ونڊوس ايڪس پي ۾ سنڌي ڪيئن انسٽال ڪجي؟

سڀ کان پھريان اسٽارٽ مينيو کوليو ۽ ان کان پوءِ ڪنٽرول پينل کوليو، جيئن تصوير ۾ ڏنل آھي

1
ان کان پوءِ ڪنٽرول پينل ۾ وڃي ڪري Regional and Language Option  کي ڪلڪ ڪريو جيئن ھيٺ تصوير ۾ ڏنل آھي

2
ان کان پوءِ Regional and Language Option ۾ وڃي ڪري Language ٽيب سليڪٽ ڪريو جئين تصوير ۾ ڏيکاريل آھي اگر Install Languages for complex script and right-to-left languages (including thai)کي منتخب ڪريو اگر پھريان منتخب ٿيل آھي ته ان کي رھڻ ڏيو

ھاڻي ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ڪريو

ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ڪي بورڊ انسٽال ڪريو ان لاءِ ھن لنڪ کي ڪلڪ ڪري زپ ٿيل فولڊر ڊائون لوڊ ڪري ان کي ان زپ ڪري ڪي بورڊ انسٽال ڪريو

ان کان پوءِ وري ڪنٽرول پينل ۾ Regional and Language Option ۾ Languages کي سليڪٽ ڪري Details بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو جيئن ھيٺ تصوير ۾ ڏنل آھي

3

ھاڻي Add بٽن کي ڪلڪ Input Language ۾ Arabic (Saudi Aria)  ۽ ھيٺان keyboard layout ۾ Indus Phonetic Keyboard سليڪٽ ڪريو ۽ OK ڪلڪ ڪريو۔ ھاڻي اوھان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي سپورٽ موجود آھي ھاڻي اوھان سنڌي لکي سگھو ٿا ھيٺ Task bar ۾ ڏسو عربي ۽ انگريزي ڏنل آھن اوھان عربي کي سليڪٽ ڪريو جيئن تصوير ۾ ڏنل آھي

4

ھاڻي اوھان سنڌي لکي سگھوٿا

اگر ڪا ڏکيائي ھجي ته ھيٺئين اي ميل تي رابطو ڪريو

indusbid@gmail.com

سدائين گڏ

ظھور سولنگي
ھي ٽيوٽوريل پي ڊي ايف جي شڪل ۾ ھتان ڊائون لوڊ ڪريو

Back to top button