شاعري

  • سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام.

    هن ديس جو نانءُ روشن ڪيو، سموري سنڌ کي گلشن ڪيو، سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام. جنهن غدارن کي خوار ڪيو، سچ جي ٻيڙيءَ کي پار ڪيو، … سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام. پنهنجن ساٿين سان پيار ڪيو،

    وڌيڪ پڙھو
  • انصاف ڪجو

    ابراهيم منشي مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو، سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون، جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري، تن ٻول ٻُڌائي وينداسون. مان ڪنهن کي ڀلا ڇو چور چوان، ڪنهن ڪانگ چوان ڪنهن مور چوان، ڳالھ نئين هي تازي آهي، هر ڪنهن پنهنجو ماضي آهي، خود ڀيٽ ڪريو اک ٽيِٽ ڪريو، ڪنهن پيٽ ڀريو ڪنهن چيٽ چَريو، اسان جڳ ۾ جڳنا جوتي آهيون، جوت جلائي وينداسون. درياھ به لاهن چاڙهن ۾، انسان به ڇانئن ڪاڙهن ۾، ڪو شيشن ۾ ڪو شِيخن ۾، هي قاضي هميشه عيش ۾، تعويذ وٽن ڪو آهي سَڳو، يا ڪنهن جو رت آ مُنهن لڳو، کاتا به ڦِريا ماڻهو به مُئا، ڪنهن ڪِين ٻُڌا ڪنهن ڪينِ سُئا، جا حق چوڻ تان ٽِيپ لڳي، اسان سا به ڪمائي وينداسون. اها ڳالھ اسان لئه ناهي نئين، اسان روپ ڏٺا آهن اهڙا ڪئين، ڪو وانگيئڙن جي لاءِ وڙهي، ڪو مايا ميڙڻ گھاٽ گھڙي، ڪرسي ته اها ئي ساڳي آ، ڪنهن لک نه لهي ڪو داڳي آ، خود ڀيٽ ڪريو اک ٽِيٽ ڪريو، ڪنهن پيٽ ڀريون ڪنهن چيٽ چَريو، اسان ساڌا سوڌا ٻيجھلڙا؛ پر ٻول ٻُرائي وينداسون. مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو، سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون، جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري، تن ٻول ٻُڌائي وينداسون.

    وڌيڪ پڙھو
  • ”ناهه ڌڻي ري ڪا درگاهه“

    بسم الله احد الله، حاضر ناظر، سو هر گاهه، صدقو تنهن تان ساه پساه، صائق صاحب کي ساراه، واهواه! واحد کي واهواه! ناهه ڌڻي رِي ڪا درگاه، خالق خلقي خلق سموري ــ مانهو، جن ملڪ حضوري، اُڀ، زمينون، نکٽ نوري ــــ ماڻڪ، موتي مشڪ کٿوري، راتيون ڏينهن، مندون ۽ ماه، ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه، عجب اوپائي ڪيئن اوپاج ــــ در، ياقوت، عقيق ۽ عاج، کير، کٽونبا کنڀيون کاج ــــ اَمان، انب، انجير، اناج، وڻ ٽڻ، وليون، ونئڻ ڪپاه ــــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه، آهه اصل ۾ آب مني ــ جنهن مان گل ٿيا گھوٽ وني، ڪي ڪي غربا، ڪي ته غني ــ رنگ برنگي جوڙ بني، صافي نگ سفيد، سياه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. عربي ٻولي، عجمي ڳالهه ــ لڳن سکڻ ۾ جنهن جي سال، قادر جا ڏس ڪم ڪمال ــ جھڙي مائٽ ڪن مقال، تهڙي وات ڳڀورن ڳاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. ڪڪر کي جڏهن قادر چوءِ، موجب حڪم هلن ٿا پوءِ، وسن ولايتن تي، وڃيو پوءِ، وڏڦڙي جو واڪو پوئي، تار ترايون تڙ، تلاه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه. جھم جھم جھر وسن جھالارا ــ ڪاريون ڪنڍيون ڪڏڪارا، صحرا چهرا سونهن سارا ــ اوڀڙ ڪن عجيب نظارا، گلشن ورشن، گولون گاه…

    وڌيڪ پڙھو
  • اداسي

    قبر جھڙو سڪوت ڪوئل جي ڪُو ڪُو خاموش نه شادابي نه شگفتي بھار يعني نويد سحر

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button