي حڪم تي دادو جي اڳوڻي ايس.ايس.پي نورالحق رند کي بدلي ڪري محمد علي بلوچ کي مقرر ڪيو ويو هو جنهن بعد فوري طور ان ايس.ايس.پي کي به بدلي ڪري سندس جاءِ تي اعتزاز احمد کي مقرر ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
دادو ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافو، مزدورفوت
دادو ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافو سول اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ پنجاب واسي مزدور احمد يار بيهوش ٿي ويو بعد ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو اسپتال جي عملي جو چوڻ آهي ته مريض کي اسان ڏانهن نه آندو ويو جنهن جي ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
اينٽي ڪرپشن ڄامشورو جي ڊي.ايس.پي جو روڊس آفيس دادو تي ڇاپو
عوامي شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن ڄامشورو جي ڊي.ايس.پي شبير ميمڻ جو روڊس آفيس دادو تي ڇاپو ريڪارڊ تهويل ۾ ورتو انجنئير روڊس دادو منير عباسي آفيس مان غائب ٿي ويو ڊي.ايس.پي پاران بقايا ريڪارڊ سميت انجنئير منير عباسي کي آفيس طلب ڪري ورتو
وڌيڪ پڙھو -
اليڪشن 2013 لائيو لاگ
ھتي اسان اوھان کي اليڪشن اپڊيٽ جي حوالي سان خبرون ڏيندا رھنداسين. [liveblog]
وڌيڪ پڙھو -
دادو پولنگ اسٽيشن تي جھيڙو، رينجرز طلب
الڪيشن 2013 جي چونڊن جي سلسلي ۾ ضلع دادو ۾ 618 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جن مان 88 پولنگ سٽيشنيون انتهائي حساس ۽ 172 حساس پولنگ اسٽيشنون قرار ڏنيون ويون
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: ٽنڊومستي مان اغوا ٿي ويل هنڱورجا واسي جسقم ڪارڪنن اڃان تائين بازياب نه ٿيا
ٽنڊومستي مان اغوا ٿي ويل هنڱورجا واسي جسقم ڪارڪنن سراج ميمڻ ۽ گسٽا اڳواڻ هاشم ميمڻ اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب نه ٿي سگهيا جڏهن ته پوليس انتظاميه به عام چونڊن جي انتظامن سبب مغوين جي بازيابي لاءِ غير سرگرم نظر اچي ٿي جنهن جي ڪري مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي
وڌيڪ پڙھو -
حاڪم علي جوکيو پ پ پ اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو
اين اي 217 ۽ پي ايس 34 جي آزاد اميدوار پي پي سٽي هنڱورجا جو صدر حاڪم علي جوکيو پي پي جي اميدوار سيد جاويد شاهه جيلاني ۽ نعيم احمد کرل جي حق ۾ هٿ کڻي ويو آهي. حاڪم جوکيو ٻڌايو ته محترمه فريال ٽالپر جي چوڻ تي هٿ کنيو آهي ۽ پي پي اميدوار جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
اليڪشن ۾ عورتن جو وڏو ڪردار هوندو ، بابن خان پنهور
پي.ايس 74 جي آزاد اميدوار بابن خان پنهور، اين.اي 232 جي آزاد اميدوار پرويز ڀرٽ ڪئيمپ آفيس ۾ عورتن کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ۾ عورتن جو وڏو ڪردار هوندو عورتون ان اميدوار کي ووٽ ڏين جيڪي عورتن جي حقن ۽ تعليم لاءِ آواز اٿارين اسان ڪامياب ٿي عورتن جي حقن ۽ تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪنداسين تقريب کي پي.ڊبليو.او جي چئرمين الطاف احمد پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
دادو ۾ مسلم ليگ (ف) جي مقبوليت ڏسي پ.پ وارا وائڙا ٿي ويا، نديم عباس ڪابورو
مسلم اسٽوڊنٽ فڊريشن ضلع دادو جو صدر نديم عباس ڪابورو چيو آهي ته دادو ۾ مسلم ليگ (ف) جي مقبوليت ڏسي پ.پ وارا وائڙا ٿي ويا آهن مسلم ليگ (ف) سڄي سنڌ مان سيٽون کڻندي ۽ سنڌ ۾ حڪومت فنڪشنل ليگ جي هوندي اين.اي 232 جو اميدوار سردار چاڪرخان شاهاڻي ۽ پي.ايس 74 جو اميدوار سيد محمد شاهه ڪامياب ٿيندا گذريل ڏينهن پير پاڳاري جي فرزند سيد عمر مصطفيٰ راشدي جو ڪامياب جلسو ٿيو
وڌيڪ پڙھو