ڪراچي

ٽارگيٽ ڪلنگ جو جوابدار اجمل پهاڙي قتل ڪيس مان بري

targeted killingڪراچي ( اسٽاف رپورٽر )ڪراچي جي مقامي عدالت ٽارگيٽ ڪلنگ جي جوابدار اجمل عرف پهاڙي کي قتل جي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سينٽرل جيل جي عدالت 2005ع ۾ رضويا ٿاڻي جي حد ۾ احتشام نالي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي اجمل پهاڙي کي بري ڪيو.اجمل پهاڙي کي ڪجهه مهينا اڳ سي آءِ ڊي پوليس ڪورنگي ٽائون واري علائقي مان ٽارگيٽ ڪلنگ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button