سنڌي ادب
-
وينجهار مئگزين جو تازو شمارو ڇپجي ويو
سنڌي زبان ۾ 27 سالن کان مسلسل ڇپجندڙ ديني،سياسي،علمي،ادبي ۽ تجزياتي رسالو وينجهار مئگزين جو تازو شمارو شايع ٿي چڪو آهي،جنهن جي ٽائٽل اسٽوري ايبٽ آباد ۽ پي اين ايس مهراڻ واقعي جي تناظر ۾”جنگ اڃان به جاري رهندي“! آهي جڏهن ته ايبٽ آباد واقعو:سازش يا سودي بازي؟،حالتون ڪيئن تبديل ٿينديون،اسامه بن لادن مجاهد يا دهشتگرد؟،اخروٽ آباد سانحو ۽ قومي بي حسي،ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن ؟۽ ترڪي اسلامي دنيا لاءِ هڪ رول ماڊل عنوان هيٺ مضمونن کان علاوه نڪور شاعري ۽ ٻيا مستقل سلسلا شامل آهن پڙهندڙ هاڪر يا سنڌ جي ڪنهن به مشهور بڪ اسٽال کان ڪاپي خريد ڪري سگهن ٿا
وڌيڪ پڙھو -
سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام.
هن ديس جو نانءُ روشن ڪيو، سموري سنڌ کي گلشن ڪيو، سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام. جنهن غدارن کي خوار ڪيو، سچ جي ٻيڙيءَ کي پار ڪيو، … سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام. پنهنجن ساٿين سان پيار ڪيو،
وڌيڪ پڙھو -
جاکوڙ جو تازو شمارو مارڪيٽ ۾ اچي ويو آھي
جاکوڙ، مٺي ٿرپارڪر جو تازو شمارو مارڪيٽ ۾ اچي ويو آھي، ياد رھي ته ان ميگزين جو ناشر جناب پروفيسر محمد ھنگورجو آھي ۽ ڪالھھ ئي اھو ميگزين شايع ٿيو آھي، ميگزين ۾ سائنس، تاريخ، شاعري وغيره شامل آھي، ميگزين جي ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد متارو ھنگورجو سان رابطو ڪريو
وڌيڪ پڙھو -
ناني جون نصيحتون
منھنجي ناني امان ڪثر اڱڻ ۾ ٺھيل مٽي ءَ جي ٿلھي تي وھندي ھئي، ان ٿلھي جي بنا وٽ کٽ جيتري ھوندي ھئي ۽ ان جي مٿن واري پاسي وڻ جي ڪاٺيءَ جو اھڙو تار لڳل ھوندو ھيو، جنھن مان ٽي چار ٻيون شاخون يا ٽاريون نڪرنديون ھيون امان واريون ان کي نھرو سڏينديون ھيون
وڌيڪ پڙھو -
انصاف ڪجو
ابراهيم منشي مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو، سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون، جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري، تن ٻول ٻُڌائي وينداسون. مان ڪنهن کي ڀلا ڇو چور چوان، ڪنهن ڪانگ چوان ڪنهن مور چوان، ڳالھ نئين هي تازي آهي، هر ڪنهن پنهنجو ماضي آهي، خود ڀيٽ ڪريو اک ٽيِٽ ڪريو، ڪنهن پيٽ ڀريو ڪنهن چيٽ چَريو، اسان جڳ ۾ جڳنا جوتي آهيون، جوت جلائي وينداسون. درياھ به لاهن چاڙهن ۾، انسان به ڇانئن ڪاڙهن ۾، ڪو شيشن ۾ ڪو شِيخن ۾، هي قاضي هميشه عيش ۾، تعويذ وٽن ڪو آهي سَڳو، يا ڪنهن جو رت آ مُنهن لڳو، کاتا به ڦِريا ماڻهو به مُئا، ڪنهن ڪِين ٻُڌا ڪنهن ڪينِ سُئا، جا حق چوڻ تان ٽِيپ لڳي، اسان سا به ڪمائي وينداسون. اها ڳالھ اسان لئه ناهي نئين، اسان روپ ڏٺا آهن اهڙا ڪئين، ڪو وانگيئڙن جي لاءِ وڙهي، ڪو مايا ميڙڻ گھاٽ گھڙي، ڪرسي ته اها ئي ساڳي آ، ڪنهن لک نه لهي ڪو داڳي آ، خود ڀيٽ ڪريو اک ٽِيٽ ڪريو، ڪنهن پيٽ ڀريون ڪنهن چيٽ چَريو، اسان ساڌا سوڌا ٻيجھلڙا؛ پر ٻول ٻُرائي وينداسون. مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو، سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون، جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري، تن ٻول ٻُڌائي وينداسون.
وڌيڪ پڙھو -
”ناهه ڌڻي ري ڪا درگاهه“
بسم الله احد الله، حاضر ناظر، سو هر گاهه، صدقو تنهن تان ساه پساه، صائق صاحب کي ساراه، واهواه! واحد کي واهواه! ناهه ڌڻي رِي ڪا درگاه، خالق خلقي خلق سموري ــ مانهو، جن ملڪ حضوري، اُڀ، زمينون، نکٽ نوري ــــ ماڻڪ، موتي مشڪ کٿوري، راتيون ڏينهن، مندون ۽ ماه، ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه، عجب اوپائي ڪيئن اوپاج ــــ در، ياقوت، عقيق ۽ عاج، کير، کٽونبا کنڀيون کاج ــــ اَمان، انب، انجير، اناج، وڻ ٽڻ، وليون، ونئڻ ڪپاه ــــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه، آهه اصل ۾ آب مني ــ جنهن مان گل ٿيا گھوٽ وني، ڪي ڪي غربا، ڪي ته غني ــ رنگ برنگي جوڙ بني، صافي نگ سفيد، سياه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. عربي ٻولي، عجمي ڳالهه ــ لڳن سکڻ ۾ جنهن جي سال، قادر جا ڏس ڪم ڪمال ــ جھڙي مائٽ ڪن مقال، تهڙي وات ڳڀورن ڳاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. ڪڪر کي جڏهن قادر چوءِ، موجب حڪم هلن ٿا پوءِ، وسن ولايتن تي، وڃيو پوءِ، وڏڦڙي جو واڪو پوئي، تار ترايون تڙ، تلاه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. جھم جھم جھر وسن جھالارا ــ ڪاريون ڪنڍيون ڪڏڪارا، صحرا چهرا سونهن سارا ــ اوڀڙ ڪن عجيب نظارا، گلشن ورشن، گولون گاه…
وڌيڪ پڙھو