مختصر خبرون
-
خيرپور: مجيب سولنگي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو
مجيب سولنگي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو، خيرپور پوليس جي ڳوٺ باغ واهه تي چڙهائي، سولنگي برادري جي گهرن ۾ گهري ڦرلٽ.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: آءِ بي جي اسڪالرشپ ٽيسٽ دير سان ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ استادن جو مظاھرو
هنڱورجا ۾ آءِ بي اي پاران چوٿين ۽ پنجين ڪلاس جي شاگردن کان اسڪالرشپ ٽيسٽ امتحان 3 ڪلاڪ دير سان وٺڻ خلاف استادن ۽ شاگردن جو احتجاج
وڌيڪ پڙھو -
مورو: بجلي چورن خلاف سيپڪو جو آپريشن
مورو ۾ سپريڊنٽ انجنيئر واپڊا سيپڪو سرڪل دادو جي سخت هدايتن تي مورو سيپڪو آفيسرن جي نگراني ۾ مورو شهر جي مختلف هنڌن تي بجلي چورن ڪنڊا ڪلچر ۽ باقيدارن خلاف سخت آپريشن ڪري 300 کان مٿي غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارون لاهي واپڊا آفيس ۾ آفيسرن جي سامهون ساڙيون ويون،
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: پوليس رضا لاشاري جي اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
خيرپور پوليس رضا لاشاري جي اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، عدالت ۾ پيش، ستن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي. تفصيل مطابق اي سيڪشن ٿاڻي جي انويسٽيگيشن پوليس گناهه نمبر 250 سال 2013 ڳوٺاڻي رضا لاشاري جي اغوا ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل وحيد علي ولد عبدالڪريم شاهاڻي کي گرفتار ڪري سيڪنڊ سول جج مس ثمينه منگي جي عدالت ۾ پيش ڪرائي هڪ هفتي جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: عدالتي حڪمن جي پيروي نه ڪندڙ ايس ايڇ کي شوڪاز نوٽيس
خيرپور جي عدالت، عدالتي حڪمن جي پيروي نه ڪندڙ ايس ايڇ او شاهه لطيف کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ مس ثمينه منگي جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي شاهه لطيف ٿاڻه خيرپور جي ايس ايڇ او محمد آصف مغل خلاف قلم 157 جي ڪاروائي ڪندي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪري عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: سيشن جج جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر جو بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو
سيشن جج جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر جو بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو، چاپي جي ڪڙڪ تي ناحق باندي ڇاپي کان اڳ آزاد. تفصيل مطابق ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالحميد قريشي جي هدايت بعد سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ مس ثمينه منگي ٻي عدالتي عملي کي ساڻ ڪري بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: منشيات ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمرقيد جي سزا
خيرپور جي عدالت منشيات ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي جيل اماڻي ڇڏيو، ٽي ٽي لک روپيه ڏنڊ به مقرر، نه ڏيڻ تي ڏيڍ ڏيڍ سال وڌيڪ قيد ڀوڳيندا. تفصيل مطابق فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ائنٽي نارڪوٽيڪس جي اسپيشل جج نويد حسين ڪولاچي جي عدالت ايڪسائيز پوليس گمبٽ جي هڪ منشيات جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل حسن گل ۽ نبي گل پٺاڻ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين عمر قيد ۽ ٽي ٽي لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي کين جيل اماڻي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: ڪنب پوليس جي ڪاروائي، هڪ منشيات فروش گرفتار
ڪنب پوليس جي ڪاروائي، هڪ منشيات فروش گرفتار، ٽي ڪلو ڀنگ هٿ، ڪيس داخل. تفصيل مطابق ڪنب ٿاڻي جي پوليس اي ايس آءِ منظور حسين هنڱورو جي اڳواڻي ۾ ٽالپور وڏا کان ننگريجه ويندڙ روڊ واٽر سپلاءِ ڀرسان جوابدار سبز علي گوپانگ کي ٽي ڪلو ڀنگ سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ان خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس جيل اماڻي ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سکر کان بوزدار وڏا ويندڙ واپاري هٿياربندن هٿان يرغمال
سکر کان بوزدار وڏا ويندڙ واپاري هٿياربندن هٿان يرغمال، هزارين روپيه روڪ ۽ موبائل فون ڦر. تفصيل مطابق سکر ۾ موٽر سائيڪن جو واپار ڪندڙ واپاري سردار علي شيخ، سيد الطاف شاهه ۽ لحاظ الدين موٽر سائيڪل تي سکر کان بوزدار وڏا ويندي ڪنب ٿاڻي جي حد ڪنب _ ننگريجه روڊ وٽان گذرندي جڏهن کجين جي باغ وٽ پهتا ته ٽن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي کين يرغمال بڻائي هزارين روپيه روڪ ۽ موبائل فونون ڦري فرار ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: صحافي جي بازيابي لاءِ صحافتي ۽ سماجي تنظيمن پاران مظاھرو
ڊکڻ جي صحافي اصغر ٿهيم ۽ ان جي ڊرائيور جي بازياب لاءِ هنڱورجا ۾ سنڌ صحافي سنگت جي سڏ تي صحافين ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن غلام حسين چانگ، مور سنڌي، عبدالسميع ڀنڀرو، رحيم سولنگي، فياض سولنگي، شمس راڄپر، منظور جهانگر، صديق سولنگي، هادي بخش خاصخيلي ، غلام عباس راڄپر، منصور شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو