گھوٽڪي

  • پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي ملھائي وئي

    پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي جي تقريب فنڪشنل مسلم ليگ طرفان ڏهرڪي ۾ تعلقي صدر نظيرپنهيار جي رهائشگاهه تي ٿي گذري جنهن ۾ مختلف پارٽين جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • ”ڏهرڪي شهر نڌڻڪو ڇو؟“ جي نالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

    پنجن سالن دوران ٽائون انتظاميه پاران ڪابه ترقياتي اسڪيم نه رکي وئي سڄو پيسو ڪرپشن جي ور چڙهي ويو. ملازمن جون پگهارون هڙپ ڪيون ويون

    وڌيڪ پڙھو
  • ڏهرڪي : سسئي پليجو داد سنڌي پبلڪ لائبريري جو افتتاح ڪيو

    ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو مونو ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ڏهرڪي ۾داد سنڌي پبلڪ لائبريري جو افتتاح ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • ڏھرڪي: سنڌي ميڊيا فورم پاران سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو

    سنڌي ميڊيا فورم جي سڏ تي 21 ڊسمبر سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڏهرڪي شهر به اجرڪ ٽوپي جي رنگن سان جرڪي پيو، صبح جو سوير کان ماڻهو ريلين ۽ قافلن جي صورت ۾ اجرڪ ٽوپيون پهري پريس ڪلب چوڪ آڏو گڏ ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
  • نواز شريف اگر اسلام آباد ڏانھن مارچ ڪندو ته پي پي تخت لاھور ڏانھن مارچ ڪندي، قائم علي شاھ جو ڌرڻي کي خطاب

    سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف جمهوريت خلاف اسلام آباد طرف مارچ ڪندو ته سنڌ جا 40 لک باشعور ماڻهو جمهوريت جي حفاظت لاءِ تخت لاهور ڏانهن مارچ ڪندا پوءِ شريف ڀائر ڳوليا به نه لڀندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • ناليواري ليکڪ شبير قمبراڻي کي گم ٿئي سال گذري ويو، ڪنهن سار نه لڌي

    تفصيل موجب؛ شبير قمبراڻي پنهنجي ڊرائيور سان گڏ اسلام آباد کان گهر اوٻاوڙو واپس اچي رهيو هو ته ملتان پهچڻ کانپوءِ گهر وارن سان رابطو ڪٽجي ويو، شبير قمبراڻي هڪ ناليوارو ليکڪ آهي، هن ٻه ڪتابون ،پيغام خوشحالي ۽ ممڪن جي نالي سان لکيون آهي، شبير قمبراڻي مختلف اخبارن جو ڪالم نگار ۽ صحافي پڻ رهيو آهي، سماج سڌارڪ شبير قمبراڻي انساني حقن واري تنظيم ايشين هيومن رائٽس ڊيولپمنٽ جو صدر پڻ آهي، جنهن کي گذريل سال رمضان جي مهيني ۾ ملتان کان اغوا، گم ڪيو ويو هو جنهن جو اڄ تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي، شبير سان گڏ ڊرائيور حاڪم سمون به سندس لاپته بڻيل آهي، شبير۽حاڪم جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس حد بندي تقرار سبب مدد ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار ناهي، شبير ۽ حاڪم جا وارث جڏهن پنجاب پوليس کان مدد وٺڻ لاءَ ملتان ويا هئا ته سندس جواب اهو مليو ته شبير جو تعلق سنڌ سان آهي ۽ ڪيس به سنڌ ۾ ئي داخل ٿيڻ کپي

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ پوليس جي پگهار پنجاب برابر ڪئي ويندي: : آءِ جي سنڌ

    آءِ جي سنڌ پوليس واجد علي دراني پوليس لائين ميرپور ماٿيلو جي ميس هال ۾ ضلعي جي پوليس آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي پير محمد شاهه آءِ جي کي ضلعي بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گهوٽڪي پوليس عملدارن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ضلعي ۾ امن و امان قائم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ بدنامه زمانه 13 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن تي لکين روپيا انعام رکيل هو جڏهن ته 9 پوليس سان مقابلي دوران مارجي ويا آهن. هن ٻڌايو ته مونکي پهريان ضلعي اندر 29 ماڻهو اغوا ٿيل هئا جن کي بهتر حڪمت عملي بغير ڪنهن ڀنگ جي واپس ڪرايو ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ 4 پوليس سب ڊويزن آهن ۽ 17 ٿاڻا آهن جڏهن ته ضلعي ۾ 86 ڪلوميٽر هائي وي آهي جنهن تي اسان جو مڪمل ڪنٽرول آهي ان کان علاوه ايس ايس پي، آءِ جي سنڌ کي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت پنهنجي حڪمت عملي ٻڌائي ۽ هن گهر ڪئي ته پوليس لائين ۾ موجود 25 ڪوارٽر جي مرمت ڪرائي وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • موجوده حڪومت محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي خواب مطابق غريب ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي: ڌاريجو

    ايم پي اي ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ تعلقي گهوٽڪي ۽ خانڳڙهه جي مستحقن ۾ گذارا الائونس جي مد ۾ 66 لک 64 هزار جا چيڪ 2 هزار 40 ماڻهن ۾ تقسيم ڪيا. جنهن ۾ تعلقي گهوٽڪي جا 1485 مستحق ۽ خانڳڙهه جا 555 شامل آهن. ان موقعي تي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي خواب مطابق غريب ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي، هي پهريون ڀيرو آهي جو هزارين ماڻهن کي انهن جي درن تي چيڪ فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته جمهوري حڪومت 3 سالن دوران سنڌ جي هزارين نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو آهي جڏهن ته گذريل حڪومتن پاران لاٿل ملازمن کي پڻ بحال ڪيو پيو وڃي ڇو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ صدر پاڪستان محترم آصف علي زرداري جي رهنمائي ۾ شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت شفاف طريقي سان بغير ڪنهن سياسي مداخلت ۽ رنگ نسل جي هر مهيني غريب عورتن کي پوسٽ وسيلي گهرن تائين وظيفو پهچايو پيو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ضلعي گهوٽڪي 2 ڀيرا پوليو جا رائونڊ ٿيندا پهرين مرحلي ۾ 18 کان 20 جولاءِ تائين پوليو مهم جاري رهندي

    ضلعي گهوٽڪي ۾ 3 روزه پوليو مهم جو افتتاح ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر صالح ۽ ڊي ايڇ او گهوٽڪي ڊاڪٽر ڌڻي بخش ٿيٻو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو ۾ ٻارن کي پوليو جا قطرا پياري ڪيو. ان موقعي تي پوليو مهم جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ٻڌايو ته هن ڀيري ضلعي گهوٽڪي 2 ڀيرا پوليو جا رائونڊ ٿيندا پهرين مرحلي ۾ 18 کان 20 جولاءِ تائين پوليو مهم جاري رهندي جڏهن ته هڪ هفتي بعد ٻئين مرحلي ۾ 25 جولاءِ کان 27 جولاءِ تائين پوليو مهم جاري رهندي ڇو ته اسان کي خدشو آهي ته ضلعي ۾ پوليو وائرس موجود آهي ۽ بدلجندڙ موسم سبب اها ڦهلجي سگهي ٿي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او گهوٽڪي ڊاڪٽر ڌڻي بخش ثيبو پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمن ۽ ايريا انچارجن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو مهم دوران سچائي ۽ ايماندريءَ سان ڪم ڪن ڇو ته پوليو اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • قادرپور لوپ بند، رونتي بند، گميڙو بند ۽ ايل ايم بندن کي حساس قرار ڏنو ويو

    ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ منقعد ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيڊا اجلاس دوران ضلعي گهوٽڪي جي بندن جي مرمتي ڪم ۽ امڪاني ٻوڏ متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ بندن جي ڊيگهه 86 ڪلومٽر آهي جنهن ۾ گهوٽڪي فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال ڊفينس لائين آهي جنهن ۾ چئن هنڌن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ قادرپور لوپ بند، رونتي بند، گميڙو بند ۽ ايل ايم بند شامل آهن جڏهن ته انهن بندن تي تيزي سان مرمتي ڪم جاري آهي جنهن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي باقي ڪم 15 جولاءِ کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو ۽ بندن کي 6 فوٽ مٿي بڻايو ويو آهي ان سان گڏوگڏ اسٽون پچنگ جو ڪم به جاري آهي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button