ٺٽو

مڪلي: ڪولھي برادري جو ٻارڙن سميت احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو
Koolhi community protesting at Makli press clubڌاٻيجي لڳ ڳوٺ حُسنا بچو ڪولهي جي رهواسي پورهيت ڳوٺاڻن عورتن جو ٻارڙن سميت مڪلي تي احتجاج. بااثر شخصيت پاران ڳوٺ مان بيدخل ڪرڻ ۽ حملو ڪري عورتن ۽ مردن کي زخمي ڪرڻ خلاف پبلڪ پارڪ کان مڪلي پريس ڪلب تائين ھڪ احتجاجي مظاهرو سليمان، اسحاق، جمنا، فاطمہ، حورٻائي، لڌو، کمون جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي دانھيندي چيو تہ بااثر شخصيت مريد علي شاھ پنهنجي ساٿين جي مدد سان اسان تي حملو ڪرائي چئن نوجوانن ۽ چئن عورتن کي زخمي ڪري ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيو آھي، ھنن چيو تہ بااثر شخصيت لوڻ جي کاڻ تي قبضي لاء اسانکي زبردستي قديمي ڳوٺ مان بيدخل ڪرائڻ چاهي ٿو، اسين غريب پورهيت لوڻ جي کاڻين تان مزدوري ڪري ۽ مڇي ماري پيٽ گذرندڙ ڪندڙ آهيون، پوليس به انصاف نٿي ڪري. آهي. زخمين سميت احتجاج ڪندڙ ڪولهي برادري جي متاثرين الزام ھڻندي چيو ته بااثر شخصيت جي مداخلت سبب پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، جن مان اسان کي جاني توڙي مالي نقصان جو خطرو آهي. ھنن اعلیٰ اختياريون کي اپيل ڪئي تہ پاڻمرادو نوٽيس وٺي کين انصاف سميت تحفظ مھيا ڪري کين بااثر ماڻھن جي زيادتين مان نجات ڏياري کين بيدخل ٿيڻ کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button