مختصر خبرون
-
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ، سنڌ جي صحت کاتي ۾ اسٽاف نرس لاءِ نيتجي جو اعلان ڪري ڇڏيو
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ، سنڌ جي صحت کاتي ۾ اسٽاف نرس بي پي ايس 16 (معذور ڪوٽا) جي خالي آسامين لاءِ اهل اميدوارن کان 17 جون 2013 تي ورتل انٽرويو ۾ محمد علي ولد گل حسن ، عبدالرسول ولدحاجي عبدالنبي جوکيو،سعيد فاطمه ولد محمد شريف ۽ جميلا ولد محمد حيات کي ڪامياب قرار ڏنو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
غلام مرتضى جتوئي صنعت ۽ پيدوار جو وفاقي وزير ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ نوان جتوئي ۾ ريلي
رئيس غلام مرتضى جتوئي صنعت ۽ پيدوار جو وفاقي وزير ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ نوان جتوئي ۾ مختلف برادرين جنهن ۾ کوسه برادريءَ، مستوئي برادريءَ ، گبول برادريءَ، جتوئي برادريءَ، ميمڻ برادريءَ، خاصخيلي برادريءَ، ڀٽي برادريءَ، ڏهر برادريءَ، اُتيرا برادريءَ، شينو برادريءَ، پنهور برداريءَ، چنه برادريءَ ۽ ٻين بردارين طرفان ايوب کوسو، رئيس عبيدالرحمان جتوئي، ڊاڪٽر نُور محمد پنهور، وڏيرو زبير احمد ڪوريجو، حبيب خاصخيلي، علي اصغر مستوئي، اعجاز علي مستوئي، نذير علي شينو، ڪاشف گبول، منظور ميمڻ، انيس چنه، قربان کوسو، غلام نبي گبول، محمد چانڊيو، سماڻو خان چانڊيو، غلام حسين جتوئي، سليم کوسو، محرم مستوئي، وڪيل محمد اعظم مستوئي، امير علي ملڪ، اياز علي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خوشيءَ ۾ دهلن شرنائين سان برادرين جي سوين ماڻهن جي هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي
وڌيڪ پڙھو -
مورو ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ تي ريلي
مورو ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان ميان محمد نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ رميز ڪلهوڙو، علي بخش عرف نانو ڪلهوڙو، محمد اسلم مغل، محمد ابراهيم عمراڻي، سعيد ستو، راهب ٻگهيو، منير ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن مسلم ليگ ن جي آفيس کان دهلن شرناين ۽ جهمرين سان ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ميڊيا آفيس آڏو پهتي جتي ڪارڪنن خوشيءَ ۾ مٺائي ورهائي
وڌيڪ پڙھو -
پٽ مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، پيرسن عورت جي دانھن
ٻه ڏينهن اڳ مورو پوليس هٿان گرفتار ڪيل سڪندر ڪورائي جي پيرسن ماءُ مسمات حُسنه ڪورائي جي درخواست تي سيشن جج نوشهروفيروز جي حڪم تي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ احمد نواز ڊومڪي مورو ٿاڻي تي اوچتو ڇاپو هنيو، پر ڇاپي دوران مذڪوره نوجوان نه ملي سگهيو
وڌيڪ پڙھو -
مورو: قومي شاهراھ باءِ پاس وٽ حيدرآباد کان مورو ايندڙ تيز رفتار سان حادثو، 15 زخمي
مورو ۾ قومي شاهراھ باءِ پاس وٽ حيدرآباد کان مورو ايندي تيز رفتار مسافر وين اورٽيڪ ڪندي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتجي ۾ 15 کان مٿي مسافر شديد زخمي ٿي پيا جن کي مورو اسپتال آندو ويو جن مان چئن مسافرن جي حالت نازڪ هئڻ ڪري نوابشاھ منتقل ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
قرض ۽ گهرو پريشاني سبب تپيدار پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو
قرض وڌڻ ۽ گهرو پريشاني وڌي وڃڻ تي تپيدار پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي آپگھات ڪري ڇڏي، گهر ۾ ڪهرام، گهرواري کي بيهوشيءَ جا دورا، علائقي ۾ ڏک واري صورتحال ڇانيل، تفصيل موجب؛ مورو ڀرسان نوان جتوئي شهر جي ملاح محلي ۾ گهر اندر 45 سالن جي تپيدار محمد هاشم ملاح پاڻ تي پيٽرول هاري باھ ڏئي ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
ڀاڳين ۽ چورن جي فائرنگ ۾ 2 چور عبدالله جمالي ۽نصرالله جمالي مارجي ويا
دادو ڀرسان ڳوٺ نظر محمد ٽالپر ۾ هٿيار بند منظور ٽالپر جي گھر ۾ ڌاڙي جي ارادي سان داخل ٿيا گھر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا ڀاڳين ۽ چورن جي فائرنگ ۾ 2 چور عبدالله جمالي ۽نصرالله جمالي مارجي ويا ٻئي پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا ٻنهي جا لاش تعلقه اسپتال جوهي ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ پهچايا ويا
وڌيڪ پڙھو -
دادو: اين ٽي ايس پاس اميدوارن پاران لسٽ مان نالا خارج ڪرڻ خلاف مظاھرو
اين ٽي ايس پاس اميدوارن پاران لسٽ مان نالا خارج ڪرڻ خلاف ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻون هيون اميدوارن چيو ته اسان ٽيسٽ ڏني ڪامياب ٿياسين اسان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کيون پوءِ به اسان جا نالا خارج ڪري من پسند ماڻهن کي آرڊر ڏنا پيا وڃن
وڌيڪ پڙھو -
سپاف پاران ٽريزري آفيسر خلاف مظاھرو
سپاف دادو جي ڪارڪنن پاران ٽريزري آفيس جي ضلع آفيسر خلاف منصور شاهاڻي ،پرويز پنهور جي اڳواڻي ۾ 3 ڏينهن به احتجاجي مظآرو ڪيو ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هيون اڳواڻن چيو ته ٽريزري آفيسر اعجاز زرداري ڪرپٽ آهي هي رشوت جي بازار گرم ڪيو ويٺوآهي ڪک پتي مان لک پتي بنجي ويو آهي هن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙين ڇڏيا آهن هن کي فوري طورهٽاداديو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا پوليس پاران 9 جوابدارن جي خلاف پوليس مقابلي جو ڪيس داخل سڀئي جوابدار فرار
هنڱورجا پوليس پاران 9 جوابدارن جي خلاف پوليس مقابلي جو ڪيس داخل سڀئي جوابدار فرار، تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ محرم علي حطار جي فرياد تي 9 جوابدارن ڀاڳيو منڱڻيجو ، مريد منڱڻيجو، حاڪم عرف حاڪو مڇر، زاهد مڇر، اصغر مري، هزار خان مري، احسان عرف احسو سولنگي ۽ احسان سهتو جي مٿان پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو