اسان جي باري ۾

انڊس نيوز سنڌي ۾ خبرن جي ھڪ ويب سائٽ آھي. سن 2008 ۾ ماءِ سنڌ نالي ھڪ سائٽ شروع ڪئي ويئي ھئي مگر اھو سلسلو گھڻو عرصو نه ھلي سگھيو ۽ 2008 ۾ ريڊيو جي مشغلي جي حوالي سان ھڪ ويب سائٽ شروع ڪئي ويئي ھئي، سن 2010 ۾ ان ريڊيو واري سائٽ تي سنڌي خبرن جو ھڪ سلسلو شروع ڪيو ويو. جولاءِ 2011 انڊس نيوز نالي سان ھڪ الڳ ويب سائٽ شروع ڪئي وئي.
سن 2011 ۾ انڊس نيوز کي پاڪستان بلاگ ايوارڊ 2011 سان نوازيو ويو. ايوارڊ کان پوءِ ئي اسان پاڊڪاسٽنگ جو سلسلوشروع ڪيو ۽ ھڪ آن لائن ريڊيو جو منصوبو غور ھيٺ آھي.
نوٽ: انڊس نيوز نه ئي ٽي وي چينل آھي ۽ نه ئي اخبار. انڊس نيوز جو ڪنھن ٻئي اداري سان تعلق ناھي.اھي۔

Back to top button