شڪارپور

  • Khanpur blast

    خانپور حملي ۾ گرفتار بمبار عثمان جو پيءُ ملا فضل الله جو ساٿي نڪتو

    خانپور آپگھاتي حملي دوران گرفتار ڪيل آپگھاتي بمبار عثمان جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته منهنجو پيءُ ۽ چاچو افغانستان ۾ ملا فضل الله سان گڏ رهيا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور: قرباني جا جانور وٺڻ بدران ھٿيارن جي خريداري، عيد تي خونريزي جو خطرو

    شڪارپور ضلعي جي 30 کان وڌيڪ قبيلائي جھيڙا ھلندڙ ، عيدلاضحيٰ جي موقعي تي وڏي خونريزي جو خطرو ، علائقي واسي عيد خريداري بدران جديد ھٿيار خريد ڪرڻ ۾ رڌل . عيد جي ڏينھن وڏي امڪاني خونريزي جو خطرو

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور مان ڦرٿيل سامان پوليس طرفان واپس ڪرائي ڏوھاري گرفتار ڪرڻ جي دعوي

    شڪاپورپور پوليس چوري ٿيل 18 تولا سون ، 3 موٽرسائيڪلون ، 5 موبائيل فون، 4 پسٽلن سميت 19 ڏوھاري گرفتار ڪرڻ جي دعوي، رپورٽ موجب شڪارپور شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھري سراپا احتجاج ھئا ۽ شڪارپور بچايو تحريڪ طرفان ايس ايس پي شڪارپور کي ھٽائڻ لاءِ تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو ھو.

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور:15 فيبروري تي شٽربند ھڙتال جو سڏ

    شڪارپور ۾ وڌندڙ لاقانونيت ، بدامني ، انتظامي بي حسي خلاف شھري سراپا احتجاج بڻجي ويا، 3 ڏينھن واري علامتي بک ھڙتال شروع ،ٻي ڏينھن ۾ داخل ، 15 فيبروري تي شٽربند ھڙتال جو سڏ، ايس ايس پي کي ھٽائڻ جو مطالبو

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور:ضلعي ۾ اليڪشن ويجھو ايندي سياستدانن پنھنجون سرگرميو تيز ڪري ڇڏيون آھن

    شڪارپورضلعي ۾ اليڪشن ويجھو ايندي سياستدانن پنھنجون سرگرميو تيز ڪري ڇڏيون آھن ۽ ايندڙاليڪشن ۽ وڏي خونا ريزي جو خطرو وڌي ويو آھي، خاص طور تي غوث بخش مھر جوفنڪشنل ليگ ۾ شموليت سان ضلعي ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ وين اسڪول کان موٽندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلٽي

    ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ وين اسڪول کان موٽندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 مسافر فوت ۽ 6 عورتن سميت 15 مسافر شديد زخمي ، تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر وين ڪرن شريف وٽ اسڪول کان ايندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلڻي ٿيڻ سبب 3 مسافر فوت ٿئي ويا جن ۾ 40 سالا عبدالبصير ، 35 سالا مختيار منگي ۽ 7 سالن جو معصوم عبدالباقي اوڍو آهن جڏهن ته زخمين ۾ نصرالله ، سڪندر بروهي ، رياض حسين ، حبيب الله جتوئي ، توصيف احمد اوڍو ، حسين احمد بروهي ، مولا بخش ، ڪرم الله گولو ، مسمات خالده منگي ، مسمات جميلان ، مسمات جبائي بروهي ، مسمات خيئر بيبي معصوم ٻارن ۾ 2 سالا محمد قاسم ۽ 5 سالا ابراهيم قريشي شامل آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور لڳ لڳ نامعلوم ھٿياربندن نيٽو جي ٽينڪرن تي فائرنگ ڪري ڏني، چار ٽينڪر مڪمل تباھ

    شڪارپور لڳ نامعلوم مسلح هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نيٽو جي 6 آئل ٽنڪرن تي ڇتي فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ نيٽو جا چار آئل ٽينڪر مڪمل طور تباه ٿئي ويا جڏهن ته ٻن آئل ٽينڪرن کي پوليس بچائي ورتو . تفصيل موجب شڪارپور شهر جي لڳ عبدال شاخ وٽ موٽر سائيڪل سوار ملسح هٿياربندن نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي ان وقت فائرنگ شروع ڪري ڏني جڏهن اهي همايون ٿاڻي جي حد عبدال شاخ وٽان گذري رهيا هئا فائرنگ جي نتيجي ۾ نيٽو جا چار آئل ٽينڪر مڪمل طور تي سڙي ويا جڏهن ته ٻن آئل ٽينڪرن کي پوليس حفاظتي انتظام ڪندي سڙڻ کان بچائي ورتو

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور جي درگاھ ڪڻڪ شاه پير جو خدمتگار قتل

    ڪڻڪ شاه پير جو خدمتگار قتل سندس لاش اڌ ڪلاڪ رستي تي پيل رهيو ايڌي وارن لاش کي کڻائي ڪري سول اسپتال پهچايو تفصيل موجب شڪارپور شهر جي اسٽيشن روڊ تي واقع مشهور پير ڪڻڪ شاه بادشاه جوخدمتگار مور ولد غلام حسين ابڙو ڪڻڪ شاه بادشاه جي درگاه جي ٻاهران صفائي ڪري رهيو ته نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿس پسٽل جا فائر سڌا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ويا لاش اڌ ڪلاڪ اسٽيشن روڊ تي پيل رهيو بعد ۾ ايڌي رضاڪارن لاش کي کڻي سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپورجي سينيئر صحافي جو والد ھن دنيامان لاڏاڻو ڪري ويو

    سينيئر صحافي واجد علي ڀٽو جو والد نبي بخش ڀٽو 63 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو کيس پنهنجي آبائي قبرستان ميران شاه ۾ جا۽ ڏني وئي جڏهن ته واجد علي ڀٽو سان سياسي ، سماجي شخصيتن سان گڏوگڏ صحافي برادري ۾ آغا اسرار خان پٺاڻ ، آغا يونس پٺاڻ ، آغا طارق نديم پٺاڻ ، غلام فريد فاروقي ، عبدالسميع ڀٽو ، وحيد ڦلپوٽو ، عبدالبصير سومرو ، شاهد مٺياڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن تعزيت ڪئي .

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ هڪ اشتهاري ڏوهاري قتل، پوليس طرفان پوليس مقابلو ڄاڻايو ويو

    ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ هڪ اشتهاري ڏوهاري قتل سندس لاش هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو بعد ۾ پوليس کي اطلاع ملندي ئي لاش کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، مقابلي جي دعوي . تفصيل موجب هڪ اشتهاري ڏوهاري اربيلو ٻٻر ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو اهو واقعو ڳوٺ محمد اسمائيل سندراڻي ۾ پيش آيو ذرائع کان معلوم ٿيو آهي ته هڪ خفيه ڊيل تحت پنج مهينا اڳ اربيلو ٻٻر پاڻ پوليس وٽ پيش پيو هيو ملزم تي رکيل پنج لک روپيا انعام واري رقم کيس کي ئي ڏني ويندي ۽ سندس ڪيسن جي پيروي به نه ڪئي ويندي ان ڊيل تحت ملزم گرفتاري پيش ڪئي ۽ چئن مهينن ۾ ئي آزاد ٿئي ويو ان وقت جي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندي پنهنجي ترقي جي سفارش به ڪري ڇڏئي هئي پوليس ڪنهن به ڪيس جي پيروي نه ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button