مختصر خبرون
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي سکر مان اغوا ٿيل ٻن نارين کي هٿ ڪري 9 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي سکر مان اغوا ٿيل ٻن نارين کي هٿ ڪري 9 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو بچل شاهه مياڻي جي رهواسڻ ظهوران پاران سندس ٻن ڌيئرن تهمينا ۽ شمائلا جي اغوا خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي عدالت سکر ۽ شڪارپور پوليس کي سختيءَ سان حڪم جاري ڪيو آهي ته ٻنهي نارين کي بازياب ڪرائي سندن اغوا ۾ ملوث جوابدارن سميت 9 جون تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
نيو سعيد آباد شهر مان حددخلين جو فوري طور تي خاتمو آندو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر مٽِياري
نيو سعيد آباد شهر مان حددخلين جو فوري طور تي خاتمو آندو وڃي ۽ شهر جي صفائي ۽ نڪاسي آب جي نظام کي بنا دير درست ڪيو وڃي ۽ سرڪاري عملدار عوام جا مسئلا بنا ديرحل ڪن ۽ پنهنجون ذميواريون شهرين جي خدمت واري جذبي سان ادا ڪن
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: امتحاني سينٽر تي مقرر ايڪسٽرنل پنهنجي من پسند ٻارن کي ڪاپي ڪرائڻ ۾ مصروف
هنڱورجا جي گرلس هاءِ اسڪول امتحاني سينٽر تي مقرر ايڪسٽرنل پنهنجي من پسند ٻارن کي ڪاپي ڪرائڻ ۾ مصروف ، امتحاني مرڪز تي ڪاپي ڪرائيندڙن جو ميلو متل انتظاميه ڪابه ڪاروائي نه ڪئي تفصيل موجب يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جي هلندڙ امتحانن ۾ هنڱورجا جي گرلس هاءِ اسڪول امتحاني سينٽر تي مقرر ايڪسٽرنل من پسند ٻارن کي ڪاپي پهچائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه يونيورسٽي جي اندر هٿ سان جهيڙا ڪرائي تعليم کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي، جسمم
جسمم جي مرڪزي اڳواڻ خالد احمد شر ، ڊويزنل آرگنائيزر نورالله تنيو چيو آهي ته لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه يونيورسٽي جي اندر هٿ سان جهيڙا ڪرائي تعليم کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي شاگردن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجا مقصد ۽ يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي پر يونيورسٽي انتظاميه جي سڀني سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني فنڪشنل مسلم ليگ تعلقو ٺري ميرواهه جو صدر مقرر
پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني فنڪشنل مسلم ليگ تعلقو ٺري ميرواهه جو صدر مقرر ٿي ويو نوٽيفڪيشن جاري تفصيل موجب فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه لڪياري صوبائي صدر پير سيد صدرالدين شاهه راشدي جي مشاورت سان پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني کي فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي ٺري ميرواهه جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اڄ مورو ۾ پي ايس 19 ۽ پي ايس 22 ووٽن جي ڳڻپ ڪئي ويندي
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اڄ مورو رٽرننگ آفيسر وٽ اڄ پي ايس 19 ۽ پي ايس 22 تي ٻيهر گڻپ ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مورو جي رٽرننگ آفيسر وٽ ووٽن جي ٻيهر گڻپ ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
دادو: يارهين ۽ ٻارهين جي سالياني امتحان دوران ڪاپي جي ڌم
يارهين ۽ ٻارهين جي سالياني امتحان دوران ڪاپي جي ڌم رهي ضلع انتظاميان پاران قلم 144 لاگو هئڻ باوجود فوٽو اسٽيٽ جا دڪان کليل رهيا ۽ انتظاميان ڪاپي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي امتحاني سينٽرن ۾ سواليا پيپر نه پهتو جنهن سبب استادن بليڪ بورڊ تي سوال لکياجنهن کي ڏسي شاگردن جواب لکيا جڏهن ته امتحان دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شاگرد سخت پريشان ٿيا
وڌيڪ پڙھو -
مسلم ليگ فنڪشنل پاران اليڪشن ۾ مبينه ڌانڌلين خلاف احتجاجي مظاهرو
مسلم ليگ فنڪشنل پاران اليڪشن ۾ مبينه ڌانڌلين خلاف ضلع آفيس کان پريس ڪلب تائين عاشق پتافي،نديم عباس ڪابورو،حفيظ لاشاري،غني ٻٻر ۽ خالق چارڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پريس ڪلن آڏو ڌرڻو هنيو اڳواڻن چيو ته چونڊين واري ڏينهن سڄي سنڌ ۾ ريڪارڊ ٽوڙ ڌانڌليون ڪيون ويون
وڌيڪ پڙھو -
دادو: بيروزگاري کان تنگ ٿي نوجوان پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو
دادو ويجهو ڳوٺ فتح خان زئنور ۾ نوجوان مقبول زئنور بيروزگاري کان تنگ ٿي گلي ۾ رسو وجهي پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگھات ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
ن ليگ اڳواڻ جو ڀائٽيو ۽ پرائمري استاد 4 ڏينهن کان گم
مورو شهر جي محمدي محلا وارڊ نمبر 20 جو رهواسي ن ليگ اڳواڻ عبدالستار مغل جو ڀائيٽيو ۽ پرائمري استاد 4 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ، مورو ٿاڻي تي نا معلوم ماڻهن تي اين سي داخل، ماءُ کي بي هوشيءَ جا دورا، گهر ۾ ڏک واري صورتحال ڇانيل
وڌيڪ پڙھو