فريدآباد

فريدآباد: پنج ڏينھن اڳ قتل ٿيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا، وارثن جو احتجاج

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

Faridabad protestفريدآباد لڳ ڪاڇي جي ڳوٺ موجهڙ ۾ 5 ڏينهن قتل ٿيل نوجوان حضور بخش چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو،مقتول جا قاتل سرعام گهمي رهيا آهن شاھ گودڙيو پوليس ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري،وارث آءِ جي سنڌ ڊي آءِ حيدرآباد ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن
خبر موجب فريدآباد لڳ ڪاڇي جي ڳوٺ موجهڙ ۾ معمولي ڳالھ تان قتل ٿيل نوجوان مقتول حضور بخش چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن امڙ شاھ گل پيءُ حامد چانڊيو زال بيواه زينت،محمد وارث ۽ ٻين وارثن احتجاج ڪندي دانهيون آهي ته بااثر جوابدارن علي شير، علي رضا، نهال خان، علي چانڊيو ۽ ٻين بنا جواز اسان جي بيگناھ نواجون حضور بخش چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي جنهن سبب اسان جي گهر ۾ قهرام متل آهي هنن وڌيڪ چيو ته مقتول جا قاتل سرعام گهمي رهيا آهن پر شاھ گودڙيو پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪارروائي نه پئي جنهن سبب جوابدار اسان کي وڌيڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اعلي اختيارن کان گهر ڪئي ته بااثر جوابدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button