مختصر خبرون
- 
	
	سنڌ ترقي پسند پارٽي گمبٽ جو عھديدار جيئي سنڌ محاذ ۾ شاملسنڌ ترقي پسند پارٽي گمبٽ جي اڳواڻن لڇمڻ داس ، بخشل گلال، نديم شيخ، وسيم ملاح، اجي ڪمار پنهنجي ساٿين سان گڏ جيئي سنڌ محاذ ضلعي خيرپور جي صدر ضمير ڀٽي، ارشاد چنو، محبت شنباڻي سان ملاقات ڪري ايس ٽي پي کي الوداع چئي جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وڌيڪ پڙھو
- 
	
	سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي اديبن کي دعوت نه ملڻ ھنڱورجا ۾ مظاھروحضرت سچل سرمست جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن ۽ شاعرن کي اڳواٽ شاعري ۽ مڪالا موڪلڻ واري فيصلي جي خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ گڏيجي ۽ راڻيپور پاران اديبن ۽ شاعرن مختيار چنو، قربان گل چنو، زين سولنگي، هوشو چنو، رحيم سولنگي، غلام حسين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو ثقافت کاتي جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي وڌيڪ پڙھو
- 
	
	ھنڱورجا: ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مظاھروسنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڌارين جي آبادڪاري خلاف هنڱورجا ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، فقير همت سولنگي، بهلول علي ، مريد حسين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. وڌيڪ پڙھو
- 
	
	سنڌي ادبي سنگت شاخ کي بليڪ ميلر ڪوٺڻ خلاف مظاھروسنڌي ادبي سنگت شاخ گڏيجي پاران ثقافتي واري وزير شرميلافاروقي ادبي سنگت کي بليڪ ميلر ڪوٺڻ واري عمل جي خلاف هنڱورجا ۾ اديبن ، شاعرن ، صحافين مختيار چنو، زين سولنگي، رحيم سولنگي ، غلام حسين، قربان گل چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاه کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. وڌيڪ پڙھو
- 
	
	ھنڱورجا: سماج مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي خلاف آبادگارن ۽ هارين جو مظاھروسماج مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي خلاف آبادگارن ۽ هارين جو علي ڏنو نوهپوٽو، دلشاد نوهپوٽو، نياز حسين ، محمد عرس نوهپوٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري اريگيشن عملدارن جي خلاف نعريبازي ڪئي وڌيڪ پڙھو
- 
	
	خيرپور: عدالتن مان مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙن خلاف ڪاروائيخيرپور جي عدالتن مان مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙن خلاف ڪاروائي، پوليس عملدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ آءِ جي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري، سب انسپيڪٽر نعيم فهيم ابڙو جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف توهين عدالت نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم وڌيڪ پڙھو
- 
	
	خيرپور: ڌيءَ بازياب ڪرائي ڏيو، ڳوٺاڻي جي عدالت ۾ درخواست داخلڌيءَ بازياب ڪرائي ڏيو، ڳوٺاڻي جي عدالت ۾ درخواست داخل، سرچ وارنٽ جاري، عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم. وڌيڪ پڙھو
- 
	
	پوليو جي حوالي سان خيرپور ۾ ھڪ ميٽنگ 4 جولاءِ تي ٿينديضلع خيرپور ۾ 04 جولاءِ 2014 کان 17 جولاءِ 2014 تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي لاء مهم جي سلسلي ۾ 04 جولاءِ 2014 جمع ڏينهن صبح جو 11 وڳي ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور جي دربار هال ۾ ضلعي سطح تي جوڙيل پوليو ڪميٽي (ڊسٽرڪٽ پوليو ايراڊيڪيشن ڪاميٽي) ڊي پيڪ جو اجلاس منعقد ڪيو ويندو وڌيڪ پڙھو
- 
	
	جساف جي مرڪزي وائيس چيئرمين چڙهائي خلاف مظاھروجساف جي مرڪزي سڏ تي جساف جي مرڪزي وائيس چيئرمين شهزاد منگي جي گهر تي رياستي ادارن جي چڙهائي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري جبار جهتيال کي کنڀڻ جي ڪوشش خلاف باڊهه ۾ درگاهه چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو وڌيڪ پڙھو
- 
	
	صحافين جي اغوا ڪوشش خلاف ھنڱورجا ۾ احتجاجي مظاھروسنڌ صحافي سنگت جي سڏ تي هنڱورجا ۾ ڪراچي جي صحافي عثمان گيلاني جي اغوا ۽ ڪنب جي صحافي زاهد راڄپر جي اغوا جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن ۽ ياسين راڄپر جي موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ صحافين غلام حسين چانگ، مور سنڌي، عبدالسميع ڀنڀرو، فياض سولنگي، شمن راڄپر، هادي بخش ، رحيم سولنگي، گلزار سهتو ، فياض سنڌي، محمد صديق سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. وڌيڪ پڙھو
 
				