ظھور سولنگي

ظھور سولنگي

ظھور احمد سولنگي ماضي ۾ ٻارن جي ادب لاءِ ڪافي تحريرون لکيون آھن جيڪي ارچڪ مرچڪ، گل ڦل، ٻالڪ رنگ، بختور، وحدت اسلامي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آھن. ھن وقت فري لانس ڪم پيو ڪري.
  • جنوری- 2012 -
    10 جنوری
    بلاگ

    ھڪ استاد جو قتل

    پروفيسر رشيد چنڙ جو قتل ھڪ استاد جو نه پر جھالت ھٿان روشني جو قتل آھي، اھي به ڏينھن ھوندا ھئا جڏھن شاگرد خاص طور تي مئٽرڪ تائين استادن کي جھڪي ملندا ھئا ۽ ڪٿي استاد کي ڏسندا ھئا ته رستو ئي مٽائي ويندا ھئا ته ڪٿي استاد ڏسي نه وجھي، اھو استادن کان خوف نه پر سندن لاءِ مان ھوندو ھئو۔ پروفيسر رشيد چنڙ جي قتل جو ٻڌي ۽ اھو به ھڪ عظيم درسگا ھ ۾ ڏاڍو افسوس ٿيو، اسان سنڌي جيڪي اڳ ۾ ئي جاھل سڏيا پيا وڃون، اسان ئي بجاءِ ان جي جو علم پرايون، سياست جي ور چڙھي ويا آھيون، سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست بدمعاشي۾ بدلجي ويئي آھي، ٿيڻ ته ائين کپي ته سياسي تنظيمون شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن، تعليم جي عام ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن پر اھي ته ھاڻي قاتل پيون پيدا ڪن۔ علم ته جھالت کي ختم ڪندو آھي پر ھي ڪھڙا شاگرد آھن جيڪي يونيورسٽين ۾ پڙھندي به جاھل ئي رھن ٿا ۽ وڌيڪ ته ڏوراھن علائقن کان ايندڙ شاگرد کي پڙھڻ به نه ٿا ڏين۔ ايستائين جو سنڌ جيڪا سيڪيولر سڏبي آھي اتي ايستائين جو گذريل سال ھڪ تنظيم امام حسين عليه السلام جو ذڪر به نه ڪرڻ ڏنو ھو

    وڌيڪ پڙھو
  • اکتوبر- 2011 -
    27 اکتوبر
    بلاگ

    مايوسي ڪفر

    راجاخان رند جي خود سوزي حڪمرانن تي منھن تي چماٽ آھي، ووٽ وٺڻ وقت عوام وٽ اچن ۽ پوءِ ڪو واسطو ئي ڪونه، اليڪشن جي ڏينھن ۾ تي لور لور ڪري ڀڳاايندا آھن مگر عوام جي مسئلن سان ڪو واسطو ئي ۽ عوام ويچاري جيئ جيئ ۾ خوش، ھاڻي اگر اڳئين اليڪشن ۾ عوام موجوده حڪومت کي ووٽ ڏيندو ته وڌيڪ جانيون وينديون، اسان سنڌي عوام کي اپيل ٿاڪيون ته جيئ جيئ مان ٻاھر اچي پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪريو، ھي ڪو مصر يا تيونس ناھي، جو ھتي انقلاب اچي، اسان کي پنھنجي نوجوانن کي مايوسي مان ڪڍڻو پوندو، ڳوٺن ۾ ھڪ مزدور به 200 ڏھاڙي ڪمائي گھر ھلائي پيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 20 اکتوبر
    ٻاراڻي شاعري

    محنت ڪريو ٻارو محنت ڪريو

    نڪما بڻجي ويندئو، ڪامياب ڪڏھن نه ٿيندئو محنت ڪندئو حاصل ڪندئو بلند مقام علم ڏانھن ڏانھن قدم وڌايو اجايو وقت نه وڃايو اڪثر وقت مطالعي ۾ گذاريو ٿيندئو ڪڏھن نه ناڪام

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2011 -
    10 جولائی
    آرٽيڪل

    موبائل، ايس ايم ايس ۽ انٽرنيٽ ڪرائم قسط پھرين

    اڄ ڪلھھ جي دور ۾ موبائل ڪميونيڪشن ۽ انٽرنيٽ جي عام ٿيڻ سان جرم به وڌندا پيا وڃن ۽ انھن جو اڪثر شڪار نوجوان ٿين پيا، ان ڪري مون سوچيو ته ھڪ اھڙو سلسلو شروع ڪيو وڃي جنھن ۾ اھڙن واقعن جي باري ۾ نوجوانن کي ڄاڻ ڏني وڃي ته جيئن اھي پاڻ کي مجرمن کان بچائي سگھن.

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2011 -
    13 جون
    شاعري

    آزاد نظم

    آمد بھار ۽ چمن ۾ اداسي ڪوئل جي ڪو ڪو خاموش نه شادابي نه شگفتي بھار معني نويد سحر ڪاري رات کان پوءِ مرجھايل چھرن تي مرڪ موٽائڻ لئه پر ھي ڇا چوڏس خاموشي آشيانا اجڙيل ۽ ويران ڪنول جي لالي غائب

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 جون
    ٻارن جي دنيا

    ڏاھن جا ڏس

    جيڪو شخص ڪنھن جا عيب تلاش ڪرڻ ۾ رھندو آھي ته ان کي ڪوئي نه ڪوئي عيب ملي ئي ويندو آھي (حضرت علي عليه السلام)

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 جون
    ٻارن جي دنيا

    جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي

    پيارا ٻارو! ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان ڀريل ھو. وڏي ڳالھھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا ھئا. خدا جي قدرت ڏسو، ھڪ ڏينھن طوفان آيو ۽ ٻيڙو ھاڻ طوفان جي رحم و ڪرم تي ھو، اچتو ٻيڙو سمونڊ ۾ ھڪ ٽڪر سان ٽڪرايو. ٻيڙو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ھر ڪوئي جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، سوداگر کي ھاڻي خدا ياد اچي ويو ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳو. آخر ڪار ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 جون
    ٻاراڻي شاعري

    سائيڪل

    مون وٽ‌ھڪ سائيڪل آھي باب تحفي ۾‌ڏني آھي ان تي مان گھندو آھيان ڀاڙو ڪين ڏيندو آھيان مود اٿس ميڪ مل ٻآلڪ ڌسي ٿا کبن مفت جي آھي سواري ڏسو ڪيڏي نه آھي پياري اچو ته اوھان کي سير ڪرايان مفت ۾ ٽافيون به کارايان

    وڌيڪ پڙھو
  • دسمبر- 2010 -
    5 دسمبر
    شاعري

    اداسي

    قبر جھڙو سڪوت ڪوئل جي ڪُو ڪُو خاموش نه شادابي نه شگفتي بھار يعني نويد سحر

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button