مختصر خبرون
-
مورو: پوليس مان خطرو آھي، تحفظ ڏنو وڃي، ڳوٺاڻو
مورو جي فرسٽ سول ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ احمد نواز ڊومڪي جي عدالت ۾ هڪ ڳوٺاڻي عبدالطيف مگسي جي درخواست ڏيندي دانهيو ته پوليس جمعدار نيڪ محمد چانڊيو ۽ سپاهي عبدالعزيز مگسي جيڪو اسان جي جوابدارن کي گرفتاري ڪرڻ بجاءِ سندن تحفظ ڪري رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پ پ کي مجانئ چونڊن ۾ شڪست ملندي، مير غيبي خان مغيري
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مير غيبي خان مغيري چيو آهي ته 11 مئي تي پيپلز پارٽي جي پت وائکي ٿي چڪي آهي، پنهنجي شهدادڪوٽ واري رهائشگاهه تي عيد ملن پارٽي کي خطاب ڪندي غيبي خان مغيري چيو ته سنڌ جو عوام پ پ وارن کان تنگ اچي چڪو آهي ۽ کين مڪاني چونڊن ۾ بري شڪست ڏيندو
وڌيڪ پڙھو -
سيٺارجا واسي عورت ٺڳ عورت هٿان ڦرجي وئي
سيٺارجا واسي عورت ٺڳ عورت هٿان ڦرجي وئي، پيڇو ڪرڻ تي هنڱورجا پوليس ٻه ٺڳ عورتن کي پڪڙي لاڪپ ڪري ڇڏيو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌي شاگرد سٿ پاران چوٿون ليڪچر پروگرام ٿي گذريو
ڪراچي يونيورسٽي جي آرٽس لابي ۾ سنڌي شاگرد سٿ پاران چوٿون ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، جنهن ۾ (تعليم مسئلن جو حل) جي موضوع تي سٿ جي جوائنٽ سيڪريٽري زويا فتح برفت ليڪچر ڏنو. تعليمي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته نياڻين جي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. استادن کي سرڪاري سطح تي ٽريننگ ڪرائي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
ڳڙهي خيرو: مير ممتاز خان جکراڻي کي سنڌ ڪابينا وزارت ملڻ جي خوشي ۾ ريلي
پي ايس 13 ڳڙهي خيرو واري تڪ تان چونڊيل ايم پي اي مير ممتاز خان جکراڻي کي سنڌ ڪابينا وزارت ملڻ جي خوشي ۾ ڳڙهي خيرو ۾ پ پ سپاف ڪارڪنن پاران ارشاد علي بروهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي وئي
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: ديوار ڪرڻ سبب ٻارڙي زخمي
باڊهه شهر جي ڦلپوٽا پاڙي ۾ پورهيت اڪبر ڦلپوٽو جي گھر جي ديوار اوچتو ڊهي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ديوار جي ڀرسان بيٺل معصوم ٻارڙي افسانه ۽ 50 ورهين جو نظير احمد ڦلپوٽو زخمي ٿي پيا، زخمي ٻارڙي افسانه کي نازڪ حالت هئڻ سبب لاڙڪاڻي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: چانڊيا برادري ۾ جھيڙو
باڊهه لڳ ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا مسمات روزينا ۽ رياض احمد چانڊيو شديد زخمي ٿي پيا جن کي لاڙڪاڻو سول اسپتال جي حادثاتي شعبي ڏانهن نيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: بازارن مان گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو
باڊهه جي بازارن مان گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو. پوليس اسٽيشن چوڪ شاهي، بازار غازي چوڪ ۽ اسٽيشن روڊ تي اڃا پاڻي بيٺل. باڊهه ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز ۽ بازارون اڃا تائين گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل آهن
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد: صحافي جي دڪان مان چوري
رسول آباد جي صحافي محمد صالح بروهي جي ڪريانا جي ٻن دڪان جا 4 نامعلوم چور تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل گيهه ، چانور، چانهه ، سگريٽ، موبال فون جا ڪارڊ ۽ ٻيو قميتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته چوري جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: پوليس اهلڪار جو ٽيجهو سڳيون لڳ ڳوٺ رسول بخش هيسباڻي ۾ ٿي گذريو
نجي ٽي وي جي اسڪرپٽ ايڊيٽر مهر علي هيسباڻي جي ڪراچي ۾ دهشتگردن جي هٿان شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار ڀاءُ باغ علي هيسباڻي جو ٽيجهو سڳيون لڳ ڳوٺ رسول بخش هيسباڻي ۾ ٿي گذريو. سندس جي ٽيجهي تقريب ۾ سياسي سماجي ۽ ميڊيا سان واسطو رکندڙ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي .
وڌيڪ پڙھو