رانديون

  • زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مغل پهريون رائونڊ کٽيندڙ ٽيمن جي 532 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ ڪوراٽر فائنل ۾ داخل، زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل پهريون رائونڊ کٽيندڙ ٽيمن جي 532 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ يونيورسٽي جي مڙني فيڪلٽين جي 64 ٽيمن جي 1024 رانديگرن ۾ چيئمپين شپ جاري آهي، ۽ ڪالهه يونيورسٽي جي 32 ٽيمن جي پهرين رائونڊ ۾ ڪاميابي بعد ڪامياب ٽيمن جي 512 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون ۽ وڌيڪ رنسون ماڻيندڙ ٽيمن ۾ شيلڊون به ورهايون

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جاري

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جاري، 32-ٽيمن پهري ڪوارٽر فائنل راندين لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ چئمپين شپ 2011 لاءِ رانديون جاري آهي ۽ 32-ٽيمن پهرين ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جاري راندين ۾ ڪالهوڪي مقابلن ۾ ڊي وي ايم اليون، سي پي ٽي هيروز کي 6-وڪيٽن تان، سي پي ٽي ٽائگرز سي پي ٽي ينگ کي 35 رنس تان شڪست ڏني.

    وڌيڪ پڙھو
  • ملهه ۽ ملاکڙو سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي جيڪا سرڪاري طور تي نوٽيفائيڊ پڻ ٿيل آهي: صوبائي وزير

    صوبائي وزير قانون محمد اياز سومرو چيو آهي ته ملهه ۽ ملاکڙو سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي جيڪا سرڪاري طور تي نوٽيفائيڊ پڻ ٿيل آهي جڏهن ته موجوده حڪومت سنڌ جي قومي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن کي ملڪي توڙي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي . اهڙو اظهار هن حضرت لعل شهباز قلندر جي 759هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ٽن ڏينهن واري ملاکڙي جي افتتاحي تقريب دوران ڳالهائيندي ڪيو _ساڻس گڏ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ چيئرمين ميلا ڪميٽي ناصر عباس سومرو ۽ ٻيا عملدار پڻ گڏ هئا _ صوبائي وزير چيو ته ان مقصد لاءِ صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير طرفان واضح هدايتون پڻ جاري ٿيل آهن ۽ ملهه پهلوانن کي معاشي طور تي مستحڪم بنائڻ لاءِ کين ميرٽ جي بنيادن تي مختلف ادارن ۾ ملازمتون پڻ فراهم ڪيون وينديون ته جيئن سندن مان احساس محرومي جو خاتمو آڻي سگهجي

    وڌيڪ پڙھو
  • حيدر ڪلب خيرپور هڪ گول ڪري سکر جي ٽيم کان پهرين ڏينهن واري مئچ کٽي ورتي

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ اربع شام ممتاز گرائونڊ ۾ سنڌ اسپورٽس پاران ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان پهرين آل سنڌ شهيد والي بال ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ صوبي جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ 18 ٽيمون حصو وٺنديون جنهن ۾ صوبي جي مختلف ٽيمن جي وچ ۾ 10 ڏينهن تائين ممتاز گرائونڊ تي مقابلا ٿيندا. ٽورنامينٽ جي پهرين ڏينهن تي حيدري فوٽبال ڪلب خيرپور ۽ سکر ڪمبائينڊ ڪلب جي وچ ۾ مئچ ٿي گُذري جنهن ۾ حيدر ڪلب خيرپور هڪ گول ڪري سکر جي ٽيم کان پهرين ڏينهن واري مئچ کٽي ورتي. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته رانديون انساني صحت ۽ صحت مند معاشري جي لاءِ انتهائي ضروري آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • مڪلي تي ملھھ جو ملاکڙو، دين محمد ، انو ڍولو کي شڪست ڏئي ڇڏي

    ضلعي حڪومت ٺٽو پاران پهريون ڀيرو سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جو ملاکڙو مڪلي تي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سموري سنڌ مان ملهه پهلوانن شرڪت ڪئي ۽ پهلواني جا جوهر ڏيکاريا، ضلعي ائڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او ٺٽو جي هدايتن تي سوشل ويلفيئر کاتي پاران مڪلي جي فٽبال گرائونڊ تي ملهه جو ملاکڙو منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ ، مٽياري، ڪشمور حيدرآباد، سعيد آباد،ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ ٻين ضلعن جي ملهه پهلوانن حصو وٺي پهلواني جا جوهر ڏيکاريا، پهلوان وزير ڪنڊرا پهلوان انور ڍولو کي ميدان ماري انعام حاصل ڪيو،جڏهن ته پهلوان دين محمد ڪوريجو، پهلوان اياز شيدي کي شڪست ڏيئي مقابلو کٽيو

    وڌيڪ پڙھو
  • ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت آخري ون ڊي لاءِ اڄ آمهون سامهون ٿيندا

    ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجين ۽ آخري هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ڪرڪيٽ ميچ اڄ سابينا پارڪ ڪنگسٽن ۾ کيڏي ويندي. ڀارت پهرين ٽن ميچن ۾ ميزبان ٽيم کي شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز اڳ ۾ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي آهي پر چوٿين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ڀارت کي 103 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو. ويسٽ انڊيز ڪپتان ڊيرن سمي جو چوڻ آهي ته سندس ٽيم ڀارت کي سيريز جي پنجين ميچ ۾ پڻ شڪست ڏيندي. ڀارتي ڪپتان سريش رائنا چيو آهي ته ويسٽ انڊيز هٿان چوٿين ميچ ۾ شڪست باوجود سندس ٽيم سيريز جي آخري ميچ ۾ ميزبان ٽيم کي شڪست ڏيندي. هن چيو ته چوٿين ميچ ۾ سندس ٽيم جا رانديگر جلدي آئوٽ ٿي ويا.

    وڌيڪ پڙھو
  • شاهد آفريدي کي ڏنل نوٽيس رد، هاءِ ڪورٽ ڊسيپلنري ڪميٽي کي اجلاس کان روڪي ڇڏيو

    لاهور (م ڊ) : سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرڪيٽر شاهد آفريدي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي پي سي بي جي ڊسپلنري ڪميٽي کي اجلاس کان روڪي ڇڏيو آهي. شاهد آفريدي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پي سي بي کيس غير قانوني نوٽيس جاري ڪيو آهي. جنهن تي عدالت نوٽيس رد ڪندي پي سي بي کان سڀاڻي جواب طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن پي سي بي جي ڊسپيلنري ڪميٽي رٿيل اجلاس ملتوي ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالتي فيصلي جو احترام ڪيو ويندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • مخالف رانديگر هٿان مليل شڪست وسارڻ ڏکيو ڪم آهي: ثانيا مرزا

    ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته هارائڻ کي وسارڻ ڏکيو هوندو آهي. ان باوجود فرينچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾پنهنجي ڪارڪردگي مان مطعمن آهيان. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته شڪست شڪست هوندي آهي ۽ ڪنهن به ايونٽ ۾ ناڪامي تي تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي. هن چيو ته هن وقت ماضي جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ فٽنيس مان پوري ريت مطعمن آهيان. ويمنز ڊبلز جي فائنل ۾ هن ۽ سندس روسي جوڙي کٽڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندن مخالف جوڙي تمام سٺي راند جو مظاهرو ڪري کين شڪست ڏني. هن چيو ته هوءَ مڪمل طور فٽ آهي ۽ ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٽائٽل کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • آفريدي جو مداخلت بابت بيان سمجهه کان ٻاهر آهي: وقار يونس

    قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته شاهد آفريدي جو مداخلت بابت بيان سمجهه کان ٻاهر آهي. قذافي اسٽيڊيملاهور ۾چيئرمين پي سي بي اعجاز بٽ سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وقار يونس چيو ته هن ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ ٽور جي رپورٽ بورڊ کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بورڊ جو ڪم آهي. هن چيو ته آفريدي جي معاملي سان پاڪستان ڪرڪيٽ کي نقصان پهتو آهي ۽ آفريدي جو مداخلت بابت بيان سمجهه کان باهر آهي. وقار يونس چيو ته جڏهن گڏ رهون ٿا ته اختلاف پڻ ٿين ٿا پر ان جو اهو مطلب ناهي ته ايتري واويلا ڪئي وڃي. هن چيو ته آئون پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪيان ٿو . ۽ منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر رهي. قومي ٽيم جي ڪوچ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي سي بي سمجهي ٿو ته ٽيم کي بيٽنگ ڪوچ جي ضرورت آهي ته بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو وڃي. ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ ۾ بيٽسمينن بيٽنگ ڪوچ کان بغير سٺي پرفارمنس ڏني آهي. هن چيو ته جونيئر رانديگرن جي ڪارڪردگي شاندار راهي، خاص طور جنيد خان سٺو فاسٽ بالر طور سامهون آيو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ مئچ جمعي تي ٿيندي

    لنڊن: انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچن تي مشتمل سيريز جي ٻي ٽيسٽ 3 جون کان لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شروع ٿيندي. انگلينڊ کي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل آهي. ميزبان ٽيم 26 کان 30 مئي تائين ڪارڊف ۾ کيڏيل پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچ ۾ هڪ اننگز 14 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل ڪئي هئي. انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان ايندريو اسٽراس چيو آهي ته هو سريلنڪن ٽيم خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اينڊريو اسٽراس چيو آهي ته سندس ٽيم مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ سريلنڪن ٽيم کي ٻئي ٽيسٽ مئچ ۾ شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪندي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button