مختصر خبرون

بيمار، لاچار، بي سهارا ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان خدا راضي ٿيندو آهي: حاجي محمد جاويد

سکر(بيورو رپورٽ)سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته بيمار، لاچار، بي سهارا ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان خدا راضي ٿيندو آهي ۽ دلي سڪون به ملندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوپنڊ شاپ ڪيپرز ايسوسي ايشن جي صدر برڪت علي سولنگي، نائب صدر محمد فياض بٽ، جنرل سيڪريٽري سيد عرفان شاهه ۽ ٻين عهديدارن جي تعاون سان سائبان ويلفيئر ايسوسي ايشن پاران نيوپنڊ جي علائقي ۾ لڳايل هڪ ڏينهن واري فري ميڊيڪل ڪيمپ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي سيد مشتاق شاهه، حاجي غلام شبير ڀٽو، حاجي شفيع عباسي، شريف ڏاڏا، عبدالرحيم سيٺي، عبدالستار راجپوت، پرويز چنه ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. طبي ڪئمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻين شوگر، دل، بلڊ پريشر ۽ هيپائائيٽس جي 5 سئو کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو ۽ انهن کي مفت دوائون فراهم ڪيو ويون. حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته نيوپنڊ شاپ ڪيپرز ايسوسي ايشن جي عهديدارن غريب ۽ بي سهارا مريضن جي لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپ جو انعقاد ڪري هڪ نيڪ فريضو سرانجام ڏنو آهي. ۽ اميد ڪريون ٿا ته اهو سلسلو جاري رکيو ويندو ان حوالي سان واپاري برادري انهن کي پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياري تهي. ان موقعي تي حاجي جاويد ميمڻ ميڊيڪل ڪيمپ جي انعقاد تي 0 1 هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان به ڪوي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button