آرٽيڪل

  • سياسي بصيرت

    جنھن سياسي بصيرت، تحمل ۽ برداشت جو مظاھرو گذريل ساڍن ٽن سالن کان ڪيو پيو وڃي، ائين پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪڏھن ناھي ٿيو. ملڪ اڄ جنھن بحران جو شڪار آھي، اھڙو بحران بھ ڪڏھن پيدا ناھي ٿيو، پاڪستان جي سياسي قيادت اڄ جنھن ڪردار جو مظاھرو ڪري رھي آھي، ان جي واکاڻ تھ مستقبل جو سياسي مورخ ڪندو پر سياسي قيادت جي بالغ نظري سبب پاڪستان نھ صرف دھشتگردي ۽ انتھاپسندي جي خلاف جنگ ۾ پنھنجي پوري قد سان بيٺو آھي پر توانائي جي گھرج ۽ پھچ ۾ شديد عدم توازن ۽ ملڪي معيشت جي شديد بحران جي باوجود سياسي قيادت عوام کي متحد ڪري رکيو آھي ۽ رياست تي عوام جو اعتماد متزلزل نھ ٿيڻ ڏنو. پاڪستان کي مسئلن جي جنھن طوفان جو منھن آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪراچي ۾ امن

    ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ رڳو حڪومت کي ئي پنھنجو ڪردار ادا ناھي ڪرڻو پر سمورين سياسي قوتن جي اولين ذميواري اِھا ھجڻ کپي تھ اُھي ملڪ جي معيشت جو مرڪز چورائيندڙ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي حامل ھن شھر ۾ امن جي قيام لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. مختلف لساني اڪائين ۽ قومن جي حامل ھن شھر ۾ ھڪ ننڍي چڙنگ باھھ بڻجي وڃي ٿي ۽ ان باھھ جو مشاھدو وطن وارن بار بار ڪيو آھي. ملڪ جي سياسي قوتن کي بھ ان حقيقت جو ادراڪ ڪرڻو پوندو تھ ڪراچي جھڙي ثقافتي شھر ۾ ڪا اھڙي چڙنگ نھ ڪيرائي سگھجي جيڪا باھھ بڻجي شھر ۾ امن کي تباھھ ڪري ڇڏي. ساحلي شھرن ۾ ھميشھ کان روزگار جي فراھمي جا مرڪز رھيا آھن ۽ انھن شھرن ۾ آبادي جو دٻاءُ بھ ڪنھن بھ ملڪ جي ٻين شھرن جي نسبت گھڻو ھوندو آھي. ساحلي شھر ڪڏھن بھ ڪنھن لساني يا قوميتي اڪائي جي ملڪيت ناھن ھوندا پر رياست جي انتظام ھيٺ ساحلي شھرن ۾ سمورين اڪائين ۽ قوميتن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراھمي جا برابر موقعا حاصل ھوندا آھن،

    وڌيڪ پڙھو
  • پروپئگنڊا

    سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي حوالي سان حڪومتي پارٽي ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جا افواھھ اُھا ئي پروپئگنڊا آھي جيڪا پاڪستان ۾ سياسي پارٽي جو ڪردار ڪمزور ڪرڻ ۽ جمھوريت کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ لاءِ ھميشھ کان ڪئي پئي ويندي آھي. ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ صوبي جون واضح حقيقتون آھن. ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۾ بالخصوص ۽ حيدرآباد ۾ بالعموم اڪثريتي پارٽي سمجھو وڃي ٿو ۽ انھيءِ اڪثريت جي زور تي ايم ڪيو ايم حڪومت سان ڳالھائي ٿي، ان ڳالھھ ٻولھھ ۾ ايم ڪيو ايم جو پاسو ڳرو رکڻ جي لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجي اڪثريت کي برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا درڪار قدم کنيا وڃن ٿا. انھن قدمن کي جيڪڏھن سياسي قدمن جي حوالي سان ڏٺو وڃي تھ انھن تي تنقيد نٿي ڪري سگھجي،

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڪستان ريلوي

    پاڪستان ريلوي جي تباھي جي شروعات ان ڏينھن ٿي ھئي جڏھن اڳوڻي حڪومت جي ھڪ ريلوي وزير نومبر 2001ع ۾ 96 ڊيزل اليڪٽرڪ انجڻن جي خريداري ۽ تياري جو معاھدو ڪيو. چين جي ھڪ ڪمپني سان ٿيل ان معاھدي تحت 51 ريلوي انجڻيون مڪمل تيار ٿيل حالت ۾ پاڪستان کي مليون جڏھن تھ 45 ريلوي انجڻيون لوڪو موٽيو فيڪٽري رسالپور ۾ اسمبل ڪيون ويون اھي ريلوي انجڻيون پاڪستاني حالتن سان مطابقت نھ پيون رکن ريلوي ٽريڪ ۽ پليٽ فارم جي مطابقت سان بھ اھي انجڻيون مخصوص نوعيت جون ھيون. ان جي ڪري نھ صرف پوري ملڪ جا ريلوي پليٽ فارم ٽوڙڻا پيا ھئا پر ريلوي پٽڙيون بھ انھن انجڻن جي مطابقت سان بڻيل نھ ھيون

    وڌيڪ پڙھو
  • برسات، بدين ضلعي ۾ ٿيل بربادي ۽ لاتعلق بڻيل سرڪار

    هاڻي ته اهي سمورا فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويا آهن، جن جي پوکڻ مهل لاڙ جي هارين اهو ضرور سوچيو هوندو ته هيلوڪي فصل مان زميندار جو قرض به لاهبو، نياڻي به اٿاربي ۽ اڪيلي پٽ جو وڏو وهانءُ به ڪبو، مگر اکڙين جي پنبڻين ۾ کڻي گهمندڙ اهڙا خواب سندن گذريل ٽن ڏينهن جي برسات ٽوڙي ڇڏيا. لاڙ جي پٽي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي آئي آهي، سو هنن پڊن تي هيلوڪا مينهن ڪا نئين ڳالهه ناهن. 1964ع جو طوفان، 1974ع جي ٻوڏ، 1979ع جي ٻوڏ، 1994ع جي ٻوڏ، 1999ع جو طوفان، 2003ع جي ٻوڏ جي ڪري هي علائقا هر چوٿين پنجين سال ڪنهن نه ڪنهن مصيبت کي منهن ڏيندا آيا آهن، مگر هيلوڪي برسات هن علائقي واسين جي اندازي کان به وڌيڪ ٿي آهي، جتي سنڌ حڪومت دريائي بند ٻڌڻ ۾ مصروف عمل هئي ۽ اسان سڀني جون نظرون به دريا بادشاهه جي دهشت تي هيون، مگر هي سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو. سومر، اڱاري جي وچ واري رات کان شروع ٿيل برسات جمع جي ڏينهن تائين وسندي رهي، جنهن ۾ ڪوبه وقفو نه هو

    وڌيڪ پڙھو
  • غدارن جي لسٽ ڊگهي ٿيندي پئي وڃي

    محترما ساره زمان عوامي عوامي آواز سنڊي ميگزين 31 جولاءِ 2011ع ۾ سنڌ جي غدارن جي ڊگهي لسٽ جي عنوان سان جيڪي ڪجهه لکيو آهي آئون نه رڳو ان سان سهمت آهيان پر سندس موقف کي اڳتي وڌائيندي ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون عرض رکڻ چاهيندس . هڪ ته پاڪستان جي شوق ۾ سنڌ اسيمبلي مان جن ماڻهن ٺهراءَ پاس ڪرايو انهن کي اسان ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪنداسين .

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ بارش جو سلسلو جاري آھي

    ٺٽي شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري شهر جا هيٺائين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ٺٽي ۾ گذريل 20 ڪلاڪن کان بجلي بند. ٺٽو ۾ سانوڻي مند جو وسڪارو سخت گرمي کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويئي برسات سبب ٺٽو شهر جا ڪيترائي هيٺائين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته سانُوڻي مند جي گذريل رات 2 وڳي کان وقفي وقفي سان هلندڙ تيز برسات سبب شهر اندر بجلي جو نظام مڪمل طور درهم برهم ٿي ويو، لاڳيتو گذريل رات 2وڳي کان بند پيل بجلي نظام 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهيو

    وڌيڪ پڙھو
  • هي ڪهڙو تماشو آهي؟! واحد پارس هيسباڻي

    سمورن دهلن، دمامن، ناچ گانن ۽ هوجمالن مٿان دانگي ڦري چڪي، پ پ اهو ئي ڪيو جنهن جو خدشو هو. مفاهمتي راڳ جي روايتي پلٽن ذريعي هن ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي ئي ڪيل فيصلي مٿان منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو. ڪمشنري نظام، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڳوڻي حيثيت ۾ بحالي واري آرڊيننس کانپوءِ پنهنجن/ پراين ۾ جيڪي به خوشفهميون پيدا ٿيون هيون، پ پ رات جي اونداهيءَ ۾ انهن مٿان ڪمال ڪاريگريءَ سان پاڻي ڦيري ڇڏيو. ڪير ٿو چوي ته رات جي اونداهيءَ ۾ رڳو ڊڪٽيٽر ئي عوامي مينڊيٽ جي ڪک ۾ خنجر هڻندا آهن؟ پاڻ وارا جمهوريت پسنديءَ جا دعويدار ان معاملي ۾ ڪهڙا گهٽ آهن؟ انهن ڪهڙي ڪسر ڇڏي آهي! جيڪڏهن جمهوريت پسندي ان کي چوندا آهن، عوام دوستي ان کي چوندا آهن ته اهڙي جمهوريت پسندي ۽ اهڙي عوام دوستي اسان کي نه ٿي گهرجي. عوام پ پ کي مينڊيٽ ڏئي ان لاءِ ايوانن ۾ نه موڪليو هو ته اها ڏينهن رات سندن مينڊيٽ جو ائين تماشو ڪندي. شهيد بينظير ڀٽو راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ پنهنجي جان ان لاءِ نه گهوري هئي ته کانئس پوءِ سندس پارٽي اقتداري مزن ۾ سمورا آدرش ۽ اصول وساري ڇڏي. حرام ۽ حلال جو فرق ختم ڪري ’جيڪو آيو سو اگهيو‘ جا…

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪراچيءَ ۾ رت جي راند آخر ڪيستائين جاري رهندي ؟

    ڪراچي ۾ صرف گذريل جولاءِ جي هڪ ميهني دوران ٽي سو کان وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻيا.وزير اعظم ۽ گهرو وزير جي ڪراچي ۾ موجودگي ۾ ڪالهه جڏهن حڪومتي ڇٽيءَ هيٺ امن ريلي نڪري رهي هئي ته ان ساڳئي ڏينهن تي پندرنهن ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.اڄوڪي اخبارن ۾ ڇپيل قوم پرست اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه جي ان بيان ۾ وڏو وزن آهي ته امن اڇن جهنڊن کي لهرائڻ يا نمائشي بيانن سان نه پر اخلاص۽ عملي قدم کڻڻ سان ئي ايندو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت ۾ اتحادي جماعتن جي گڏيل ريلي ڏيکاءَ ۽ عوام جي زخمن مٿان لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. اهڙي طرح جي خبر 18 کان وڌيڪ ديني جماعتن طرفان جڙندڙ علماءَ امن ڪونسل هڪ پريس ڪانفرنس ذريعي پڻ سوال اٿاريو آهي ته حڪومت آخر ڪنهن کان امن گهري ٿي؟

    وڌيڪ پڙھو
  • قوم سان مڪالمو

    وزيراعظم جو قوم سان مڪالمو پنھنجي نوعيت جو پھريون قدم آھي، پاڪستان ۾ اھڙو سلسلو پھرين ڪڏھن نھ ٿيو آھي، اھو مڪالمو ڪنھن سياسي رھنماءَ طرفان اھم سماجي معاملن تي ڳالھين جو پھريون منفرد قدم آھي، وزيراعظم مختلف شعبن جي اھم شخصيتن سان مشاورت جي سلسلي جي ابتدا معاشري جي سڀ کان معتبر طبقي اديبن، شاعرن ۽ ڏاھن سان ڪئي آھي. ان مڪالمي تحت فنڪارن، تعليمي ماھرن، سماجي ڪارڪنن ۽ صحافين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معروف شخصيتن سان وزيراعظم جون ڪُل چار گڏجاڻيون ٿينديون. وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ ڪوٺايل ان تقريب ۾ وزيراعظم جيڪو مڪالمو ڪيو ان ۾ اديبن، ڏاھن کليل دل سان پنھنجي دل جون ڳالھيون بيان ڪيون.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button