رپورٽ

  • Ali Babab Webnar

    نرالي ڪھڻيڪار ۽ ناول نگار علي بابا کي عالمي ورچوئل ۾ ويھڪ ۾ زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

    ڪرونا جي ڪري رميش راجا ۽ منظور اڄڻ پاران شروع ڪيل آن لائين علمي ادبي ويھڪن جي سلسلي جو تيرھون پروگرام نرالي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار علي بابا کي ڀيٽا ڏيڻ لاء پيش ڪيو ويو. جنھن ۾ سڄي دنيا مان آن لائين شامل ٿيندڙ ساڃاھ وندن سندس ڊرامن، ڪھاڻين، ناولن، انٽرويوز ۽ ڪچھرين جا حوالا ڏئي شاندار ڀيٽا ڏني. پروگرام جي تعارفي ڳالھ ٻولھ ۾ رميش راجا چيو ته دنيا جي ڏاھن وانگي طبيعت سادي ۽ خيال اوچا علي بابا جو به اورڻ ھو. سندس ڪھاڻي، ناول ۽ ڊرامن ۾ منظر نگاري جي مھارت نمايان ھئي. اديباڻي ٽولي بازي ۽ سرڪاري جڳت کان پري عالمي معيار جو باضمير نثر نويس ھو. اديب جي ڪتاب ۽ ڪردار جي تضاد ڪري ادب سماجي ڪارج بدران ذھني عياشي بڻجي وڃي ٿو ۽ پڙھندڙن جو تعداد گھٽائي ٿو. رجعت پرستي مخالف عوامي مزاحمتي ادب ئي مڃتا ماڻيندو. ڀلوڙ شاعر ۽ اديب علي آڪاش چيو ته علي بابا جون ڪهاڻيون وطن ۽ ويڙهيچن جي زندگيءَ جو حقيقي عڪس پيش ڪن ٿيون. هن جون ڪهاڻين جون ٽي خصوصيتون اهم آهن، اتهاسڪ اپٽار، پيڙھيل طبقي جي نمائندگي ۽ نج ٻولي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي سوشل ريئلزم جي تحريڪ کان متاثر رهي. علي بابا جون ڪهاڻين ۾…

    وڌيڪ پڙھو
  • Qadir Bux Bedil

    ڪرونا جي ڪري ٻه روزه آن لائين بيدل عالمي ڪانفرنس ٿي گذري، سڄي دنيا مان ساڃاه وند شريڪ

    بيدل جي سھپ ۽ رواداري وارو نظريو سنڌ جي اوائلي سڃاڻپ آھي ان کي قائم رکڻ ۽ عام ڪرڻ جي اڄ سخت ضرورت آھي. سرڪار ڪرونا جي ڪري ميلن کي نون طريقن جھڙوڪ پرنٽ ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا ذريعي قائم رکي، اھڙا روشن خيال نظريا ۽ ڪلاسيڪل ادب ايندڙن نسلن ڏانھن منتقل ٿيندو رھي، ان لاء نصاب کي بھتر بڻائڻ جي ضرورت آھي.

    وڌيڪ پڙھو
  • قلندر جي نگري

    صدين جي تاريخ رکندڙ سنڌ جو قديم شهرسيوهڻ شريف،جتي لعل قلندر شهبازکانسواءِ ڪيترن ئي اولياء الله جون آخريآرامگاهون آهن،هتي هر روز هر قسم،هر رنگ و نسل جا ماڻھون سڄي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ اچي لعل شهباز قلندر تي حاضري ڀري عقيدت جا گل نڇاور ڪن ٿا جيڪڏهن سيوهڻ شهر کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسجي ته؛ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد، سيوهڻ جو درجو اچي ٿو. يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر فارسي قديم تاريخن خواھ تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي، ”چچنامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چارحڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌبه، جنگان، روجھاڻ، ڪوه پايه،ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو

    وڌيڪ پڙھو
  • لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ پئڪيج مان عوام کي ڪھڙو فائدو ۽ پيٽ ڀريندڙ ھتان جا ڪامورا…؟

    موجودھ حڪومت عوام کي بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ جو عزم ڪيو آھي جنھن ۾ موجودھ روڊن کي ويڪرو ڪري مضبوط ڪرڻ، تعليم، صحت، واٽرسپلاءِ، ڊرينيج، ڳوٺن کي بجلي ۽ گئيس جي فراھمي کي يقيني بڻائڻ آھي، پر ھن وقت تائين ٽي سال گذري چڪا آھن پر افسوس جو ھن مھل تائين ھڪ ڪم بھ مڪمل نھ ٿي سگھيا آھن، لاڙڪاڻو ضلعو جيڪو سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي ۽ تاريخي لحاظ کان وڏي اھميت رکي ٿو. انھيءَ سان گڏوگڏ ھي ضلعو شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو جو آبائي ضلعو پڻ آھي، ماضيءَ ۾ ھن شھر کي نظر انداز ڪيو ويوھو، جڏھن تھ موجودھ پيپلز پارٽي حڪومت جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ضلعي کي ان ڪري اھي پيڪيج فراھم ڪيا ويا تھ ھي شھر شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جو آبائي شھر آھي، پوءِ بھ ھتان جا ڪامورا لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ پئيڪيج کي خرد برد ڪري پنھنجا پيٽ ڀرڻ ۾ ڏينھن رات مصروف لڳا پيا آھن

    وڌيڪ پڙھو
  • چانڊڪا اسپتال جي مسڪين مريضن جي دانھن ڪير ٻڌندو؟..

    بختيار بگٽي اتر سنڌ جي مشھور لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف وچ ۾ يارنھن ڏينھن کان ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي. جڏھن تھ ٻنھي ڌرين جي جھيڙن توڙي ڇڪتاڻ ۽ ضد سبب اسپتالن ۾ داخل ويچارا ھزارين مريض علاج کان محروم ٿي ويا آھن. ان کان پوءِ ڪيترن ئي پرايويٽ اسپتالن ۾ غريب مريضن پاران قرض کڻي ۽ پنھنجي گھر جو سمورو سامان کپائي مختلف پرائيويٽ اسپتالن ڏانھن ھليا ويا، پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڄڻ ڊاڪٽرن لاءِ عيدون ٿي ويو ۽ انھن جو ڪمائي جو ذريو انھن 11 ڏينھن اندر لکين رپيھ ڪمائي عيش ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا آھن انھن 11 ڏينھن ۾ روز ڪيترائي مريض جن ۾ عورتون، مرد توڙي ٻارڙا ۽ نوجوان موت جو کاڄ بڻجي رھيا آھن. پر پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ روز ايم ايس توڙي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڇڪتاڻ جون خبرون نمايان انداز ۾ گلن جيان ڏيک ڏئي رھيا آھن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تھ اھي بيباڪ صحافي انسان دوست ڪاڏي ويا جن ھن مھل تائين انھن مظلوم غريب بي سھارا ۽ بي پھچ مريضن ڏانھن شايد واجھائي نھ ڏٺو. انھن سان ڪھڙو حشر ھلي رھيو آھي ۽ روز ڪيترا مريض موت…

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ چلڊرين فيسٽيول

    تحرير: ظفر علي منگي نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن حيدرآباد ۽ يونيسيف جي گڏيل سهڪار سان ڪجهه ڏينهن پهرين ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآَباد ۾ ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌ چلڊرين فيسٽيول منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي لڳ ڀڳ 2000 شاگردن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ سئو ٻارڙن خصوصي طور تي شرڪت ڪئي _ فيسٽيول ۾ ٻارڙن جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي منفرد مقابلن ۽ ڪرتب جو اهتمام ڪيو ويو _ اسان جي معاشري ۾ جتي ٻارڙن جي وندر ۽ تفريع لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه آهن اتي ڪنهن تنظيم يا اداري طرفان اهڙي ريت جا پروگرام ڪرائڻ سچ ته نئي نسل کي مثبت ۽ سٺي سوچ ڏانهن راغب ڪرڻ آهي _فيسٽيول ۾ اسڪولي توڙِي ٻوڏ متاثر ٻارڙن جي دلچسپي ۽ شموليت کي ڏسي ، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته سندس من کلي پيو هجي _ ڪو سندن اندر جي ڳالهه ڪري رهيو هجي _ سچ ته نٽ کٽ گورپ آف پبليڪشن جيڪو گذريل 20 سالن کان ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪري رهيو آهي _ان جي انتظاميه کي جس هجي جنهن اهڙو ته منفرد پروگرام رٿيو جو ٻاڙن جي ذهنن تي نه وسرندڙ اثر ڇڏيا ۽ انهن کي تفريع جو موقعو…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button