آرٽيڪل

خيرپور ۾ بدامني جو ذميوار ڪير؟

نعيم احمد شيخ

سنڌ جي تاريخي شھر ھزارين سالن کان معتبر تھذيب رکندڙ سنڌو ڪناري آباد ھن شھر جي بدقسمتي جو باب کلي چڪو آھي جو ھتان جا ماڻھو ھاڻي گھرن ۾ به محفوظ ناھن رھيا ڪجھ ڏينھن اڳ لقمان ۾ جاگيراڻي برادري جي نوجوان کي گھر اندر داخل ٿي قتل ڪرڻ واري واقعي کان اڳ ڪيترائي اھڙا ڏکوئيندڙ واقعا خيرپور ميرس کي ويجھي عرصي ۾ ڏسڻ لاء مليا آھن جن جا تفصيل لکنداسين ته تمام ڊگھو مضمون ٿي ويندو ان ڪري پڙھندڙن جي وقت جو قدر ڪندي خيرپور ضلعي جي واڳ ڌڻين کان اھو سوال ڪندس ته ھن شھر ۾ ڪجھ عرصو اڳ ھڪ اھڙو ايماندار پوليس آفيسر آيو ھئو جنھن جي جرئتمنداڻا قدمن خيرپور ميرس کي ان جي وڃڻ کانپوء ڪيترن ئي سالن تائين امن جي نگري بڻائي ڇڏيو ھئو پر بدقسمتي ھن شھر جي جو جڏھن کان ناصر آفتاب پٺاڻ ھي ضلعو ڇڏيو تڏھن کان چورن ڌاڙيلن ۽ ڦورن سميت جنسي زيادتين ۽ قتل ۽ اغوا جھڙن واقعن ۾ اضافو ٿي ويو!
انڌير نگري جا باب وري تڏھن کلڻ شروع ٿيا جڏھن موجوده پوليس آفيسر امير سعود مگسي تمام شاندار انداز ۾ خيرپور ضلعي جي امن ٺيڪو کنيو ۽ پوسٽ سنڀالي! شروعاتي ڏينھن تي ڪنھن فلم جا سين پيا لڳن ۽ ايس ايس پي ان فلم جو ھيرو پئي نظر آيو پر حقيقت ھن حال جي تڏھن نظر آئي جڏھن خيرپور شھر ۾ سالن کان بند پيل جوا ـ منشيات ۽ فحاشي جا اڏا ٻيھر کلي ويا ۽ اھي خبرون سامھون آيون ته انھن اڏن تان منٿلي اگھ ۾ واڌ ڪري ايس ايس پي امير سعود مگسي ٻيھر پنھنجي پوليس معرفت کولرايا آھن ـ جيڪي خبرون ميڊيا تي آيون ۽ ڏوھاري قسم جي ماڻهن به شايد اھي خبرون پڙھي ٻيھر شھرن طرف رخ ڪيو ۽ خيرپور شھر کي ڏوھن جو ڳڙھ بڻائي ڇڏيو!
افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ڏھ سال اڳ دفن ٿيل ـ ختم ٿيل اسٽريٽ ڪرائيم ٻيھر ڪر کڻي شھرين جون ننڊون حرام ۽ سڪون کسي ورتو آھي جنھن جو دليل تازو ڪجھ ڏينھن اڳ رپورٽ ٿيل ڪيس شاھ لطيف يونيورسٽي جي ٻن شاگردن ياسر عرفات ولد ڪريم بخش منگي ۽ عاطف ولد در محمد منگي کان ٻه ماسڪ پاتل ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي ٻنھي ڄڻن کان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا!! واقعو بلاول ڀٽو زرداري پارڪ کان چانڊيا موڙ طرف ويندڙ روڊ تي پيش آيو!!
عيد ويجھو ايندئي ۽ سالن کان ٻرڙن ۾ لڪيل ڏوھاري قسم جا ماڻھو ٻيھر ٻرڙن کان ٻاھر نڪري آيا آھن جنھن عمل خلاف شھرين پاران احتجاجي مظاھرا توڙي سوشل ميڊيا تي مسلسل تحريڪون ھلائڻ ۽ صحافي توڙي ڪالم نگارن پاران لاڳيتو پوليس انتظاميه جي نااھلي جون خبرون اخبارن ۾ لکڻ کانپوء به ھتان جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاھ جيلاني ۽ ايم پي اي سيد قائم علي شاھ جيلاني جي ڪن تي جون به نه ٿي چري جو اھي شھرين سان ٿيندڙ زيادتين ايوانن ۾ آواز اٿاري پنھنجي اباڻي شھر ۾ ڪو ايماندار ۽ باصلاحيت آفيسر مقرر ڪرائي شھرين کي امن امان فراھم ڪن!!

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button