قبوسعيدخان

جشن عيد ميلاد النبي جي قبو سعيد خان ريلي ۽ جلسو

شبيرمگسي، قبوسعيدخان
Jashan Eid Milad Nabi at Qubo Saeed Khanجشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ اڄ پوري دنيا سميت قبوسعيدخان ۾ به اصلاحي جماعت اهلسنت پاران عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي ۽ الحسيني مسجد تي زبردست جلسو ڪيو يو جنهن ۾ هزارين عاشقان رسول شرڪت ڪئي ۽ هر طرف مرحبا يا مصطفى، سرڪار جي آمد مرحبا آقا جي آمد مرحبا جي نعرن سان فضا گونجندي رهي، جڏهن ته عيد ميلاد النبي صلي الله عليه و آله سلم جي سلسلي ۾ ريلي جي قيادت ولي داد بروهي ڪئي ريلي ۾ حضوربخش مگسي، شهنشاھ، فقيرعلي بخش کڇي، ،فقير شبير کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
حسيني مسجد ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو جتي نعت خوانن پڻ نعتون شريف پڙهي خوب داد حاصل ڪيو ۽ علماء ڪرام خطاب ڪندي چيو ته ٻارنهن ربيع الاول جو ڏينهن اسان مسلمانن لاءِ بابرڪت خوشي ۽ عيد جو ڏهاڙو آهي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه و آله وسلم جي آمد اهل ڪائنات لاءِ هڪ خوشي جو باعث آهي خداوند ڪريم اسان امت تي آخري نبي موڪلي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي ۽ اسان وڏا خوش نصيب آهيون جنهن نبي پاڪ تي خداوند ڪريم ۽ ان جي ملائڪ درود پاڪ پڙهن ٿا ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه سعادت نه آهي اسان جو پيارو نبي صلي الله عليه و آله وسلم رحمت العالمين آهي هي ڏينهن قيامت تائين وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا رهنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button