اسلام آباد

فنڪشنل ليگ کي سنڌ سرڪار ۾ شامل ڪرڻ لاءِ معاملا طعي، ق ليگ کي به نمائندگي ڏيڻ جي خاطري، ڪراچي ۾ هر صورت ۾ امن بحال ڪبو:صدر

اسلام آباد: ايم ڪيو ايم جي حڪومت کان عليحدگي کانپوءِ سنڌ ۾ گورنر جي مقرري توڙي ٻي سيٽ اپ لاءِ حڪومت ۽ ان جيAsif Ali Zardari اتحادين وچ ۾ صلاح مشورا جاري آهن، جڏهن ته صدر آصف زرداري واضح ڪيو آهي ته ڪراچي ۾هر صورت ۾ امن امان بحال ڪيو ويندو، ان حوالي سان ڪو سودو نه ٿيندو ۽ هر شهري جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ جمهوري حڪومت جي ذميواري آهي، ڪالهه ايوان صدر ۾ اي اين پي جي وفد سان ملاقات دوران صدر چيو ته سمورن اهم فيصلن ۾ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. حڪومت ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ هرممڪن اپاءُ وٺندي ۽ سياسي لاڳاپن کان مٿانهون ٿي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪنهن کي حڪومت جي رٽ چيلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پ پ مفاهمت جي سياست تي يقين رکي ٿي. سياست ۾ مفاهمت جا دروازا بند ناهن ٿيندا، اميد ته سياسي پارٽيون هر معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪنديون. ملاقات ڪندڙ وفد ۾ سينيٽر زاهد خان، ايم اين اي جميلا گيلاني، بشير احمد بلور، اي اين پي سنڌ جو صدر شاهي سيد ۽ سينيٽر سردار علي خان شامل هئا. ان موقعي تي اي اين پي جي وفد ڪراچي ۾ امن امان لاءِ حڪومت پاران ورتل قدمن جي ساراهه ڪئي ۽ سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي واري قدم جي پڻ حمايت ڪئي. اي اين پي جي وفد سنڌ ۾ دهشتگرد ٽوڙ عدالتن ۾ ججن جي خالي پيل جاين تي فوري طور جج مقرر ڪرڻ واري اعلان جي پڻ آجيان ڪئي، ملاقات کانپوءِ اي اين پي جي وفد ايوان صدر ۾ صدر آصف زرداري سان گڏ منجهند جي ماني پڻ گڏجي کاڌي. ٻئي طرف مسلم ليگ ق سنڌ جي اڳواڻن سان ٿيل واعدي تحت چوڌري ڀائرن ڪالهه شام جو ايوان صدر پهچي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ صدر سان ملڪ جي سياسي صورتحال سميت سنڌ ۾ ق ليگ کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ذريعن موجب چوڌري ڀائرن صدر آصف کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ق ليگ کي حڪومت ۾ شامل نه ڪرڻ تي سنڌ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ ڳڻتي وڌي رهي آهي، غوث بخش مهر وفاقي وزارت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي آهي، ان ڪري جيترو جلد ٿي سگهي ق ليگ کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيو وڃي، ذريعن موجب صدر چوڌري ڀائرن کي خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ ۾ جلد ق ليگ کي شامل ڪيو ويندو. هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير پاڳاري وچ ۾ تيليفون تي ٿيل رابطي ۾ فنڪشنل ليگ کي به وزارتون ڏيڻ جو معاملو طعي ٿي ويو آهي، ذريعن موجب متحده جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري کي فون ڪيو ۽ کيس حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ڪيو، پير پاڳاري پاران گرين سگنل ملڻ کانپوءِ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ پ پ جي اهم اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪنگري هائوس جا دورا ڪيا، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته فنڪشنل ليگ جي ٽن ميمبرن کي وزارتون ۽ هڪ کي صلاحڪار جو عهدو ڏنو ويندو، جن ميمبرن کي وزارتون ملڻ جو امڪان آهي انهن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳوڻي اڳواڻ ليڊر ڄام مدد علي، ماروي راشدي ۽ علي غلام نظاماڻي جا نالا شامل آهن، جڏهن ته صلاحڪار جو عهدو امتياز شيخ کي ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button