خيرپور

18 اپريل کان 30 اپريل تائين ضلعي جي مختلف تعلقن جي يونين ڪائونسلن ۾ نادرا موبائيل رجسٽريشن وينون قومي شناختي ڪارڊ جي سهولت ڏيڻ لاءِ گشت ڪنديون.

خيرپور : نادرا ريجنل هيڊڪوارٽر سکر جي مئنيجر محمد حامد علي خيرپور ضلعي اندر عوام کي سندن يونين ڪائونسل NADRAسطح تي قومي شناختي ڪارڊ جي سهولت جي حوالي سان نادرا موبائيل رجسٽريشن وين جو شيڊيول ڄاڻائيندي ٻُڌايو آهي ته 18 اپريل کان 30 اپريل تائين ضلعي جي مختلف تعلقن جي يونين ڪائونسلن ۾ نادرا موبائيل رجسٽريشن وينون قومي شناختي ڪارڊ جي سهولت ڏيڻ لاءِ گشت ڪنديون. جنهن ۾ تعلقي صوڀوديرو ۾ موبائيل وين نمبر 20 ، نارا تعلقي ۾ موبائيل وين نمبر 21 ، تعلقي ڪنگري ۾ ايس ايم آر يو 10 جڏهن ته فيض گنج تعلقي ۾ ايس ايم آر يو 24 موبائيل وينون ڄاڻايل ضلعن اندر اپريل 30 تائين علائقي واسين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واسطي گشت ڪنديون. ان سلسلي ۾ علائقي واسين کي ڄاڻايل سهولت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ نادرا عملي سان رابطي ۾ رهڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button