خبرون

  • جون- 2011 -
    1 جون

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سئنڊيڪيٽ جو اجلاس ٿي گذريو

    ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سئنڊيڪيٽ جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ يونيورسٽي، ملازمن۽ اداري جي مسئلن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ ايم پي اي پير امجد حسين شاهه جيلاني. عابد يوسف بچاڻي، ڊاڪٽر آر بي ميربحر، ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر، سريش ڪمار واڌواڻي، نعمت الله لغاري ۽ ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا

    وڌيڪ پڙھو
  • مئی- 2011 -
    20 مئی

    اسٽيبلشمينٽ جو اهو پراڻو طريقو رهيو آهي ته ”هڪ ڀٽو کي قتل ڪري ٻئي ڀٽي تي قتل جو الزام لڳايو وڃي: تاج حيدر

    ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ قادر مگسيءَ طرفان سندس پارٽيءَ جي ميهڙ واري جلسي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت تي بي بنياد الزام لڳائڻ تي حيرت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هُن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو اهو پراڻو طريقو رهيو آهي ته ”هڪ ڀٽو کي قتل ڪري ٻئي ڀٽي تي قتل جو الزام لڳايو وڃي“ ۽ ان ريت حقيقي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. قادر مگسي کي ان قسم جي بي بنياد الزام لڳائڻ کان پهريان غور ڪرڻ گهرجي ته انهن الزامن کي لڳائي ڪٿي هو اسٽيبلشمينٽ جي پراڻي حربن کي نئين زندگي ۽ اصل قاتلن کي تحفظ ته فراهم نه ڪري رهيو آهي. ترقي پسند طاقتن کي سڄي ڌُر جي رجعت پسندن طرفان لڳاتار لڳايا ويندڙ سطحي ۽ ذاتي نوعيت جي الزامن کي ورجائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾ ملندڙ ورهاست هڪ نظرياتي ورهاست آهي ۽ اسانکي دوست دشمن وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. اسانجو مقصد جمهوريت جو حصول ۽ ان جو استحڪام آهي. اسان سمورين ترقي پسند طاقتن کي گڏ وٺي ڪري نه رُڳو آمريت کي ملڪ مان روانو ڪيو ۽ جمهوريت کي حاصل ڪيو آهي پر ان کان ڪيترو اڳتي وڌي متفقه اين ايف…

    وڌيڪ پڙھو
  • 20 مئی

    وفاقي سطح تي صنعتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سان گڏ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي : وزير رئوف صديقي

    حيدرآباد : صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير رئوف صديقي چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ طرفان صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي ايندڙ مالي سال 2012_2011 جي بجيٽ ۾ وڌ کان وڌ ترقياتي ڪمن لاءِ رقم مختص ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن ته جيئن صوبي ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرائي هيٺين سطح تي روزگار ۽ خوشحالي جا موقعا پيدا ڪري سگهجن _ هن اهو به چيو ته سندس طرفان اها به تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته وفاقي سطح تي صنعتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سان گڏ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن هڪ شفاف ۽ ڪاميابي صنعتي پاليسي جوڙِي سگهجي . هن اهڙو اظهار اڄ حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ واقع ايڪسپو سينٽر ۾ ٽن ڏينهن جي صنعتي نمائش جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو _ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي توڙِي صوبائي سطح تي ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ سان ترقياتي ڪم شروع ٿيندا ۽ هيٺين سطح تي عوام ۾ خوشحالي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي پاليسي تي مڪمل درآمد لاءِ سمورين ڌرين کي پابند بڻايو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جو وڏو بحران جنم وٺي ويو آهي جنهن جي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 20 مئی

    سارين جي جديد پيداواري ٽيڪنالاجي تي سيمينار

    دادو:.سارين جي فصل جي جديد پيداواري ۽ ٽيڪنالاجي جي موضوع تي ڪميونٽي هال ميهڙ ۾ ضلعي سطح تي زرعي سيمينار ٿي گذريو، جنهن جي صدارت ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو دادو سيد امان انور قدوائي ڪئي، ۽ چيف گيسٽ جا فرائض سيٺ ڌرم داس صدر آبادگار بورڊ ضلع دادو ڪئي ۽ سنڌ جي رائيس ريسرچ ڏوڪري مان ڊاڪٽر عبدالرحمان دوهو، زرعي ماهرن ظفرالله پنهور ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسر زراعت دادو علي نواز ڪلهوڙو، سارين جون جنسون، ڪيميائي ڀاڻ، پاڻي ۽ جيتن جي بيمارين کان بچاءٌ ۽ استعمال بابت ڄاڻ ڏني. آبادگارن پاران جمال الدين ۽ سيٺ ڌرم داس گهر ڪئي ته حڪومت پاران آبادگارن کي بهتر ٻڄ ڀاڻ ۽ دوائيون مهيا ڪرڻ تي زور ڏنو آخر ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو چيو ته زرعي عملي پاران سيمينار منقعد ڪرڻ تي ساراهيو ۽ آئنده به مختلف ذرعي فصلن جي پيداوري ٽيڪنالاجي تي اهڙا پروگرام ڪرائڻ لاءِ چيو هن ٻڌايو ته آئندا هڪ هفتي اندر آبادگارن کي خريف پيڪيج تحت پاليسي موجب ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو، هن چيو ته زرعي آفيسرن ۽ آبادگارن کي گهرجي ته فصل جي پوکي وقت پاڻ ۾ ويجها رابطا رکن ۽ ٻج، ڀاڻ ۽ پاڻي ڏيڻ مطعلق صلاح مشوره ڪن ته جيئن آبادگار جديد ٽيڪنالاجي مان…

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 مئی

    اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ يا پارليامينٽ ميمبرن جي نااهلي؟ سپريم ڪورٽ جو چتاءُ

    اسلام آباد:سپريم ڪورٽ الڪيشن ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ حڪومت کي ٽن هفتن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪري نه ته عدالت ضمني چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيندي، آئيني بحران کان بچڻ جي لاءِ اسان سان تعاون ڪيو وڃي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ عمران خان جي ووٽر لسٽن جي حوالي سان ٻڌڻي ڪئي آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته توهان غلط ڪم ڪري رهيا آهيو، الڪيشن ڪميشن جي جوڙجڪ ڇو نه ٿا ڪريو؟ اسان ضمني چونڊن جي خلاف آرڊر جاري ڪري ڇڏينداسين پوءِ حڪومت جي لاءِ مٿي جو سور بنجي ويندو، آخر حڪومت جو اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان موقف ڪهڙو آهي، اها آئيني تقاضا آهي، ڪورٽ جو ڪم آئين کان انحرافي ناهي، اسان توهان کي وقت انهي جي ڪري ٿا ڏيون جئين حڪومت نئين آئني بحران کان بچي وڃي، آخر آئين ۾ ترميم ڪئي وئي آهي انهي جي پويان وڏي دانش هوندي آهي، اسان جيڪڏهن ضمني چونڊن وارا نوٽفيڪشن رد ڪيون ته خبر آهي ته ڪهڙا نتيجا نڪرندا، اسان آئين سان گڏ آهيون اهي نوٽفڪيشن رد به ڪري ڇڏينداسين، جسٽس رباني چيو ته اٽارني جنرل اهو ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان آرٽيڪل 219 بي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 مئی

    ”اچو ته لاڳاپا بحال ڪيون“ پاڪ آمريڪا اختيارين ۾ ملاقات

    اسلام آباد : اڪ آمريڪا لاڳاپن جي بحالي ۽ ڇڪتاڻ گھٽائڻ جي حوالي سان آمريڪي نمائندو ۽ سي آئي اي عملدارن پاڪستان جي سول توڙي فوجي قيادت سان ملاقات ڪئي آهي، انهي حوالي سان ڪالهه پاڪستان بابت آمريڪا جو خاص نمائندو مارڪ گراس مين سي آئي اي عملدارن سان گڏجي صدر آصف علي زرداري، آرمي چيف جنرل ڪياني ۽ آئي ايس آئي سربراهه جنرل پاشا سان مليو آهي، رپورٽ موجب آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جان ڪيري جي دوري کان پوءِ آمريڪا جو خاص نمائندو مارڪ گراس مين اسلام آباد ۾ وفد وٺي پهتو آهي ساڻس گڏ سي آئي اي جو ڊپٽي ڊاريڪٽر مائيڪل مورال پڻ گڏ اسلام آباد پهتو آهي، اسلام آباد ۾ هنن صدر آصف علي زرداري، آرمي چيف ۽ آئي ايس آئي جي سربراهه جنرل پاشا سان ملاقات ڪئي آهي، انهي ملاقاتن ۾ سي آئي اي ۽ آئي ايس آئي جي معطل ٿيل لاڳاپن کي بحال ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهين جئين دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا برقرار رهن، پاڪستاني اختيارين آمريڪي نمائندن تي واضع ڪيو ته پاڪستان تي شڪ ڪرڻ بدران پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪيو وڃي دهشتگردي خلاف جنگ بابت هر فيصلي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 مئی

    پنجن ڏينهن اندر فيض گنج جي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو ويندو: محمد عباس بلوچ

    خيرپور : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ اربع ڏينهن فيض گنج تعلقي جي پڪا چانگ شهر پهتو جتي ڊي سي او آبادگارن سان پاڻي جي کوٽ جي جي شڪايتن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ آبپاشي کاتي جي ايس اي ولي محمد نائچ، اي ڊي او روينيو راجا شاهزمان کهڙو، رينجرس جي عملدارن ۽ وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته فيض گنج جي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي جي پهچ کي يقين بنائڻ لاءِ آبادگارن، آبپاشي ۽ روينيو کاتي جي عملدارن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويندي جيڪي پاڻي جي حوالي سان آيل شڪايتن جو ازالو ڪندا. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته رينجرس جي عملدارن جي گشت کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن پاڻي جي چوري کي روڪي سگهجي. گڏجاڻي کان بعد ۾ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجن ڏينهن اندر فيض گنج جي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو ويندو جڏهن ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڪوتاهي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته هاڻي فصلن جي پوک لاءِ پاڻي جي وڌيڪ استعمال ڪري فيض گنج تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي آهي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 مئی
    خيرپور

    راندين سان معاشرو صحتمند ٿئي ٿو راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موجوده حڪومت ملڪ جي مختلف راندين جي گرائونڊس جي حالت بهتر بڻائي نوجوانن کي اسپورٽس جا بهتر موقعا فراهم ڪيا آهن : ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه

    خيرپور: اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو آهي ته نوجوانن جي راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف راندين جي گرائونڊس جي حالت بهتر ڪئي پئي وڃي جڏهن ته نوجوانن کي پنهنجي پڙهائي سان گڏو گڏ راند روند ۾ پڻ دلچسپي وٺڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار ممتاز گرائونڊ تي ضلعي جي مختلف فوٽبال ڪلبس جي رانديگرن ۾ اسپورٽس ڪٽس ورهائڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته راندين سان معاشرو صحتمند ٿئي ٿو راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موجوده حڪومت ملڪ جي مختلف راندين جي گرائونڊس جي حالت بهتر بڻائي نوجوانن کي اسپورٽس جا بهتر موقعا فراهم ڪيا آهن. تقريب ۾ ضلعي خيرپور جي ڏهن مختلف فوٽبال ڪلبس جي رانديگرن ۾ اسپورٽس ڪٽس ورهايون ويون جڏهن ته فوٽ بال ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سيد مير محمد شاهه، سيد سميع الله شاه راشدي، ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي ممتاز گرائونڊ تي ڊي سي او اليون ۽ اِي ڊي او سي ڊي ڊي اليون فوٽبال مئچ پڻ ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي او اليون جي ٽيم اي ڊي او سي ڊي ڊي جي ٽيم کي ٻن گولن تان شڪست ڏني. کٽيندڙ…

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 مئی

    دادو ضلعي جي 2 لک 30 هزار ماڻهن کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ مئي کان ڊسمبر 2011 تائين خصوصي مهم هلائي پئي وڃي – ڊي سي او دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي

    دادو:ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ضلعي جي عوام کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ نادرا جي تعاون سان مئي کان ڊسمبر 2011 تائين خصوصي مهم هلائي پئي وڃي ته جيئن ضلعي جي 18 سالن جي هر فرد کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري سگهجي. ڊي سي او دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري خصوصي مهم بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ دادو ضلعي ۾ سڀ کان گهٽ قومي شناختي ڪارڊ جاري ٿيا آهن هن چيو ته شناختي ڪارڊ اڄ جي زندگي جو لازمي حصو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 مئی

    پنجن سالن کان گهٽ عمر وارو ڪوبه ٻار پوليو جي قطرن کان رهجي نه وڃي، ڊاڪٽر نياز علي عباسي

    دادو: ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته گلن جھڙن ٻارڙن کي پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائڻ لاءِ صحت ،تعليم،لوڪل گورنمينت سميت غير سرڪاري تنظيمن ۽ والدين کي سنجيدگي سان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن پنجن سالن کان گهٽ عمر وارو ڪوبه ٻار پوليو جي قطرن کان رهجي نه وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button