قبوسعيدخان

ٻيٽن وارو معامرو: قبوسعيدخان ۾ ايس ٽي پي پاران مڪمل ھڙتال

شبير مگسي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، قبوسعيدخان
Protest at Qubo Saeed Khan 1سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي قبضي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن جيان قبوسعيدخان ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري وفاق جي ناجائزين خلاف مين بس اسٽينڊ تي احتجاج مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن رئيس غلام نبي چنو ، عبدالغني مگسي ، غلام  مصطفيٰ  بروهي ، محمد علي کوسو ، عبدالوحيد کوسو ، عبدالرحيم مگسي، عبدالوحيد چنو ، سميت ٻين ڳالهائيندي چيو ته ته وفاق هر وقت سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رهي آهي جيڪو ناقابل برادشت آهي هاڻي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين ، هنن وڌيڪ چيو ته وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت پڻ ملوث آهي سنڌي ماڻهو ڪڏهن به اهڙي فيصلي کي تسليم نه ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button