بلاگ

سگريٽ ڇڪڻ ۽ تعليم

سگريٽ ڇڪڻ ۽ تعليم

ڪجھ ڏينھن پھريان ڳوٺ ۾ ھڪ ٻارڙن جي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو مليو، پروگرام عيد ميلا النبي صلي الله عليه و آله وسلم جي حوالي سان ھئو، ان پروگرام ۾ ٻارڙن تمام سٺيون تقريرون ڪيون، سوالن جوابن جي پروگرام ۾ حصو ورتو ۽ ڪجھھ ٻارڙن نعتون پڙھيون، نعتون پڙھندڙ ٻارڙن مان ھڪ کي نه پيو سڃاڻان،.
ھڪ استاد جو قتل

ھڪ استاد جو قتل

پروفيسر رشيد چنڙ جو قتل ھڪ استاد جو نه پر جھالت ھٿان روشني جو قتل آھي، اھي به ڏينھن ھوندا ھئا جڏھن شاگرد خاص طور تي مئٽرڪ تائين استادن کي جھڪي ملندا ھئا ۽ ڪٿي استاد کي ڏسندا ھئا ته رستو ئي مٽائي ويندا ھئا ته ڪٿي استاد ڏسي نه وجھي، اھو استادن کان خوف نه پر سندن لاءِ مان ھوندو ھئو۔ پروفيسر رشيد چنڙ جي قتل جو ٻڌي ۽ اھو به ھڪ عظيم درسگا ھ ۾ ڏاڍو افسوس ٿيو، اسان سنڌي جيڪي اڳ ۾ ئي جاھل سڏيا پيا وڃون، اسان ئي بجاءِ ان جي جو علم پرايون، سياست جي ور چڙھي ويا آھيون، سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست بدمعاشي۾ بدلجي ويئي آھي، ٿيڻ ته ائين کپي ته سياسي تنظيمون شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن، تعليم جي عام ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن پر اھي ته ھاڻي قاتل پيون پيدا ڪن۔ علم ته جھالت کي ختم ڪندو آھي پر ھي ڪھڙا شاگرد آھن جيڪي يونيورسٽين ۾ پڙھندي به جاھل ئي رھن ٿا ۽ وڌيڪ ته ڏوراھن علائقن کان ايندڙ شاگرد کي پڙھڻ به نه ٿا ڏين۔ ايستائين جو سنڌ جيڪا سيڪيولر سڏبي آھي اتي ايستائين جو گذريل سال ھڪ تنظيم امام حسين عليه السلام جو ذڪر به نه…
مايوسي ڪفر

مايوسي ڪفر

راجاخان رند جي خود سوزي حڪمرانن تي منھن تي چماٽ آھي، ووٽ وٺڻ وقت عوام وٽ اچن ۽ پوءِ ڪو واسطو ئي ڪونه، اليڪشن جي ڏينھن ۾ تي لور لور ڪري ڀڳاايندا آھن مگر عوام جي مسئلن سان ڪو واسطو ئي ۽ عوام ويچاري جيئ جيئ ۾ خوش، ھاڻي اگر اڳئين اليڪشن ۾ عوام موجوده حڪومت کي ووٽ ڏيندو ته وڌيڪ جانيون وينديون، اسان سنڌي عوام کي اپيل ٿاڪيون ته جيئ جيئ مان ٻاھر اچي پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪريو، ھي ڪو مصر يا تيونس ناھي، جو ھتي انقلاب اچي، اسان کي پنھنجي نوجوانن کي مايوسي مان ڪڍڻو پوندو، ڳوٺن ۾ ھڪ مزدور به 200 ڏھاڙي ڪمائي گھر ھلائي پيو
Back to top button