مختصر خبرون
-
مورو ڀرسان ڳوٺ رسول آباد ۾ ٻارڙن جي ڳالھ تان جهيڙو
مورو ڀرسان ڳوٺ رسول آباد ۾ بارڙن جي ڳالھ تان کوکر برداري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لٺين ڪهاڙين سرن ۽ لوهي سرين جو آزادانه استعمال ٿيڻ ڪري 4 ڄڻا شريف کوکر، علي اصغر کوکر، جان محمد کوکر ۽ علي اڪبر کوکر سخت زخمي ٿي پيا جن کي مورو اسپتال آندو ويو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ پاڻي جي وارا بندي جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو
ايگزيڪيٽوِ انجنيئر آبپاشي کاتو خيرپور ايسٽ ڊويزن ڄاڻايو آهي ته سنڌو ندي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ۽ ايسٽ ڊويزن خيرپور کي پاڻي جي گهٽ فراهمي جي ڪري ايسٽ ڊويزن جي مختلف واهن جي وارا بندي جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سچل سرمست جي عرس جي حوالي سان اھم گڏجاڻي 3 جولاءِ تي ٿيندي
حضرت سچل سرمست رح جي 193 سالياني عُرس جي سلسلي ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ ۽ چيئرمين سچل سرمست يادگارڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي 3 جولاءِ 2014 بروز خميس ڏينهن شام جو 6:30 وڳي درازا شريف ۾ حضرت سچل سرمست رح جي سالياني عرس جي سلسلي ۾ جوڙيل مختلف سب ڪاميٽين جي ڪنوينرس سان هڪ گڏجاڻي ڪندا.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلو، هڪ هٿياربند مارجي ويو
پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلو، هڪ هٿياربند مارجي ويو، ٻه مغوي بازياب، ٻه جوابدار هٿيارن سميت گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو. تفصيل مطابق خيرپور جي ڪچي جي ٿاڻي برادي جتوئي جي حد ڳوٺ الهورائيو شيخ ڀرسان برادي جتوئي ٿاڻي جي پوليس يرغمالين جي منتقلي جي اطلاع تي هٿياربندن جو گهيرو ڪري ورتو. هٿياربندن پوليس کي ڏسي پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني
وڌيڪ پڙھو -
لاھور واقعي خلاف خيرپور ۾ مظاھرا
لاهور ۾ پنجاب پوليس جي وحشياڻه تشدد واري واقعي خلاف خيرپور ضلع جي مڙني علائقن نارو، ميرواهه، گمبٽ، ڪوٽڏيجي، پيرڳوٺ، ڪنگري، راڻيپور، فيض گنج ۽ ٻين علائقن ۾ وڪيلن طرفان احتجاج طور عدالتي ڪمن جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: پوليس بجلي چوري جي ٻن ڪيسن جا چالان عدالت ۾ پيش
خيرپور پوليس بجلي چوري جي ٻن ڪيسن جا چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ٻن جوابدارن ضمانت ڪرائي ورتي، پنج ڄڻا روپوش قرار، عدالت مان گرفتاري وارنٽ جاري.
وڌيڪ پڙھو -
بينظير ڀُٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي ٽن سالن جي نرسنگ ڪورس جي تربيت يافته نوجوانن ۾ سرٽيفڪيٽ ورھايا ويا
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ بينظير ڀُٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي ٽن سالن جي نرسنگ ڪورس جي لاءِ تربيتي آفر ليٽر ۽ پاس ڪيل تربيت يافته نوجوانن ۾ ڊگري سرٽفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن پروگرام تحت 2 لک نوجوانن کي روزگار سان لڳايو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: تحفظ فراھم ڪيو وڃي، نئين جوڙي جي پريس ڪانفرنس
مائٽ پوڙهي شخص سان سادي پيا ڪرائين پسند جي شادي ڪئي آهي هاڻي مائٽ جاني دشمن بڻجي ويا آهن کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي پسند جي سادي ڪندڙ جوري جي پريس ڪانفرس ۾ تحفظ جي اپيل؛ تفصيل موجب؛ بوزدار وڏا جي رهواسڻ شازيه ڌيءَ تاج محمد رند بلوچ سڪرنڊ جي عدالت ۾ ذوهيب علي پرهيار سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: ڳوٺ دولت خان سابقي ۾ چلھ مان چڻنگ اٿڻ ڪري ٽن گهرن کي باھ لڳي وئي
مورو ڀرسان جمال شاھ وٽ ڳوٺ دولت خان سابقي ۾ چلھ مان چڻنگ اٿڻ ڪري ٽن گهرن کي باھ لڳي وئي جنهن جو اطلاع مورو فائر برگيڊ کي ڏنو ويو باھ وسائڻ لاءِ ڳوٺاڻن فائر برگيڊ عملي وڏي ڪوشش ڪئي پر باھ نه وسامجي سگهي
وڌيڪ پڙھو -
وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪري وڏي ذيادتي ڪئي آهي، استاد
سنڌ پروفيسرس ، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي مرڪزي صدر پروفيستر سيد اسرار شاه ، سکر ڊويزن جي صدر عبدالوهاب بلوچ، ترجمان عبدالسميع ڀنڀرو، مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئشن جي مرڪزي صدر الهرکيو خاصخيلي، سکر ڊويزن جي صدر ارشاد ڀنڀرو ۽ ٻين هنڱورجا ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي.
وڌيڪ پڙھو