سيٺارجا

  • سيٺارجا: ڳوٺاڻن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيس داخل، 15 گرفتار

    سيٺارجا پوليس پاران 2 ڏينھن پھريان سيٺارجا سئي گيس روڊ ۽ ڪنب نوابشاھ روڊ بند ڪرڻ خلاف 40 ڳوٺاڻن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ روڊ بند ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري 15 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • سيٺارجا: شھر ۾ مڇرن جو آزار

    سيٺارجا شھر ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو، جنھن سان مليريا جي پيدا ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو آھي، شھرين مڇرن جو آزار کان بچڻ لاءِ دانھيندي ٻڌايو ته مڇر مار ڦوھار لاءِ ڪافي اپيلون ڪيون آھن پر ھن وقت تائين مڇر مار ڦوھارو نه ڪيو ويو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • سيٺارجا جي جاچ پوليس شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي: لنڊ برادري

    ڊي پي او آفيس خيرپور اڳيان سيٺارجا پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو پوليس خلاف سخت نعريبازي مظاهري جي اڳواڻي سيٺارجا جي رهواسين محمد ڇٽل لنڊ، علي گلاب لنڊ، محمد ابراهيم لنڊ ۽ خدا بخش لنڊ ڪري رهيا هئا مظاهرين کي پلي ڪارڊ ۽ بينر هٿن ۾ هئا جنهن جي پوليس خلاف سخت نعريبازي لکيل هئي مظاهرين اخباروارن سان ڳالهائيندي چيوته سيٺارجا جي جاچ پوليس شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش سيٺارجا پوليس جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار

    لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش سيٺارجا پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو مک جوابدار پوليس ٿاڻي ۾ مهمانن وانگر فروٽ کائڻ ۽ بوتلون پيئندو رهيو بااثر وڏيري جا ناري کي فون ڪري فيصلي ڪرڻ جي لاءِ دڙڪا ناري جون اخباروارن سان ڳالهيون. خبرموجب چار ڏينهن لڳاتار بااثر وڏيري محمد ايوب خاصخيلي ۽ سندس ساٿين بوزدار وڏا جي ناري امينا زال غلام عباس شيخ سان لڄالٽ ڪندا رهيا جڏهن ته پوليس مک جوابدار محمد ايوب خاصخيلي کي گرفتار ڪري مهمانن وانگر کٽن تي ويهاري ڇڏيو ۽ جوابدار وٽ سوين ماڻهو ملاقات تي ايندا رهيا جوابدار فروٽ ۽ بوتلون پيئندو رهيو ۽ پوليس جا به جاوا نظر ايندا رهيا جڏهن ته امينا شيخ پنهنجي مڙس ۽ ڏير سان ٺيڙهي کان سيٺارجا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ وئي ته سيٺارجا بس اسٽينڊ کان هٿياربندن کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناري ۽ سندس ڏير ۽ مڙس دانهون ڪيون بعد ۾ هٿياربند گاڏي ۾ فرار ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button