مقصوديٰ سولنگي

مقصوديٰ سولنگي

مقصوديٰ سولنگي 2006 کان ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪري ڪئي، ٻارن جي ادب لاءِ ڪافي ڪم ڪيو اٿس.
  • اکتوبر- 2011 -
    31 اکتوبر
    آرٽيڪل

    معمر قذافي لبيا کي ڇا ڏنو ڇا ورتو

    مقصوديٰ سولنگي معمر قذافيءَ جهڙي شخصيت جي بي درداڻي قتل جتي دنيا ۾ ان حوالي سان بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي؛ اتي معمر قذافي جي ڪمن ۽ بين اقوامي سياسي منظر نامي ۾ سندس قوم لاءِ ڪيل ڪجه بنيادي مسئلن ۽ سندس انهن لاءَ ڪيل فيصلن تي بحث ۽ مباحثا پڻ ڇيڙي ڇڏيا آهن جيڪي اهي سوال اٿارين ٿا ته ڇا هو واقعي لبيا لاءِ هڪ خطرناڪ سياسي اڳواڻ هيو يا عالمي سرمائيدارن لاءِ اڳتي هلي هڪ للڪار پيدا ڪري ها ان لاءِ کيس منظر تان هٽايو ويو. اچو ته سندس ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪيل اهم فيصلن تي هڪ نظر وجهون

    وڌيڪ پڙھو
  • اگست- 2011 -
    6 اگست
    ٻارن جي دنيا

    ناني امان قسط 4

    ناني امان اسان کي اڪثر ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي اسان ناني امان جي ڳوٺ ويل هيا سين. سياري جي مند هئي ناني امان وٽ رڌڻي ۾ وچ تي چار ڪنڊن سان چلهه ٺهيل هوندي هئي، ان جي وچ تي مٽيءَ جا ٺهيل مارنگ رکيل هوندا هيا اتي ماني ۽ رڌ پچا ءٌ ٿيندو هيو۽ سيءَ کي گهٽائڻ لاءِ مچ ٻاريو ويندو هيو.اتي سڀ سياري ۾ چلهه جي چوڌاري ويهي ڪچهري ڪندا هيا ۽ اسان آرام سان ويهي سندس ڳالھيون ٻڌندا هيا سين. هڪ دفعي اسان چلهه تي ويٺا هيا سين ته چلهه جي واٽ تي وڏي ٿوڻي( وڏي ڏار جي ڪاٺي) پئي هئي اتان لگهندي هڪ ٻه ماڻهو ٿا ٻڙيا، پر ڪنهن اها کنئين ڪونه ناني امان اسان مان ٻن کي چيو ته گڏجي اها ڪاٺي کڻي هڪ پاسي رکو.

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2011 -
    8 جون
    ٻارن جي دنيا

    ناني امان قسط 3

    ناني امان جو هلٽ ڳوٺ ۾ مشهور هيو.اسان ناني امان کان ڪهاڻيون يا انبيائن جا قصا رات جو ٻڌندا هيا سين .چانڊوڪين راتين ۾ جڏهن اڳڻ تي کلي ٿڌڙي هيرلڳندي هئي.ڪهاڻيون ٻڌندي ٻڌندي ننڊ اچي ويندي هئي. هڪ دفعي ڳوٺ ۾ هاڙ جا ڏينهن هيا، درياءَ تي چاڙه هيو۽ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو بند تي چوڪيون قائم ڪيون ويون هيون.چوڪين جو هڪ مقصد تي اهو هيو ته ڪٿي به گهارو پوي ته بروقت ان جي مرمت ڪئي وڃي، ٻيو ڳوٺ جا نوجوان ۽ ٻار پاڻي جي ويجهو نه وڃن ۽ ڪنهن به مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد لاءِ اتي ڪو نه ڪو هجي. پر ڳوٺ ۾ ڄڻ ته بهار اچي وئي هئي. مڇي، ڦاڙهن ۽ ٻين جانورن جو جو شڪار وڌي ويندو هيو.ان کان سواءِ نانگ ۽ بلائون به تمام گهڻيون وڌي وينديون هيون. ڳوٺ جي آسپاس پري پري کان ماڻهون چانڊوڪين راتين جي رهاڻ ڪرڻ بند تي ايندا هئا،سگهڙن جي محفل مچندي هئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 جون
    ٻارن جي دنيا

    اسان جي ناني امان

    اسان جي نانيءَ جي هڪ ٻي عا دت هوندي هئي، جيڪا کين سڀني کان الڳ ڪندي هئي، ناني امان روز ڊائري لکندي هئي ۽ اخبار به پابندي سان پڙهندي هئي. ڳو‎ٺ ۽ آس پاس جا اهم وا قعا، سياست جا اهم واقعا۽ گهرن ۾ ٻارن جي ڄم کان آسپاس شادين برادين جون تاريخون انهن وٽ ٽائيم سميت لکيل هونديون هيون.

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 جون
    ٻارن جي دنيا

    ناني جون نصيحتون

    منھنجي ناني امان ڪثر اڱڻ ۾ ٺھيل مٽي ءَ جي ٿلھي تي وھندي ھئي، ان ٿلھي جي بنا وٽ کٽ جيتري ھوندي ھئي ۽ ان جي مٿن واري پاسي وڻ جي ڪاٺيءَ جو اھڙو تار لڳل ھوندو ھيو، جنھن مان ٽي چار ٻيون شاخون يا ٽاريون نڪرنديون ھيون امان واريون ان کي نھرو سڏينديون ھيون

    وڌيڪ پڙھو
  • دسمبر- 2010 -
    4 دسمبر
    آرٽيڪل

    مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا

    چون ٿا ته پنهنجي وڍي جو نه ويڄ نه طبيب. اهو به وقت هيو جڏهن سنڌي ماڻهون سنڌ جي وڏن شهرن ۾ داخل ٿيندا هئا، ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌاريان سنڏي ٽوپي کي چتائي ڏسندا هئا. انهن ڏينهن کي ياد ڪندي اڄ جي صورتحال ڪيڏي مختلف ۽ مثبت آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button