مختصر خبرون
-
باڊھ: محمد هاشم ۽ شاهد حسين جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا
باڊهه لڳ ڳوٺ ٻاٻوري ۾ 3 مهينا اڳ گھٽي ۾ ٽيپ وڄائڻ واري مسئلي تان ٿيل جھيڙي ۾ جوابدارن پاران محمد هاشم ۽ شاهد حسين کي قتل ڪرڻ ۽ حاڪم علي، محرم علي، عبدالستار ۽ محمد قاسم گوپانگ کي شديد زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدار اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگھيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
مورو: دادو روڊ تي تيز رفتار ڪار جو رڪشا سان زوردار ٽڪر
مورو ڀرسان دادو روڊ تي تيز رفتار ڪار جو رڪشا سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نيتجي ۾ مختيارڪار دادو سميت 10 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا جن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي 6 ڄڻن جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين نوابشاھ موڪليو ويو
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: ممتاز ڀٽو تي تنقيد بند ڪئي وڃي، ن ليگ
مسلم ليگ نواز جي صوبائي اڳواڻ ۽ پير آف راڻيپور پير سيد آصف علي شاهه جيلاني، منصور سولنگي، امير بخش سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي پي ايم اين اي اياز سومرو سردار ممتاز ڀٽو تي تنقيد ڪري خبر ناهي ڪنهن کي خوش ڪرڻ چاهي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: ٽرانسفارمر نه تبديل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو
شهر جي ڀٽي چوڪ واري علائقي جو سڙي ويل بجلي جو ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف ذڪر ڪيل علائقي جي رهواسين ڪشمير مغيري، عبدالرحمان نوناري، امتياز چنو، گدا گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جي ڪري بيگناهه انسانن جو قتل ڪيو پيو وڃي، امجد مهيسر
جيئي سنڌ قومي محاذ پاران 27 آڪٽوبر تي سنڌ ۾ انتهاپسندي جي خلاف سچل سرمست جي دگاهه تي ڪوٺايل صوفي ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جسقم ضلعي خيرپور جي عهديدارن جو اجلاس مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر جي صدارت هيٺ هنڱورجا ۾ ٿي گذريو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: ٽي ايم اي جي نااهلي شهر جو ڊرينيج سسٽم تباهه
هنڱورجا ۾ ٽي ايم اي جي نااهلي شهر جو ڊرينيج سسٽم تباهه ، گل شاهه غازي محلو ۽ غريب آباد محلو گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو، شهرين جو ٽي ايم او خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو
وڌيڪ پڙھو -
ڳڙهي خيرو: ميرالي برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار جي نبيري دوران ڌرين ۾ جهيڙو
ڳڙهي خيرو لڳ دائو جهانپور ۾ ميرالي برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار جي نبيري دوران ڌرين ۾ جهيڙو 6 ڄڻا زخمي ، پ پ جي مقامي اڳواڻ سيد عبدالرزاق شاھ ۽ آغا اسرار احمد پٺاڻ جي سرپئنچي ۾ نبيرو هلي رهيو ته ڌريون پاڻ ۾ وڙهي پيون لٺيون ڪهاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب عبدالطيف ، آزاد، ميهر علي ، شمن ،رحيم داد ، دوست علي سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته واقعي جواڃان تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو .
وڌيڪ پڙھو -
سکر: تيز رفتار ٽرالر بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڊاٽسن ۽ ڪار مٿان ڪلٽي
سکر سبزي منڊي لڳ اٽي سان ڀري تيز رفتار ٽرالر بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڊاٽسن ۽ ڪار مٿان ڪلٽي، ٽرالر ڊرائيور زخمي، خبر موجب ڪالهه شام ڌاري سکر جي وڌي سبزي منڊي ويجهو اٽي سان ڀري تيز رفتار ٽرالر بريڪ فيل ٿيڻ ۽ اور لوڊ هجڻ ڪري ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي ڪري ٽرالر ڊائيور صاحب ڏنو زخمي ٿي پيو
وڌيڪ پڙھو -
سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ جي بجلي ٻن مھينن کان ڪٽيل
سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ حاجي بادل خان راڄپر جي بجلي بغير ڪنھن سبب جي ٻن مھينن کان بند، ايس ڊي او واپڊا جون من مستيون، ڪابه بقايا نه ھئڻ باوجود ٻن مھينن کان بجلي ڪٽيل آھي، ڳوٺاڻن جو اعليٰ انتظاميا کان انصاف جو مطالبو
وڌيڪ پڙھو -
نوجوان شاعر صحافي شهزور شاهنواز بهراڻي تي حملو رتو رت
نوجوان شاعر صحافي شهزور شاهنواز بهراڻي تي حملو رتو رت اسپتال داخل، ويڳي ماءُ، ڀائرن، مامن ۽ انهن جي مددگارن ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
وڌيڪ پڙھو