مختصر خبرون

ڪمشنري نظام جي بحالي کان اڳ شروع ڪيل ضلعي حيدرآباد ۾ سمورن ترقياتي منصوبن کي جاري رکيو ويندو: آصف علي ميمڻ

حيدرآباد :ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد آصف علي ميمڻ چيو آهي ته ڪمشنري نظام جي بحالي کان اڳ شروع ڪيل ضلعي حيدرآباد ۾ سمورن ترقياتي منصوبن کي جاري رکيو ويندو ۽ قاسم آباد سميت حيدرآباد ضلعي جي هر تعلقي ۾ وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ته جيئن شهرين کي گهربل سهولتون مهيا ٿي سگهن. اها ڳالهه هن اڄ قاسم آباد لڳ واڌو واهه جو جائزو وٺڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي . هن چيو ته چوماسي جي برساتن کان اڳ واڌو واهه مان گندي پاڻي کي نيڪال ڪري ان جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪيو ويندو جڏهن ته رهواسين کي پاڻي جي نيڪال جو متبادل نظام پڻ فراهم ڪيو ويندو. هن عوام تي زور ڀريو ته هو شهر جي ترقياتي ڪمن جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه سان ڀرپور سهڪار ڪن. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد شهر خاص طور تي قاسم آباد کي خوبصورت بنائڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي ۽ هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ جاري سمورن ترقياتي منصوبن جي نگراني هو ذاتي طور تي ڪندو.ان موقعي تي هن ملازمن جي پگهارن سميت ٻين جائز مسئلن جي حل جو پڻ يقيني ڏياريو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button