ھنڱورجا

ھنڱورجا ۾ پاران لطيفي لات جي محفل، وائي، بيت ۽ تنبوري سان ٻڌندڙن لطف ماڻيو

عزيز ميمڻ ، هنڱورجا

Shah Abdul Lateef Raag Mahfilشاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحه جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هنڱورجا لڳ ڳوٺ غلام سرور جانوري ۾ غلام محمد جانوري پاران لطيفي لات جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي فقيرن ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. لطيفي لات جي محفل ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحه جي فقيرن فقير گل محمد پهوڙ، فقير منٺار علي جوڻيجو، فقير وريام خاصخيلي، فقير عنائت علي جوڻيجو شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري وائي، بيت ،تنبوري جي ساز ۾ سريلي آواز سان ڳائي محفل ۾ موجود ماڻهن کي مُنڊي ڇڏيو.جڏهن ته محفل ۾ موجود سماجي شخصيتن سيد عنائت علي شاھ، غلام محمد جانوري،غلام سرور جانوري،علي گوهر جانوري ، اطهر جانوري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحه دنيا جو تمام وڏو شاعر آهي جنهن جي شاعري ۾ امن ، محبت ۽ ڀائچاري جو پيغام ڏنل آهي ان ڪري شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحه جي پيغام کي جھر جھنگ ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button