ڪھاڻيون

  • ڀاڳ

    گذريل زماني جي ڳالھھ آھي ته ھڪڙي شھر ۾ ٻه ڀائر رھندا ھئا، وڏو ڀاءُ پئسي وارو ماڻھو ھوجڏھن ته ننڍو تمام غريب ھوندو ھو، ننڍو ڏاڍي محنت ڪندو ھو، ۽ وڏو مغرور ھو، ننڍي ڀاءُ وٽ محنت جي باوجود به ڪجھ نه بچندو ھو

    وڌيڪ پڙھو
  • ناني امان قسط 4

    ناني امان اسان کي اڪثر ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي اسان ناني امان جي ڳوٺ ويل هيا سين. سياري جي مند هئي ناني امان وٽ رڌڻي ۾ وچ تي چار ڪنڊن سان چلهه ٺهيل هوندي هئي، ان جي وچ تي مٽيءَ جا ٺهيل مارنگ رکيل هوندا هيا اتي ماني ۽ رڌ پچا ءٌ ٿيندو هيو۽ سيءَ کي گهٽائڻ لاءِ مچ ٻاريو ويندو هيو.اتي سڀ سياري ۾ چلهه جي چوڌاري ويهي ڪچهري ڪندا هيا ۽ اسان آرام سان ويهي سندس ڳالھيون ٻڌندا هيا سين. هڪ دفعي اسان چلهه تي ويٺا هيا سين ته چلهه جي واٽ تي وڏي ٿوڻي( وڏي ڏار جي ڪاٺي) پئي هئي اتان لگهندي هڪ ٻه ماڻهو ٿا ٻڙيا، پر ڪنهن اها کنئين ڪونه ناني امان اسان مان ٻن کي چيو ته گڏجي اها ڪاٺي کڻي هڪ پاسي رکو.

    وڌيڪ پڙھو
  • جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي

    پيارا ٻارو! ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان ڀريل ھو. وڏي ڳالھھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا ھئا. خدا جي قدرت ڏسو، ھڪ ڏينھن طوفان آيو ۽ ٻيڙو ھاڻ طوفان جي رحم و ڪرم تي ھو، اچتو ٻيڙو سمونڊ ۾ ھڪ ٽڪر سان ٽڪرايو. ٻيڙو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ھر ڪوئي جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، سوداگر کي ھاڻي خدا ياد اچي ويو ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳو. آخر ڪار ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو.

    وڌيڪ پڙھو
  • ناني امان قسط 3

    ناني امان جو هلٽ ڳوٺ ۾ مشهور هيو.اسان ناني امان کان ڪهاڻيون يا انبيائن جا قصا رات جو ٻڌندا هيا سين .چانڊوڪين راتين ۾ جڏهن اڳڻ تي کلي ٿڌڙي هيرلڳندي هئي.ڪهاڻيون ٻڌندي ٻڌندي ننڊ اچي ويندي هئي. هڪ دفعي ڳوٺ ۾ هاڙ جا ڏينهن هيا، درياءَ تي چاڙه هيو۽ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو بند تي چوڪيون قائم ڪيون ويون هيون.چوڪين جو هڪ مقصد تي اهو هيو ته ڪٿي به گهارو پوي ته بروقت ان جي مرمت ڪئي وڃي، ٻيو ڳوٺ جا نوجوان ۽ ٻار پاڻي جي ويجهو نه وڃن ۽ ڪنهن به مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد لاءِ اتي ڪو نه ڪو هجي. پر ڳوٺ ۾ ڄڻ ته بهار اچي وئي هئي. مڇي، ڦاڙهن ۽ ٻين جانورن جو جو شڪار وڌي ويندو هيو.ان کان سواءِ نانگ ۽ بلائون به تمام گهڻيون وڌي وينديون هيون. ڳوٺ جي آسپاس پري پري کان ماڻهون چانڊوڪين راتين جي رهاڻ ڪرڻ بند تي ايندا هئا،سگهڙن جي محفل مچندي هئي

    وڌيڪ پڙھو
  • اسان جي ناني امان

    اسان جي نانيءَ جي هڪ ٻي عا دت هوندي هئي، جيڪا کين سڀني کان الڳ ڪندي هئي، ناني امان روز ڊائري لکندي هئي ۽ اخبار به پابندي سان پڙهندي هئي. ڳو‎ٺ ۽ آس پاس جا اهم وا قعا، سياست جا اهم واقعا۽ گهرن ۾ ٻارن جي ڄم کان آسپاس شادين برادين جون تاريخون انهن وٽ ٽائيم سميت لکيل هونديون هيون.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button