فريدآباد

فريدآباد: اسان جي جگر جي ٽڪرن کي جلد آزاد ڪرايو، امتياز ۽ رياض جو وارث

جڙيل چانڊيو، فريدآباد
Protest to release Imtiaz and Riaz Khaskheliفريدآباد وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي سڏ تي مسلسل نائين ڏينھن به رياض خاصخيلي ۽ امتياز خاصخيلي سميت جبري طور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء ڪيل بک ھڙتال جاري رھي.
خبر موجب پنج ڪلاڪ سخت گرمي ۾ بيگناھ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو جي نعرن جي گونج بک ھڙتال ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جا وارث ۽ سياسي سماجي ڪارڪن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا . بک ھڙتال جي ڪنوينر راجا مزمل خاصخيلي ـ عارف عمر ـ شاھد خاصخيلي ـ صداقت علي ـ امجد علي ۽ ٻين ميڊيا کي بيان ڏيندي چيو ته اسان جي جگر جي ٽڪرن ٻن ڀائرن جي جبري گمشدگي ڪري ذھني پيڙاھ جو شڪار آھيون ٻئي ڀائر ڪنھن به پارٽي سان يا ڪنھن به ايڪٽوٽي سان لاڳاپيل نه آھن خدارا اسان تي اسان جي ٻچڙن تي اسان جي نياڻين تي رحم ڪري اسان جا ٻچڙا آزاد ڪيا وڃن ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته اسان جي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ـ سميت وس وارن اختيارين ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن انصاف جي عالمي عدالتن ۽ اقوام متحده کي اپيل ٿا ڪريون ته ھن سنڌ جي اھم مسئلي تي نوٽيس وٺي بي گناھ کنڀي گم ڪيل نوجوانن ۽ قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪري اسان جي بيچيني ۽ پريشاني ختم ڪئي وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button