ڪوٽ ڏجي

  • هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي ۽ ترقياتي ڪم موجوده حڪومت جي اولين ترجيحات آهي: قائم علي شاھ

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي ۽ ترقياتي ڪم موجوده حڪومت جي اولين ترجيحات آهي. وڏي وزير اهڙو اظهار ڪوٽ ڏجي تعلقي جي ڳوٺ محمد سومر ملاح ۾ حاجي امتياز ملاح سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت کانپوءِ مختلف ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت عوام جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي جنهن ۾ صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا جنهن سان هزارين ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻي عوام کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهچايو ويندو. جڏهن ان کان اڳ وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه ڳوٺ محمد سومر ملاح ۾ پنهنجي خاص معاون حاجي امتياز ملاح ۽ سنڌ بئنڪ جي ايريا مئنيجر شمس العباس ملاح سان سندس چاچي فوتي محمد رتل ملاح جي وفات تي تعزيت ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button