خيبر پختون خوا

  • Imran Khan PTI

    وڏو انسان بڻجڻ لاءِ سُٺي سوچ جو هجڻ به ضروري آهي:عمران خان

    پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسٽي آرڊر وٺڻ وارا رنڊڪون وجهي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • پشاور: دھشتگردن جو گرڊ اسٽيشن تي حملو، 8 ڄڻا مارجي ويا

    پشاور جي علائقي بڊھ ٻير ۾ گذريل رات اڻڄاتل دھشتگردن جي پاران واپڊا جي آفيس ۽ گرڊ اسٽيشن تي حملي کان پوءِ غائب ٿيندڙ 8 ڄڻن جا لاش ويجھو ميدان ۾ مليا آھن جڏھن ته چار اڃان غائب آھن.

    وڌيڪ پڙھو
  • طالبان جا بم ۽ گوليون ختم ٿي وينديون پر اسان جا سينا ختم نه ٿيندا: بشير بلور جو فرزند

    شهيد بشير احمد بلور جي فرزند عثمان بلور پيءُ جي شهادت تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ته بشير احمد بلور کي شهادت جو نشان هو، الله پاڪ پيءُ جي شهادت قبول عطا فرمائي

    وڌيڪ پڙھو
  • خيبر ايجنسي ۾ جمعي نماز دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو،57 نمازي شهيد،127 زخمي

    خيبر ايجنسي جي تعلقي جمرود ۾ جمعي جي نماز جي موقعي تي جامع مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 57 نمازي شهيد ۽ 127 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب خيبر ايجنسي جي تعلقي جمرود جي علائقي غنڊئي ۾ المدينه جامع مسجد ۾ ان وقت زوردار ڌماڪو ٿيو جڏهن ماڻهون جمعي جي نماز ادا ڪري رهيا هئا. جنهن دوران هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي سبب جامع مسجد شهيد ٿي وئي ۽ ڪيترائي نمازي ملبي هيٺان دٻجي ويا، بم ڌماڪي وقت مسجد ۾ 500 کان وڌيڪ نمازي موجود هئا. جامع مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب مسجد جو وڏو حصو شهيد ٿي ويو، ڇت ۽ ديوارون ڪري پيون، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪو آپگهاتي بمبار پاران ڪيو ويو، ڌماڪو ايترو شديد زوردار هو جيڪو پري پري تائين ٻڌو ويو، جنهن سبب ڀرپاسي جون عمارتون به ڌڏي ويون ۽ عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا

    وڌيڪ پڙھو
  • ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جو ٿاڻي تي حملو، 2 آپگهاتي ڌماڪا، عمارت تباهه، ايس ايڇ او سميت 10 اهلڪار شهيد، طالبان ذميداري قبول ڪري ورتي

    ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي ڪلاچي جي سٽي ٿاڻي تي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، ٿاڻي جي 20 کان 25 پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ بعد دستي بمن سان حملن ۽ فائرنگ ۾ ايس ايڇ او سميت 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ٻن آپگهاتي بمبارن پاڻ کي ڌماڪن سان اڏائي ڇڏيو، ٿاڻي ۾ اندر داخل ٿيندڙ بڪتربند گاڏي ۽ عمارت باهه لڳڻ بعد تباهه ٿي وئي، يرغمال بڻيل پوليس اهلڪارن کي ٿاڻي مان زخمي حالت ۾ ڪڍي اسپتال داخل ڪرايو ويو، ذريعن موجب ڊير اسماعيل خان جي ڪلاچي ٿاڻي ۾ ڪالهه شام جي وقت 10 کان 12 دهشتگرد اندر داخل ٿيا، ان کان اڳ هڪ برقعا پوش عورت به ٿاڻي اندر داخل ٿي، ٿاڻي جي گيٽ وٽ مقرر پوليس اهلڪار دهشتگردن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس دستي بم سان حملو ڪري شهيد ڪيو ويو. جنهن بعد پوليس اهلڪار الرٽ ٿيندي ئي دهشتگردن ٿاڻي اندر دستي بمن سان وڌيڪ حملا ڪري ڏنا ۽ فائرنگ ڪري ٿاڻي اندر موجود 20 کان 25 اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو

    وڌيڪ پڙھو
  • آپگهاتي جيڪٽ پهريل 8 ورهين جي ٻارڙي تحويل هيٺ

    اسلام دره چيڪ پوسٽ تي 8 ورهين جي ٻارڙي کي سيڪيورٽي اهلڪارن تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڊي پي او لورئر دير موجب ٻارڙي کي خودڪش جيڪٽ پاتل هئي جيڪا حفاظت سان لاٿي وئي آهي. دهشتگردن خودڪش حملا ڪرڻ لاءِ ننڍڙن ٻارڙن کي اغوا شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻارڙي پشاور جي رهواسي آهي جنهن کي اغوا ڪيو ويو هو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي. پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻارڙي کي خودڪش جيڪٽ پاتل هئي. جيڪا حفاظت سان لاٿي وئي آهي. حراست ۾ ورتل ٻارڙي سهانا ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٻن عورتن ۽ هڪ مرد بيهوش ڪري اغوا ڪيو هو، مون سان گڏ 2 مرد ۽ 2 عورتون پڻ شامل آهن جن مون کي چيڪ پوسٽ تي حملي ڪرڻ جو چيو هو. معصوم ٻارڙي سهانا چيو ته هو ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • پشاور جي علائقي خيبر مارڪيٽ ۾ ھڪ ٻئي پويان ٿيندڙ ٻن ڌماڪن ۾ مارجي ويندڙن جو انگ 37 ٿي ويو

    پشاور جي خيبر سپر مارڪيٽ ويجهو 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ صحافي سوڌو 37 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ صحافي ۽ 8 سيڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن، ڌماڪن بعد ويجهو موجود عمارتن کي تي باهه وڪوڙي وئي، تفصيل موجب خيبر پختونخوا جي گادي واري شهر پشاورجي ڪينٽ واري علائقي ۾ واقع خيبر سپر مارڪيٽ ۾واقع هڪ هوٽل ۾ پهريان هڪ ڌماڪو ٿيو، ريسڪيو ذريعن موجب اهو ڌماڪو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو، جنهن بعد ماڻهن جو وڏو انگ ، صحافي ۽ سيڪيورٽي به ڌماڪي واري جاءِ تي پهتا ته ٺيڪ ان وقت ٻيو ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب 37 ڄڻا مارجي ويا ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ صحافين سميت 100 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ مقامي اخبار جو صحافي اسفند يار چمڪني شامل آهن، جڏهن ته صحافي صفيع الله ۽ عمران بخاري سميت 2 صحافي زخمي پڻ ٿي پيا، جڏهن ته ايس پي ڪينٽ سوڌو 8 اهلڪار به زخمين ۾ شامل آهن،

    وڌيڪ پڙھو
  • اتر وزيرستان ۾ وقفي وقفي سان 3 ڊرون حملا، 25 ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

    وانا (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ هڪ ٻئي پويان آمريڪي جهازن جا 3 ڊرون حملا، 25 ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، ذريعن موجب آمريڪي جاسوسي جهاز پهرين مدرسي جي ويجهو هڪ گهر تي 2 ميزائل فائر ڪيا، جنهن جي وقفي بعد هڪ ٻئي گهر تي ميزائل فائر ڪيا ويا، نتيجي ۾ 19 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، واقعي بعد مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، زخمين کي اسپتال ڏانهن نيو ويو، جڏهن ته رات دير تائين جاسوسي جهازن جون اڏامون جاري رهيون، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • پشاور جي علائقي متني بازار ۾ واقع بس اڏي جي ويجھو ڌماڪي ۾ 6 افراد فوت ٿي ويا

    پشاور: پوليس ذريعن جو چوڻ مطابق پشاور جي جي علائقي متني بازار ۾ ڌماڪو ھڪ پڪ اپ ويگن ۾ ٿيو جيڪا ڪال خيل وڃي رھي ھئي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ماڻھو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته ڏھ زخمي ٿي پيا ڌماڪي کان پوءِ ريسڪيو جون ٽيمون واقعي واري ھنڌ پھچي ويون ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ھنگامي صورتحال جي ڪري ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي جڏھن ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن علائقي جو گھيرو ڪري تحقيق شروع ڪري ڏني آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • مهراڻ بيس واقعي جو ماسٽر مائينڊ الياس ڪاشميري ڏکڻ وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو

    ڪراچي ۾ پي اين ايس مهراڻ بيس تي حملي جو ماسٽر مائينڊ الياس ڪاشميري ڏکڻ وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو، پابندي مڙهيل تنظيم حرڪت جهاد اسلامي الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، تنظيم جي ترجمان ابو حنظله پاران ميڊيا کي هڪ خط موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ برطانوي ٽي وي کي چيو آهي ته آمريڪا کان ان جو بدلو وٺنداسين. وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي خبر نشر ڪئي، ذريعن موجب الياس ڪاشميري 10 ڏينهن اڳ خيبر ايجنسي مان وانا آيو هو ۽ حملي کان اڌ ڪلاڪ اڳ ٺٽائي جي علائقي پهتو هو ۽ ساٿين سان گڏجي چانهه پي رهيو هو ته آمريڪي ڊرون حملو ڪيو ويو، برطانيه اهڙي خبر جي ترديد ڪري ڇڏي هئي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button