ڪرڪيٽ

  • دسمبر- 2012 -
    24 دسمبر

    هڪ دور جي پڄاڻي، ڪرڪيٽ جو بادشاهه سچن ٽنڊو لڪر ون ڊي تان رٽائر ٿي ويو

    ڀارت جي اسٽار بيٽسمين لٽل ماسٽر سچن ٽنڊولڪر ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ اسٽار بئٽمسين ۽ لٽل ماسٽر طور دنيا ۾ سڃاڻپ ڪرائيندڙ سچن ٽنڊولڪر جي رٽائر ٿيڻ جي ڀارتي بورڊ تصديق ڪري ڇڏي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2012 -
    12 جولائی

    سورهيه بادشاهه ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جھٻر شيخ اليون کٽي ورتي

    پيرڳوٺ لڳ ڪرايل ” سورهيه بادشاهه“ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جھٻر شيخ اليون کٽي ورتي، خوشي ۾ رانديگرن ۽ ڳوٺاڻن پاران دهل شرناين تي رقص

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2012 -
    10 جون

    مجتبيٰ راشدي جي ياد ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائيل ميراڻي ينگ اسٽار کٽي ورتو

    پيرڳوٺ ” مجتبيٰ راشدي“ جي ياد ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائيل ميراڻي ينگ اسٽار کٽي ورتو، فائنل مقابلو جمع ڏينهن ٿيندو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ ۾ ناليواري دانشور ۽ قومرپست اڳواڻ مرحوم مجتيبيٰ راشدي جي ياد ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائيل ميراڻي ينگ اسٽار ۽ گهمرا اليون اسٽار ۾ ٿي گذريو

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 جون

    شهيد سورهيه بادشاهه جي ياد ۾ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي

    المخدوم ڪرڪيٽ ڪلب پريالوءِ پاران شهيد سورهيه بادشاهه جي ياد ۾ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ علائقي جي 12 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ المخدود ڪرڪيٽ ڪلب پريالوءِ ۽ الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب پيرڳوٺ وچم ٿي گذري

    وڌيڪ پڙھو
  • مئی- 2012 -
    19 مئی

    پير جو ڳوٺ : مجتبي راشدي جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع

    پيرڳوٺ ۾ ناليواري دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ مجتبي راشدي جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع، 10 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ ۾ ناليواري دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ سيد مجتبيٰ راشدي جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ علائقي جي 10 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح اڳوڻي تعلقه ناظم ۽ پ پ اڳواڻ سيد عبداللطيف شاهه راشدي ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 مئی

    گمبٽ ۾ منعقد ٿيل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم کٽي ورتي

    سماجي تنظيم سيو دي لائيف گمبٽ پاران سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان اسرا سي اين جي ڀرسان مشعل بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرائي وئي جنهن ۾ علائقي جي 8 مختلف ٽيمن حصو ورتو جڏهن ته فائنل مئچ سٽي ڪرڪيٽ ڪلب گمبٽ ۽ شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم جي وچ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سٽي ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 8 اوورن ۾67 اسڪور ڪيو جڏهن ته شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم 6 اوورن ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي. ٽورناميٽ ۾ مهمان خاص جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي سکر ڊاڪٽر ارشد مغل هو جڏهن ته ڊي او اسپورٽس خيرپور مير محمد ڪلهوڙو، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر خيرپور صاحب خان ڀنڊ، سماجي اڳواڻ پرويز احمد وساڻ، صحافي حاڪم علي ڀٽي ۽ ٻيا اعزازي مهمان هئا. ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ جي کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان شوڪت علي ڦل ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان اسرار احمد شيخ کي ٽرافيون ۽ روڪ انعام ڏنا ويا.

    وڌيڪ پڙھو
  • اکتوبر- 2011 -
    26 اکتوبر

    ٽپال داڻي دار فلڊ لائٽ انٽر ڪلب ڪرڪٽ ٽورنامنٽ رائل چيلنجز ۽ عباسي ڪلبن جي کٽڻ جو سلسلو جاري

    )ٽپال داڻي دار فلڊ لائٽ انٽر ڪلب ڪرڪٽ ٽورنامنٽ رائل چيلنجز ۽ عباسي ڪلبن جي کٽڻ جو سلسلو جاري، اويس صديقي ۽ عدنان شاهه مين آف دي ميچ، ٽي ايم او ، سينئر صحافي محمد زمان باجوا مهمان خاص. منزل گاهه گرائونڊ سکر ۾ جاري ڪمبائنڊ اسپورٽس ڪلب سکر جي زير اهتمام ٽپال داڻي دار فلڊ لائٽ انٽر ڪلب ڪرڪٽ ٽورنامنٽ ۾ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو پهرين ميچ ۾ مقرر اوورن ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي منزل گاهه ڪرڪٽ ڪلب سکر 5 وڪيٽن جي نقصان تي 7 1 1 رنسون ٺاهيون. عبدالوهاب پٺاڻ 3 5 ، صادق 1 3 رنسون ٺاهيون. عمران اعواڻ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ رائل چيلنجز ڪرڪٽ ڪلب سکر جي ٽيم گهربل اسڪور 3 وڪٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. عمران اعواڻ ذميوارانه بيٽنگ ڪندي 7 1 رنسون ٺاهيون. راجا 2 وڪٽون ورتيون.

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 اکتوبر

    زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جو فائنل اڄ ٿي رهيو آهي

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جو فائنل اڄ ٿي رهيو آهي،زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل خاص مهمان هوندو، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي مختلف فيڪلٽي جي 64 ٽيمن وچ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جو اڄ فائنل ٿي رهيو آهي، يونيورسٽي جي فيڪلٽين جي 64 ٽيمن جي 1024 رانديگرن مان يونيورسٽي جي 32 ٽيمن جي پهرين رائونڊ ۾ ڪاميابي بعد ڪامياب ٽيمن جي 512 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 اکتوبر

    زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مغل پهريون رائونڊ کٽيندڙ ٽيمن جي 532 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ ڪوراٽر فائنل ۾ داخل، زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل پهريون رائونڊ کٽيندڙ ٽيمن جي 532 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ يونيورسٽي جي مڙني فيڪلٽين جي 64 ٽيمن جي 1024 رانديگرن ۾ چيئمپين شپ جاري آهي، ۽ ڪالهه يونيورسٽي جي 32 ٽيمن جي پهرين رائونڊ ۾ ڪاميابي بعد ڪامياب ٽيمن جي 512 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون ۽ وڌيڪ رنسون ماڻيندڙ ٽيمن ۾ شيلڊون به ورهايون

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اکتوبر

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جاري

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جاري، 32-ٽيمن پهري ڪوارٽر فائنل راندين لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ چئمپين شپ 2011 لاءِ رانديون جاري آهي ۽ 32-ٽيمن پهرين ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جاري راندين ۾ ڪالهوڪي مقابلن ۾ ڊي وي ايم اليون، سي پي ٽي هيروز کي 6-وڪيٽن تان، سي پي ٽي ٽائگرز سي پي ٽي ينگ کي 35 رنس تان شڪست ڏني.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button