ھنڱورجا

ڪنڊيارو جو پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ ھنڱورجا پريس پھچي ويو، وارث قتل ٿا ڪرڻ چاھين

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
Love marriage coupleڪنڊيارو جي ڳوٺ پراڻو شهمير جي پسند جو پرڻو ڪندڙ پريمي جوڙي نوجوان ناري ناديه بٽ نوجوان وقار احمد ميمڻ هنڱورجا پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ کانپوءِ سندس وارث جان جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ اسان ٻنهي کي ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم تحت قتل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اسان ٻنهي جي زندگي کي خطرو آهي جنهن ڪري درپدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. ناري ناديه بٽ ٻڌايو ته شريعت محمدي موجب وقار احمد ميمڻ سان شادي ڪري ڪو به گناھ جو ڪم ناهي ڪيو پر اها ڳالھ منهنجي والد ۽ ڀائرن کي پسند ناهي جنهن ڪري اهي منهنجي مڙس ۽ ان جي گھر ڀاتين کي محبت ديرو ٿاڻي پوليس سان ملي ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ردل آهن جڏهن ته نوجوان وقار احمد ٻڌايو ته پسند جي شادي ڪرڻ کانپوءِ مخالفن پاران گھر تي قبضو هجڻ ڪري اسان ٻئي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن وزير اعليٰ سنڌ ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسان ٻنهي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙن جي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button