ٺٽو

سنڌو درياهه جي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف سپنا مظاھرو

SAPNA HINGORJAٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌو درياهه جي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف سپنا ۾ شامل قومپرست تنظيمن ايس يو پي ، عوامي تحريڪ ، ايس ٽي پي پاران ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، ريلي ۾ شامل ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا پريس ڪلب اڳيان ضلعي اڳواڻن ايس ٽي پي جي ضلعي صدر غياث ميمڻ،ايس يو پي ضلعي صدر حاجي انور ڪرناڻي، عوامي تحريڪ ضلعي صدر گهنور خان زنئور ، صاحب خان کوسو ۽ٻين خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪمران هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙڻ چاهين ٿا هنن چيو ته حڪمران 15 جولائي تائين بندن جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر هن وقت تائين ڪم مڪمل ناهي ٿيو. هنن چيو ته ڪراچي ۾ الڳ صوبي جي چاڪنگ ڪندڙ ياد رکن ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ جاڻن ٿا ۽ ڌار صوبو ٺاهيندڙن جون منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button