آکاڻيون
آبُ آبُ ڪَندي مُئين
15 نومبر ، 2011
آبُ آبُ ڪَندي مُئين
ٻوليءَ باري ۾ ٻه پُراڻِيون ڳالهيون نَيون ڪَريون. پهرين:مُغلن ويلي گُجرات لَڳ ڪنجاھ ۾ ڪي وڏا عالِم هُئا مولوي غَنيمت. فارسي شاعر ھُئا فارسي ڪِتاب لِکِيائون. نانءُ ڪَمايائون. فارسي بَحَر ايڏو کُلي وَيُن جو عام ڳالھ به فارسيءَ ۾ ڪَرڻ لڳا. مَجال آ جو ڪَڏهن ڀُلجي به ڪو ديسي ٻول واتَئون ڪڍي ويهَن. ماڻهن سوُ وَس ڪَيا پر مولوي جَن نَه ٿِڙِڪيا. هِڪ ڏينهن ڇا ٿيو مولوي سڳورن پنهنجي مُنهِن ويٺي فارسي شعر پَڙهيا ته هِڪ ڏينڀوُ گوڏ ۾ وَڃي گھِڙِيَن. ڏينڀوءَ ڏَنگيو ته مولوي جَن اوٽارجي وَيا گوڏ تي ڌَڪُ هڻي دانهن ڪَيائون